• دڙي واري ڳوٺ ۽ ٻين لاڳاپيل ڳوٺن جو احوال
اڄ به تعلقي حيدرآباد ۾ ٽنڊوڄام ڀرسان ئي انھن چئن ڀائرن جي نالن پويان چار الڳ الڳ ۽ ھڪٻئي سان لڳولڳ ديھون آھن، جيڪي ھيٺين نالن سان سڏجن ٿيون: ھوتڪي، پساھڪي، راھڪي، ۽ راڄپاري انھن چئني ڳوٺن ۾ جيڪو وڏو ڳوٺ آباد ھو، اھو ’دڙي واري ڳوٺ‘ نالي سان مشھور ھو (جيڪو يا ته مٽيءَ جي ڪنھن وڏي دڙي تي يا دڙي جي ڪوڀ ۾ آباد ھو). ھي ڳوٺ ’پساھيو‘ جو ھو، جنھنجي اردگرد سندن جاگير ھئي. موجوده وقت ڳوٺ ارباب احمد خان وارن ناھين جو وڏو انگ ’پساھيو‘ جو اولاد آھن، جڏھن ته ڳوٺ ’سڄڻ ناھيون‘ جا ناھيان ’راڄي‘ جو اولاد آھن. اھڙي طرح 'ھوٿي' جو اولاد ڳوٺ محمد ابراھيم تعلقي سجاول وارا ناھيان آھن ۽ ’راھو‘ جو اولاد پڻ ضلعي ٺٽي جي ئي ڪنھن ڳوٺ جا ناھيان چيا وڃن ٿا.
’پساھيو‘ جي مرڻ بعد سندس رياست جو مالڪ ’ٺريو‘ کي بنايو ويو (سندن رشتي جي ڄاڻ نه پئجي سگھي آھي) ۽ کيس راڄ جي پڳ ٻڌرائي ’ارباب‘ جو لقب ڏنو ويو.
انھن ڏينھن ۾ سندن ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪجھ فاصلي تي سيد ابڙو سنگھار، ڪاني ڪرامت جو صاحب ۽ وڏو مالوند ماڻھو ھو. (’سنگھار‘ جو لقب پڻ انهيءَ پس منظر ۾ آھي ۽ سندس مزار تعلقي حيدرآباد جي ديھ ڪنر ۾ موجوده ڳوٺ حاجي درياءَ خان ناھيون کان ھڪ ڪلوميٽر پري اولھ طرف آھي. روايت مطابق ته سيد ابڙي سنگھار جو مال، ھميشه ارباب ٺريي جي پوک ڀيلي ويندو ھو ۽ ارباب ٺريي جي ڪافي چوڻ جي باوجود، پاڻ ان طرف ڪو ڌيان نه ڌريائين. ھڪ ڀيري پوک ڀيلڻ تي ارباب ٺريي، سندس مال ڪاھي، ڍڪ ۾ ڏئي ڇڏيو. جنھن بعد ارباب ٺريي جي ڀاڻيجي ارباب ستابي، اھو مال ڪاھي وڃي سيد ابڙي سنگھار حوالي ڪيو. جنھن تان سيد ابڙي سنگھار، ارباب ٺريي کي پاراتو ۽ ارباب ستابي کي ھيٺين ريت دعا ڪئي:
’ٺريو وڃي ٻريو، ستابي جو ڀاڳ وريو‘.
اھڙيءَ طرح ارباب ٺريي جي بي اولاد مري وڃڻ بعد ارباب ستابي کي راڄ جي پڳ پارائي رياست جو مالڪ بنايو ويو.
ارباب ستابي جي ڏينھن جي روايت آھي ته جتي اڄ حيدرآباد جو نارا جيل موجود آھي، اتي يا انجي آسپاس ’ناريجا‘ قوم جو ھڪ وڏو ڳوٺ موجود ھو، جتان کان وٺي ٽنڊوڄام جي اردگرد جتي چئن ناھين ڀائرن جون ننڍيون رياستون ھيون، اوسيتائين چئني طرف ناريجن جي سلطنت ھئي. (موجوده تعلقي حيدرآباد ۾ مٿي ڏسيل چئن ديھن سان گڏوگڏ ديھ ناريجاڻي پڻ آھي.) جنھن ۾ سندن چار مددگار قومون؛ ناھيان، سمان ۽ ٻه نامعلوم سماٽ قومون چيون وڃن ٿيون. روايت موجب ته ناريجي سردار انھن چئني قومن جي ماڻھن کي گھرائي چيو ته ’آئون اوھان چئني سان مائٽي ڪرڻ گھران ٿو، انڪري مون کي (خود کي) ھڪ ھڪ سڱ ڏيو.‘ جيئن ته ناريجو طاقتور ھو، انڪري ڪو به انڪار ڪري نه سگھيو. اھڙي طرح ٻن قومن مان ناريجو سردار شادي ڪري ويو ۽ ھاڻ وارو پھرين ناھئين جو ۽ تنھن کان پوءِ سمي جو ھو.
