• ڳوٺ حاجي درياءَ خان ناهيون
اٽڪل ٦۰ گهرن ۽ ۲۵۰ ماڻهن جي آدمشماريءَ تي مشتمل هن ڳوٺ جون پري کان کلندڙ ماڙيون ۽ اوچي ڪوٽ مٿان هيبتناڪ مورچا، ڳوٺ جو بنياد رکندڙ حاجي درياءَ خان جو ايندڙ جُڳن تائين زنده هجڻ جو عڪس پسائين ٿا. ڳوٺ ۾ خواندگيءَ جي شرح ۵۰ سيڪڙو ٿيندي، جن ۾ عورتن جي ۱۵ سيڪڙو ۽ باقي مردن جي چئي سگهجي ٿي. ڳوٺ ۾ يونيورسٽيءَ جا سنديافته ۱۵ کن ٿيندا. ڳوٺ جي ڪافي ماڻهن کي زرخيز زمين جا پنهنجا ٿورا گهڻا ٽڪرا آهن. ماڻهن جو ڌنڌو زمينداري، کيتي ٻاڙي وڻج واپار، محنت مزدوري ۽ سرڪاري يا خانگي نوڪري آهي. سندن عورتون پڻ هٿ جون سڄيون ۽ پورهيت آهن.
هن ڳوٺ کي، سرڪار طرفان کيسانه موري کان وٺي ڳوٺ تائين، پڪو رستو، بجلي، ڊسپينسري، ٽيليفون، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول، هڪ مڊل اسڪول ۽ گندي پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جون سهولتون دستياب آهن. ان کان علاوه حاجي درياءَ خان جي وڏي پٽ حاجي يار محمد طرفان قائم ڪيل هڪ ديني مدرسو پڻ ڳوٺ ۽ ٻاهر جي شاگردن کي ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ ۾ مشغول آهي.
ڳوٺ جا ماڻهو سادا، سٻاجها، شريف، راڄوڻا ۽ محبتي آهن. هتي ۱۹۹۳ع کان وٺي، ڳوٺ جي نوجوانن جي ڪوششن سان هڪ سماجي تنظيم ”الناهيان فلاحي تنظيم“ پڻ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
ھن ڳوٺ ۾ حاجي درياءُ خان سخاوت، ديانت، امانت، انصاف، غريب پروري، راڄنيتي ۽ قومي جذبي ڪري ۽ حاجي يار محمد علم، ادب ۽ سليقت سبب ته محمد جمن وري مڙسيلو، ھڏ ڏوکي ۽ ذات پروري ڪري اڄ به ھتان جي رھاڪن جي دلين ۾ زندھ آھن.
حاجي درياءَ خان (وفات ۲٦ جنوري ۱۹۵٦ع) لاءِ مشهور آهي ته پاڻ نهايت ئي غريب هو ۽ اٺن جو لاڏي هو. حيدرآباد ۾ ٽنڊي ٺوڙي ڀرسان ڦليليءَ روڊ تي، ڦليلي واھ جي ساڄي پاسي، ان وقت ڪنهن هندو سيٺ جو ڪپھ جو ڪارخانو هو، جنهن ۾ پاڻ پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ ڦٽيون پهچائيندو هو. هڪ ڀيري سخت سيءَ ۽ بارش واري رات، کين ڪارخاني ٻاهران دروازي تي ان ڪري گذارڻي پئي جو هو رات گهڻي دير سان پهتا هئا. ان وقت، موسم جي سختيءَ سبب، سندس دل مان بي اختيار اهي لفظ نڪري ويا ته؛ ”جيڪر هيءُ ڪارخانو خدا کيس ڏياري ته هوند هر ڪنهن لاءِ هر وقت دروازا کولي ڇڏي.“ سندس ساٿين اها ڳالھ ٻڌي، مٿس ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون ۽ بيحد ماريو ته ”ڇا جت ؟! ۽ ڇا خواهشون؟!