لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ڳوٺ حاجي يار محمد ناهيون

ڳوٺ حاجي يار محمد ناهيون، ديهه آبڙي، تپو ٽنڊو ڄام، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد جو هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي. ستن گهرن تي مشتمل هن ننڍڙي ۽ سهڻي ڳوٺڙي جي آدمشاري تقريبًا، پنجاھ جي لڳ ڀڳ آهي. منجھس رھندڙ، سڀ هڪ ئي ڏاڏي جو اولاد آهن ۽ هر گهر کي ٿوري گهڻي پنهنجي زرخيز زمين آهي، جنهن ۾ تقريبًا انبن جا سهڻا باغ آهن. ان کان علاوه ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو، سرڪاري توڙي خانگي ڌنڌن سان پڻ لاڳاپيل آهن. ڳوٺ جي ڀرسان ئي الهندي طرف کان، ٻارهوئي وهندڙ ايشيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو روهڙي ڪئنال ۽ ڳوٺ جي چئني پاسن کان موجود انبن جا باغ، هن ڳوٺ جي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڃاڻ آهن. ڳوٺ ۾ خواندگيءَ جي شرح ۷۰ کان ۸۰ سيڪڙو آهي. جن مان ٦۰ سيڪڙو شرح مردن جي ۽ باقي عورتن جي آهي. منجھانئن اڪثر يونيورسٽيءَ جا سنديافته آهن. ڳوٺ جا ماڻهو، شروع کان ئي آسودا، پيري فقيريءَ جا پوئلڳ، خداترس، ديانتدار ۽ راڄوڻا آهن. وقت ۽ حالتن پٽاندر، سندن مذهب ڏانهن رجحان ۽ عقيدت ايتري هئي جو سندن اوطاقن تي هميشه خير خيرات، راڳ رنگ، نڙ بيتن ۽ مولودن جون محفلون قائم رهنديون هيون. جيتوڻيڪ اڄ اهي شيون حالتن مطابق منجهائن ڪافي گهٽجي ويون آهن، پر پوءِ به اڄ تائين جاري ۽ ساري آهن. گل حسن عرف ڪالو ان ڏس ۾ پنهنجي وقت جو تر ۾ هڪ سٺو مولودي رهيو آهي.
موجوده ڳوٺ، حيدرآباد ضلعي ۾ ڪنهن زماني ۾ موجود ناهين جو ھڪ وڏو ڳوٺ ”شهدادپور فقير وارو ڳوٺ“ ڦٽڻ کان پوءِ چوٿين اڏاوت آهي. جيڪا ۱۹۴۷ع ڌاري ڳوٺ جي چڱي مڙس حاجي يار محمد (وفات ۱۹۵۵ع) جي قائم ڪرڻ ڪري، سندس نالي پويان اڄ تائين سڏجي پيو.
حاجي يار محمد پنهنجي حيثيت سارو نهايت سخي ۽ مهمان نواز رهيو آهي. انصاف ۽ مختلف راڄن وچ ۾ صلح جوئي ڪرائڻ ۾، سندس ڪيترا ئي واقعا تاريخي حيثيت رکن ٿا.
کانئس علاوھ، سندس ٻيا ڀائر به تر ۾ سخاوت ۽ ديانت، عقيدت ۽ احترام، انصاف ۽ صاف گوئيءَ ۾ انتهائي ناليرا مڙس رهيا آهن پر انهن مڙني ۾ وري محمد حيات سڀني کان سرس رهيو. جنهن لاءِ مشهور آهي ته هر ايندي ويندي مسافر کي سڏي ماني کارائيندو هو. اهو ئي سندس مهمان نوازيءَ جو نتيجو هو جو جڏهن به سفر لاءِ اسھندو هو ته پاڻ سان گڏ هلڻ وارن کي تاڪيد ڪندو هو؛ ”ڪو به پاڻ سان ماني نه کڻي!“ ڇو ته سندس راهي پوکي ۽ ڄاڻ سڃاڻ، سنڌ ۾ پري پري تائين هوندي هئي ۽ هر ڪو کيس اکين ۾ جاءِ ڏيندو هو.
