لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• سنڌ سلامت پارانوڏيري گل حسن ۽ ٻين پسگردائي وارن ڳوٺن جي ناھين جو ٺٽي ضلعي ۾ اچڻ ۽ رھائش اختيار ڪرڻ

ٺٽي ضلعي ۾ موجود ناھين جي ڪجھ ڳوٺن جھڙوڪ؛ ڳوٺ وڏيرو گل حسن، ڳوٺ محمد ابراھيم ۽ پسگردائي وارن ٻين ڳوٺن جو، دڙي واري ڳوٺ ۽ ٻين لاڳاپيل ڳوٺن کان ٺٽي ڏانھن ڪوچ ڪرڻ جو سبب ھڪ ته ناريجي سردار جو سڱ گھرڻ ۽ ٻيو مدد خان پٺاڻ جي ڪاه چئي سگھجي ٿو. ياد رھي ته ٺٽي شھر جا موجوده ناھيان، ڪڇ کان سنڌ اچڻ تي، سمن سان گڏ گڏ پھرين ئي ھاڻوڪي ٺٽي شھر پھچي چڪا ھئا ۽ ڪي واري ڳوٺ ناھيانھون ڦٽڻ کان پوءِ درجي به درجي ساڻن شامل ٿيندا ويا. جن مان ڪي گھر وقت ۽ حالتن پٽاندر ڪوچ ڪري وڃي ڪراچيءَ ۾ مستقل مقيم ٿيا آھن. اھڙيءَ طرح ھاڻوڪي تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ آباد ناھين جي ڳوٺن کي پڻ مٿين ڳوٺن جي ڦٽڻ ۽ ڄاڻايل سببن ڪري ھتي ڪوچ ڪري آيل سمجھڻ گھرجي.
بھرحال روايت مطابق ته دڙي واري ۽ لاڳاپيل ڳوٺن ڦٽڻ کان پوءِ، سن ۱۷۸۴ع ۾ ٽي ڀائر؛ ڪمال، ڪنڊو ۽ بخشو ھڪ ڀيڻ سميت ھاڻوڪي غلام اللھ شھر کان تقريبًا ۸ ڪلو ميٽر پري، ڏکڻ اولھ طرف ھاڻوڪي ديھ ڪيھڪي ۾ اچي آباد ٿيا. ھنن ۾ ڪمال وڏو دلير ۽ نامي گرامي ڌاڙيل ھو، جنھنجو ڌاڪو پري پري تائين مشھور ھو.
جسماني طرح پاڻ ھلڪو ۽ ظاھري طرح نھايت سادو لڳندو ھو. مٿي تي پراڻي پوتڙي جي ٻڌل ڀينڊي، سندس خاص نشاني ھئي. وٽن گذر بسر ڪرڻ لاءِ ڪا به زرعي زمين ڪا نه ھئي ۽ سندن گذران ھڪ ته مال پالڻ سان ۽ ٻيو ڪمال جي ڌاڙن ۽ ڦرن مان ھٿ ڪيل زر تي ٿيندو ھو.
انھن ئي ڏينھن ۾ ۽ اڄ به ديھ مھر، تپو گھوڙا ٻاڙي ۾ ٻڍاڻي قوم جو ھڪ وڏو ڳوٺ آباد ھوندو ھو. ڳوٺ جو وڏو، چڱو خاصو زبرو زميندار ۽ مالدار ھو. ھڪ دفعي جو ذڪر آھي ته ڪمال ڪٿان موٽندي شام جي وقت، ھُن جي ڳوٺ ڀرسان گذريو ته ان وقت ٻڍاڻي سردار ٻين سان گڏ ڳوٺ کان ٻاھر اوطاق تي ڪچھري ۾ لطف اندوز ھو. ڪمال تي نظر پوندي ئي، سندس سڃاڻپ متعلق حاضرين کان پڇائين. اڪثريت کيس يقين ڏياريو ته؛ ’اھو ڌاڙيل ڪمال ناھيون آھي.‘ پاڻ انوقت ئي پنھنجي خدمتگارن کي ڪمال تي ڪتا ڇڏڻ جو حڪم ڪيائين. حڪم جي بجا آوري ٿي ۽ ڪتا ڪمال کي وارئي ويا. جن مان جيئن تيئن ڦٿڙي سٿڙي جان ڇڏائي ھو ٻڍاڻي سردار وٽ پھتو ۽ کيس چيائين؛ ’جيڪڏھن تو کي مون کان شڪايت ھئي ته مونکي سڏي چوين ھا، پر تو مون تي ڪتا ڇڏي سٺو نه ڪيو آھي. جي مڙس ھوندس ته تو کان ان جو پلئه ضرور ڪندس‘.
ڪافي ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، ڪمال جي دل ۾ ٻڍاڻي سردار کان پلاند وٺڻ جو پھ پڪو ٿيو ۽ پاڻ اوڏانھن روانو ٿي ويو. ٻڍاڻين جي ڳوٺ، خاص طور تي سردار جي گھر کي، ڪچو ڪوٽ آيل ھو، جيڪو ٽپي، سندس گھر اندر سندس سمھڻ واري ڪمري ۾ داخل ٿيو. ان وقت ٻڍاڻي، پنھنجي گھرواريءَ سان گڏ ننڊ ۾ آرامي ھو. روايت مطابق ته ٻڍاڻي سردار ھڪ دنبو (گھيٽو) ڏاڍي چاھ سان پاليو ھو، جنھن جي سڱن تي سونن کوپن سان ھڪ تاج ھميشه چڙھيل رھندو ھو ۽ اھو گھيٽو ٻڍاڻي جي خوابگاھ جي در تي ٻڌل رھندو ھو. بھرحال ٻڍاڻي سردار کي عورت سان گڏ ستل ھئڻ جي صورت ۾، نه ته مارڻ مناسب سمجھيائين ۽ نه وري کيس جاڳائڻ روا سمجھيائين. ان ڪري نشاني طور، سردار جي ڀت سان ٽنگيل تلوار مياڻ مان ڪڍي، سندس پاسي کان ۽ گھيٽي جي مٿي تان تاج لاھي، سندس سيرانديءَ کان رکي، پاڻ گھيٽو کڻي واپس ڳوٺ ھليو آيو.