“ پر سندس هڪڙو جواب هو ته ”خدا وريو ته ويرم ناهي. هن وٽ ههڙن ڪارخانن جي ڪا به ڪمي ناهي“ ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو جو پاڻ گهريائين. حاجي درياءَ خان اٺن جي لاڏي مان، چند سالن اندر ڪنهن بهاني سان، انهيءَ ساڳئي ڪارخاني جو سيٺ ۽ حيدرآباد ضلع جي ٽن تعلقن ۾ چار هزار ايڪڙ زمين جو مالڪ بنجي ويو. ان کان علاوه حيدرآباد جي موجوده شاليمار سينيما به ڪو وقت سندس مالڪيءَ ۾ رهي. اهو ڪاخارنو ۱۹۵۳ع کان ۱۹٦۳ع تائين، حاجي درياءَ خان ڪاٽن فيڪٽري جي نالي سان مشهور رهيو. جيڪو پوءِ وقت جي واچوڙن ۾ سندس پوين ڀڳڙن مٺ تي ڏئي ڇڏيو ۽ سندس نالو اڄ صرف هن صفحي تائين محدود ڪري ڇڏيو. باقي رهي زمين، سا به ڪنهن وقت کان آهستي آهستي، ٽڪري به ٽڪري، پئي مالڪ بدلائي.
اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته حاجي درياءَ خان جڏهن ڪک پتي مان لک پتي بنجي ويو ته به نه اصليت ڇڏيائين ۽ نه سخاوت. ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج ۾ سندس ڪاروباري شراڪت ايتري ته مضبوط هئي جو سندس وفات تي ايڪسچينج جو ڪاروبار بند ڪري هڪ ڏينهن لاءِ موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ديني توڙي دنياوي حيثيت ۾ ھن شخص ايڏو ته نالو ڪمايو جو ائين کڻي چئجي ته هو ”ناهيون“ ذات جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ هو/ آهي ته ڪنهن به طرح وڌاءُ نه ٿيندو.
هن ڳوٺ جي ناهين کي ”ڪنر وار ناهيان“ يا ”ڪونري ناهيان“ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. ڇو ته آڳاٽي زماني ۾ جڏهن نصرپور کان وهندڙ درياءُ هتان به گذرندي اڳتي هيٺ ويندو هو. ان وقت هن جڳھ تي، جتي اڄ هي ڳوٺ آباد آهي، درياءُ موڙ کائيندو ۽ ڪُن ڪندو هو. جنهن ڪري ان جڳھ کي ’ڪُنُ وارو‘ يا ’ڪُن واري‘ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. درياءَ جي پراڻ اڄ به موجود آهي، جنهن کي هن علائقي ۾ ’گنگا ڍنڍ‘ ڪري سڏجي ٿو.
هن جڳھ تي آباد ٿيڻ کان اڳ (انگريز دؤر کان گهڻو پهرين) هن ڳوٺ جا اصلوڪا رهاڪو (حاجي درياءَ خان جا وڏا) شهداد فقير وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، هتان کان چار ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف واقع تاجپور نصرپور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي اچي آباد ٿيا.
هن ڳوٺ ۾ آباد ڪجھ گهر ضلع بدين جي شهر ڏندي کان آيل آهن. جيڪي ڌنڌي جي لحاّظ کان کنڀاٽي آهن ۽ ڪافي عرصو اڳ اجرڪون رڱڻ جو ڪم ڪندا هئا، ۽ مڪان شريف وارن پيرن جا مريد آهن. جڏهن ته ڪجھ ٽنڊوالهيار تعقلي جي ديھ ناهڪي ۽ ماريچي ۾ واقع ڳوٺن جي ڦٽڻ کان پوءِ اچي هتي آباد ٿيل آهن ۽ درگاھ گاجيلو شريف (بڪيرا) جا مريد آهن.