لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ڳوٺ سڄڻ ناهيون

ديھ راڄپري، تپو ٽنڊو قيصر، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد جو هي ننڍڙو ڳوٺ، ٽنڊوڄام کان ڏکڻ اولھ طرف تقريبًا ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٽنڊو قيصر جي لنڪ روڊ تي، تقريبًا ۱۵ گهرن ۽ سوا سؤ ماڻهن جي آدمشاريءَ تي مشتمل آهي. ديھ راڄپري ۾ واقع هجڻ ڪري، هن ڳوٺ جا ناهيان عام طرح سان ‘راڄپري ناهيان‘ پڻ سڏجڻ ۾ اچن ٿا. ناهين جو قديم ڳوٺ، شهداد فقير وارو ڳوٺ، ڦٽڻ کانپوءِ ٻيو تاريخي ڳوٺ ”دڙي وارو ڳوٺ“ آباد ٿيڻ ۽ ڦٽڻ کان پوءِ ئي، هي ڳوٺ محمد سڄڻ ناهيون جي سربراهي هيٺ آباد ٿيل آهي. ڳوٺ ۾ خواندگي شرح ۳۰ سيڪڙو ٿيندي. جن مان عورتن جي شرح نهايت گهٽ آهي. ڳوٺ سرڪاري نقشي ۾ پڻ آيل آهي. ڪافي ماڻهن جو ڌنڌو ٻني ٻارو ۽ محنت مزدوري آهي. ڪجھ ماڻهو سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين سان پڻ لاڳاپيل آهن. ڳوٺ جا ماڻهو راڄوڻا، شريف، محنتي، مڙسيلا ۽ مڇي ماني وارا آهن.
هي ڳوٺ سرڪار طرفان اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري دؤر ۾ به هر طرح جي بنيادي سهولت کان اڃا وانجهيل آهي.
هن ڳوٺ جو چڱو مڙس محمد سڄڻ، عدل، انصاف، سخاوت راڄنيتي ۽ پير پرستي ۾ سٺو ناليوارو مڙس ٿي گذريو آهي.