هن ڳوٺ ۾ سرڪار طرفان ٻن ڪمرن تي مشتمل مسجد پرائمري اسڪول، بجلي ۽ پڪي رستي جون سهولتون ميسر آهن.
مختصر شجرو ڳوٺ ماڪن کان ڳوٺ حاجي يار محمد تائين:
لؤنگ (اول) جو پٽ؛ حيات (اول) جنهن جا ٽي پٽ: محمد صديق، کٻڙ (سوالي) ۽ ڪريمڏنو.
کٻڙ (سوالي) جا چار پٽ: ڦوٽو، حيات (ٻيو)، حاجي يار محمد (موجوده ڳوٺ ٻڌرائڻ وارو- وفات ۱۱ ڊسمبر ۱۹۵۵ع بمطابق ١٦ ربيع الثا ني ١٣۷۵ھ) ۽ لؤنگ (ٻيو).
ڪريمڏنو کي هڪ ڌيءُ زوجه علي (ٻيو) جنهن مان پٽ: ستارڏنو، صديق، ماڪن، ڪريمڏنو ۽ ڌيءُ زوجه عبدالرحيم. محمد صديق کي ٻه ڌيئرون: هڪ زوجه صحب ۽ ٻي زوجه علي (اول). زوجه صحب مان هڪ ڌيءُ زوجه حيات ۽ هڪ پٽ الله ڏنو. زوجه علي (اول) مان ٻه ڌيئرون هڪ زوجه واحدڏنو ۽ ٻي زوجه ڦوٽو.
ڦوٽو جو هڪ پٽ ڄام (بي اولاد-وفات ٢٨ رجب ١٣٦٠ھ) ۽ ٻيو پٽ احمد علي (خاندان جو پهريون پڙهيل فرد- وفات١۹ جنوري١۹۹٠ع). احمد علي جا پٽ: حاجي حسن علي ۽ رجب علي.
حاجي حسن علي جا پٽ: منير احمد، ارشد علي ۽ سهيل احمد. رجب علي جا پٽ: ناصر علي ۽ ياسر علي.
حيات (ٻيو) جا ٻه پٽ: هڪ گل محمد (گلو، بي اولاد رهيو) ۽ ٻيو گل حسن (ڪالو- وفات ۴ اپريل ١۹۹۴ع) جنهن جا ٽي پٽ: محمد حيات (ٽيون)، محمد سليم ۽ گل محمد (گلو ٻيو). حاجي يار محمد جا ٽي پٽ: محمد اسماعيل (آچو، بي اولاد وفات ڪري ويو)، گل محمد (گلڻ- وفات اربع ۱۷سيپٽمبر ٢٠٠٣ع بمطابق ١۹ رجب ١۴٢۴ھ) ۽ خدا بخش.
گل محمد (گلڻ) جا ٽي پٽ: يار محمد (ٻيو)، غلام مصطفيٰ (ليکڪ) ۽ غلام دستگير.
يار محمد (ٻيو) جا ٻه پٽ: سجاد حسين ۽ وقار حسين. غلام مصطفيٰ جا ٻه پٽ: ابوبڪر ۽ علي. غلام دستگير جا ٽي پٽ: محمد ڪيف، سيف الله ۽ سميع الله.
خدابخش (وفات ٢٣ نومبر٢٠١٠ع( جا پٽ: محب علي، قمبر علي، پپن علي ۽ محمد فياض. لؤنگ (ٻيو-وفات ٩ شوال ١٣٥٨ھ) جا ٽي پٽ: کٻڙ (ٻيو- وفات آگسٽ ١۹٨۷ع)، آگيڏنو ۽ سليمان (بي اولاد وفات ڪري ويو).
کٻڙ (ٻيو) جا پٽ: رسول بخش، نواز علي (وفات ٢٨ فيبروري ٢٠٠٣ع(، نظر علي ۽ وحيد علي. آگيڏنو جا پٽ: لؤنگ (ميجر)، ايوب، عبدالرزاق، سليمان ۽ سڪندر.
الله ڏنو پٽ صحب، ڦوٽو جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ڄاوا: ڌڻي بخش ۽ صحب (ٻيو). الله ڏنو بعد ۾ جنن وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ ڳوٺ خانپور ڏانهن لڏي ويو.