• حيدرآباد شھر ۾ ’ناھين جي پڙ‘ جو مختصر احوال
”جنوري ۱۷٦۷ع ۾ قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي ھڪ نئون قلعو ٻڌايو ويو، جيڪو اڄوڪي حيدرآباد جو بنياد پڻ آھي. قلعي ٺھڻ کان پوءِ ميان غلام شاه اتي رھائش به اختيار ڪئي ۽ شاندار شھر جو بنياد رکيو. جيڪو اڳتي ھلي حيدرآباد جي نالي سان ملڪان ملڪ مشھور ٿيو. حيدرآباد شھر جي آباد ٿيڻ بعد ميان غلام شاه جي پٽ ميان سرفراز ڪيترائي شھر پڻ جوڙايا. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ قلعي جي ڀرپاسي ذات جا ناھيان ۽ گوله رھندا ھئا، ليڪن ھاڻوڪي حيدرآباد ۾ ذات پات جو ڪو ڪاٿو رھيو ئي ناھي ۽ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي آھي........“
مٿيئن حقيقت جي پيش نظر ’ناھين جي پڙ‘ يا حيدرآباد شھر سان ناھيون ذات جي وابستگي وارو عرصو ’ڪلھوڙا دؤر‘ کان وٺي ڳڻي سگھجي ٿو. قديم حيدرآباد ھونئن به مختلف پڊن ۽ پڙن ذريعي سڃاتو وڃي ٿو. جيئن؛ واڍن جو پڙ، ڪورين جو پڙ، ڪاسائين جو پڙ، ناھين جو پڙ وغيره. جيڪي نه صرف ھن شھر جي قدامت جو اھڃاڻ پر سندس اصلي رھاڪن ۽ بنياد رکندڙن جو، بنا ڪنھن تمھيد جي، پڪو ثبوت پڻ آھن.
حيدرآباد جي ان ناھين جي پڙ ۾، ڳوٺ ناھيانھون کان سڌو سنئون آيل ناھين کان علاوھ ڪجھ گھر شھداد فقير واري ڳوٺ کان ته ڪجھ گھر دڙي ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن کان ۽ ان کان علاوه، نوابشاه ضلعي ۾ موجود ناھين جي ڳوٺ، (جيڪو عرف عام ۾ ”گدڙ وارو ڳوٺ“ ٿو سڏجي) جا ناھيان پڻ شامل ھئا. بعد ۾ ضلعي ٽنڊوالھيار جي موجوده ڳوٺ الھڏنو ناھيون مان ڪي گھر به اچي آباد ٿيا. جنھن سان ناھين جو پڙ پڻ، ھڪ چڱو خاصو ڳوٺ بنجي ويو. جتي مختلف مذھبي تھوارن مطابق ڪڏھن مولودن جون محفلون ته ڪڏھن نڙ بيتن ۽ سگھڙن جي سٿ لڳل رھندي ھئي. محرم الحرام جي ڏھاڙي ۾، پڙ نڪرڻ سان گڏوگڏ ننگر نياز به خوب ٿيندا ھئا. مطلب ته ذات پات ۽ مذھبي مسلڪن کان ھٽي ڪري، ھر تقريب وڏي ادب ۽ اھتمام سان ملھائي ويندي ھئي. جيڪو سڀ ڪجھ حيدرآباد بنجڻ کان وٺي ڪجھ سال اڳ تائين، جيئن جو تيئن، قائم ھو. ھتي ناھيون قوم جا ماڻھو پشت به پشت رھندا پئي آيا. تانجو اچانڪ ۱۹۸۰ ۽ ۱۹۹۰ع واري ڏھاڪي ۾ لساني فساد ٿيا ۽ سڀ ڪجھ ھڪ خواب بنجي ويو. اڄ به جيتوڻيڪ نشريات ۽ اشاعت ۾ حيدرآباد جي ’ناھين جو پڙ‘ جو نالو برابر اچي ٿو، پر اتي ڪو به ناھيون ذات سڏائڻ وارو ڪونھي. سڀ پنھنجي خيال موجب، محفوظ مڪانن ڏانھن ھليا ويا.
اھڙي صورتحال بابت، ماھوار رسالي ’سھڻي‘ جي جولاءِ ۱۹۸۹ع واري شماري ۾ شاعره سحر امداد صاحبه حيدرآباد ۾ نسلي جھيڙن ۽ ان سبب ٿيل ناھين ۽ ٻين سنڌين جي لڏپلاڻ جو ذڪر مرثيي جي صورت ۾ لکيل ھڪ نظم ’پن ڇڻ جون موسمون ۽ راتيون اماس‘ ۾ ڪندي ”ناھين جي پڙ“ جي ناھين جو حوالو ھيٺئين طرح ڏنو آھي:
’ناھين جي پاڙي جا، سڀئي ناھيان ويا ڪٿي،
ميــرن جــي فــوج جا اھي فوجي ويا ڪٿي؟
ھندستان جي سنڌي ليکڪ سندري اُتمچنداڻي پڻ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي ’ناھين جي پڙ‘ حيدآباد سنڌ ۾ ڄائي ۽ مئٽرڪ اتان جي تولارام اسڪول مان ڪيائين.
ڪلھوڙن جي دؤر ۾، ناھيون قوم جا ماڻھو، گھڻن ئي حڪومتي ۽ انتظامي عھدن تي فائز به رھيا. ڪيترن ڪلھوڙن سان رشتيداري به ڪئي، جا ڪن ھنڌن تي اڄ ڏينھن تائين نسل در نسل ھلندي پئي اچي ۽ ڪٿي ته ڪلھوڙا، ناھيون ۽ ناھيان، ڪلھوڙا ٿا سڏائين. جنھن جو ھڪ مثال، بدين ضلعي ۾ موجود ڳوٺ نور محمد ناھيون جا ناھيان ۽ حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي، قبو بس اسٽينڊ جا ناھيان ۽ ڪلھوڙا آھن. ان کان علاوه، ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پڻ اھڙي قسم جي مائٽيءَ جا مثال ملن ٿا.