لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• اربابن جو مختصر شجرو:

”پساهيو“ تنهن کان پوءِ ’ارباب ٺريو‘ (سندن رشتي جي ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي). ارباب ٺريو، ڪلهوڙا دؤر کان اڳ رياست جو وارث هو. ارباب ٺريي کان پوءِ سندس ڀاڻيجو ”ارباب ستابو“ راڄ ڌڻي بڻيو. ارباب ستابي کي هڪ پٽ، جنهن جو نالو هن پنهنجي مامي پويان ”ٺريو“ رکيو، جو پوءِ سندس پڄاڻان راڄ ڌڻي بڻيو. ان ارباب ٺريو جو پٽ ارباب محمد علي (اول)، جنهنجو پٽ ارباب شجاع محمد (اول). ارباب شجاع محمد کي ٻه پٽ: هڪ ارباب احمد خان (موجوده ڳوٺ جي نالي واري وفات ۱۹٦۵ع) ۽ ٻيو ارباب جان محمد- ارباب احمد خان جو پٽ ارباب محمد سومار ( وفات ۲۲ ڊسمبر ۱۹۸۴ع)، جنهن جا چار پٽ: ارباب بقادار (موجوده راڄ ڌڻي)، ارباب احمد خان (ٻيو)، ارباب شجاع محمد (ٻيو) ۽ ارباب محمد علي (ٻيو).