• ناھيون ذات انگريز دؤر کان موجوده تائين
انگريز دؤر ۾ جڏھن تعليم عام متعارف ڪرائي ويئي، تڏھن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو ڄار شروع ڪيو ويو ته به افسوس سان چوڻو ٿو پوي ناھيون ذات ۾ تعليم، ڪن خاص تائين رھجي ويئي آھي. ناھيون ذات جو ڪافي حصو پڙھيل ته آھي، پر صرف چند آڱرين تي ڳڻڻ وارن کان سواءِ ڪو به يونيورسٽيءَ جو سند يافته ناھي. حالانڪ سنڌ جون موجوده يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندن گھر جي دروازي تي ھئا. مردن ۾ تعليم ته جيئن جو تيئن پر عورتن ۾ بلڪل نه ھئڻ برابر آھي. سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين ۾ پڻ سندن حصو آڱرين تي ڳڻڻ برابر به ناھي. سنڌ ۾ موجود سندن آباديءَ جو جيتوڻيڪ ڪو يقيني ڪاٿو ته معلوم ناھي ٿي سگھيو. پر پوءِ به سندن آبادي چند ڏھاڪن ھزارن کان مٿي نه ھوندي.
مجموعي طور تي نظر وجھڻ سان ناھيون ذات جيڪڏھن ڪا ناليواري، سياسي يا سماجي ھستي ناھي ڏئي سگھي جنھن تي ناز ڪجي، ته رھزن، ٺڳ ۽ بدنام زمانه شخصيت به ناھي ڏئي سگھي، جنھن تي شرمندگي ٿئي. ان ڪري ھيءَ قوم اڄ جي شريف، ھيڻين ۽ سادين قومن ۾ ليکي سگھجي ٿي. ان کان علاوه ھن ذات جا ماڻھو جيتوڻيڪ پاڻ ۾ آپت جا کوٽا ۽ ٻيائي رکندڙ آھن پر ٻي قوم جي جلھ وقت شريف مان شودا، ھيڻن مان حوصله مند، سادي مان سچا ۽ آپت جي کوٽائي جا ويڇا وساري ملي متحد ٿي ويل نظر آيا آھن، جنھن جا پڻ ڪيترا ئي تاريخي مثال آھن. نه ڪنھن کي زير ڪيو اٿن ۽ نه ڪنھن جا زيردست رھيا آھن، بلڪ پنھنجي دائري ۾، پنھنجي ھڪ الڳ حيثيت قائم رکي اٿن.
ھن دؤر وچ ۾، جيڪي ناميارا ماڻھو پيدا ٿيا، جن تر ۾ خدا ترسي، سخا، رواداريءَ ۽ مھمان نوازيءَ جي ڪري نالو پيدا ڪيو، تن ۾ حاجي درياءَ خان، حاجي يار محمد، ارباب محمد سومار، وڏيرو گل حسن ۽ ٻيا ڳڻي سگھجن ٿا.