صبح جو سجاڳ ٿيڻ تي ٻڍاڻي سردار ھيءَ وارتا ڏسي، حيران رھجي ويو ۽ غصي ۾ اچي ان وقت جي حڪمران سپاھ (پوليس يا فوج) وٽ فريادي ٿيو ۽ کين ساڻ ڪري ڪمال جي ڳوٺ تي ڪاھي آيو. ڪمال پاڻ ان وقت گھر ۾ ئي موجود ھو. جنھن پنھنجي ٻئي ڀاءَ کي چيو ته؛ "مھمانن کي گھيٽو ڪھي، رڌي پچائي ماني کاراءِ. پوءِ آئون پاڻ اچي ساڻن ملان ٿو." سندس ڀاءُ ائين ئي ڪيو. تنھن بعد ڪمال پاڻ به آيو، جنھن کي ڏسي خود سپاه کي به يقين نه آيو ته ’ھيڏو ڌاڪو ڄمائيندڙ ڌاڙيل ڪمال، ھيءُ ئي ٿي سگھي ٿو!؟‘ بھرحال ڪمال اچي پيش پيو ۽ عرض ڪيائين ته؛ ”ڪنھن به ڪارروائي ڪرڻ کان پھرين سندس ڳالھ ضرور ٻڌي وڃي“. ٻڍاڻي سردار ۽ سپاھ جي اڳواڻ جي اجازت سان، ھن پنھنجو بيان ڪتا ڇڏڻ واري ڳالھ کان شروع ڪيو ۽ پوءِ سردار کي نه مارڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته؛ ”ھن جيئن ته نياڻي (عورت) کي سردار سان گڏ ستل ڏٺو، ان ڪري کيس مارڻ مناسب نه سمجھيو ۽ ان ئي نياڻي مھابي کيس ڇڏي ھليو آيو“. اھا ڳالھ ٻڌي ٻڍاڻي سردار، ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ نه صرف ڪمال کي معاف ڪيائين، پر خود به معافي وٺي، ساڻس پڳ مٽ ياري پڻ رکيائين، جا اڄ تائين ٻنھي جي پوين ۾ پڻ خوشي توڙي غمي ۾ ھڪ ٻئي وٽ اھل عيال سميت اچڻ وڃڻ سان قائم ۽ دائم آھي.
ھن واقعي کان ڪو عرصو پوءِ، ڪمال ڪنھن طرف ڌاڙي تي ويو. جتي جھلجي پيو ۽ ڀاڳين کيس خوب ماريو ڪـٽيو. آخر ۾ قميص لھرائي، سندس ڇاتيءَ تي باھ ۾ تتل ڪوڏر رکي ويئي. ان عذاب کيس جھوري وڌو ۽ پاڻ دل جي جذبات طور اتي ھڪ شعر چيائين جيڪو ھن ريت آھي.
’ساه اچين ته اچ، وڃين ته وڃ،
نه ته ڪانھي ڪاڻ ڪمال کي.‘
اھو ڌاڙو ۽ سزا، ڪمال جي زندگيءَ جا آخري ڏينھن ثابت ٿيا. ڪي ٿورا ڏينھن پاڻ ڳوٺ ۾ معذورن جيان رھيو ۽ ڌاڙي مان ھٿ ڪيل سموري ملڪيت، ڀائرن جي حوالي ڪري، کين چيائين ته؛ ’ھو ٻڍاڻي سردار وٽ وڃن ۽ کيس چون ته هن مان سندن لاءِ زمين خريد ڪري.‘ جنهن تي ٻڍاڻي سردار، دوستيءَ جو حق نڀائيندي، ھاڻوڪين ديھن؛ ناھڪي، ڪيھڪي، ڇڇ ساھڙڪو، ابراھيم شاھ، ڄامائي ۽ ٻارو سري ۾ لڳ ڀڳ چاليھ ھزار ايڪڙ زمين خريد ڪري، سندن حوالي ڪئي، جا اڄ به سندن پوين ۾ حصن ۽ پتين تحت ورھائبي پئي اچي.
بعد ۾ ھنن ناھين مان ئي فقير عبداللھ ناھيون جا، تعلقي ميرپور ساڪري ۾ غلام اللھ شھر جوڙائيندڙ تاجپوري نواب غلام اللھ (وفات ١٢٥٣ھ بمابق ۱۸۳۸ع) سان، جيڪو مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي ڏينھن ۾ ٿرپارڪر جو گورنر ھو، تمام سٺا دوستي جا لاڳاپا رھيا ۽ کيس غلام اللھ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ وقت، ھر طرح جي مدد ڪيائين. سندس ذڪر، ڪتاب ’ڪلام نواب ولي محمد لغاري‘ ۾ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ھيئن ڪيو آھي: ’ھڪ روايت موجب فقير غلام اللھ، غلام حيدر فقير ’تيرھيو‘، عبداللھ فقير لغاري تاجپوري، فتح فقير خان ٽالپور، فقير عبداللھ ناھيون ۽ لڌو فقير عرف لالو پاڻ ۾ صحبتي ھئا.‘