جيئن ته ھن سڱابندي ۾ راضي ڪير به ڪو نه ھو، پر ناريجي سان سامھون ٿيڻ لاءِ ڪو به تيار ڪو نه ھو. پر جڏهن وارو ناھئين جو آيو ته ھن سمي کي ساڻ ڪري صلاح مصلحت ڪئي، جنھن ھن سان ھر سھڪار ڪرڻ جي حامي ڀري. انھن ڏينھن ۾ راڄن تائين دعوتن پھچائڻ کان وٺي، ڀٿ پوت جو انتظام ڪرڻ ۽ آيلن جي آڌرڀاء کان وٺي شغل شادمانا ڪرڻ تائين، مطلب ته شاديءَ جا سارا انتظام مڱڻھار مڪمل ڪندو ھو. ان لاءِ راڄ جي مڱڻھار کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.
اھڙي طرح ناريجي سردار کي بي خبر رکي طئي شده تاريخ مطابق شاديءَ جا ڪل انتظام مڪمل ٿيڻ لڳا. وڏا وڏا لوڙھا، ويڙھن جي صورت ۾ (اڳ جي رواج موجب ۽ اڄ جي شاميانن وانگر) عورتن لاءِ جدا ۽ مردن لاءِ جدا ڏياريا ويا ۽ لوڙھن پٺيان وڏيون خندقون کوٽيون ويون.
پروگرام موجب ناريجو ڄڃ وٺي آيو. عورتن کي الڳ ۽ مردن کي الڳ ويھاريو ويو. ناھيان ۽ سمان ڪنوارتين جيان نماڻا بڻجي، واڙي کان ٻاھر تلوارون جھلي بيھي رھيا. مڱڻھار ڄڃ جي خدمت چاڪري ۾ لڳي ويو ۽ چلم پاڻيءَ جو بندوبست ٿيڻ لڳو.
رٿ موجب مڱڻھار (نالي ماڻڪ فقير) چلم جي ٽانڊي واري ٽوپي مردن واري ويڙھي ۾ ٿيڙ کائڻ جي بھاني کڻي لوڙھي تي اڇلي. جنھنڪري ھڪدم باھ ڀڙڪي اٿي ۽ مردن وارو سڄو راڄ، باھ ۾ ٻرڻ لڳو. جيڪي واڙي مان ڀڄي ٻاھر نڪتا، سي کاھيءَ ۾ ڪريا ۽ انھن کي اتي ئي ماريو ويو. ان طرح ماڻڪ فقير مڱڻھار، پنھنجو سر قربان ڪري ناھئين ۽ سمي جون عزتون بچايون. ان ماڻڪ فقير جا پويان، اڄ به تعلقي ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار ۾ آباد آھن ۽ پشت به پشت حيدرآباد ضلعي جي تقريبًا ناھين جا ’راڄ جا فقير‘ رھندا پيا اچن.
ناريجو جو ناھئين کان سڱ گھرڻ واري روايت ڪن مطابق ته ارباب ستابي کان ھئي ۽ ڪن موجب ته راھو ۽ ھوٿي کان ھئي (جيڪا مستند مڃي وڃي ٿي). جيڪي بعد ۾ ان ڪھاڻيءَ جي انجام کان پوءِ، خوف سبب، پنھنجي اصلو ڪن پڊن تي رھي نه سگھيا ۽ ھتان کان ڪوچ ڪري سڌا ٺٽي طرف ھليا ويا.
ارباب ستابي جي وفات بعد، جڏھن سندس پٽ ارباب محمد علي راڄ ۽ رياست سنڀالي، انھن ڏينھن سنڌ مٿان مدد خان پٺاڻ جي يلغار ھئي. (لب تاريخ سنڌ جي مصنف، مدد خان جي ڪاه جو دؤر ١١٩۴ھ بمطابق ۱۷۸۰ع ۾ لکيو آھي). انھيءَ ڦرلٽ کان بچڻ لاءِ ’دڙي وارو ڳوٺ‘ ڦٽي ويو، جن مان ڪي ھاڻوڪي کيسانه موري لڳ ’وسئين واري ڳوٺ‘، جيڪو موجوده وقت راول ناھيون جو ڳوٺ ٿو سڏجي، اچي رھيا. ڪي ٽنڊوڄام کان ڏکڻ طرف ٻه ڪلوميٽر پري ھاڻوڪي ’سڄڻ ناهيون ڳوٺ‘ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪي لاڙ ۾ ٺٽي، سجاول ۽ ڏندي ھليا ويا ۽ باقي راڄ ارباب محمد علي جي اڳواڻي ھيٺ، ٽنڊوڄام کان تقريبًا اڍائي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف اچي آباد ٿيو. انھيءَ ڳوٺ جو نالو ارباب محمد علي سڏجڻ ۾ آيو. جنھن جڳھ تي ھي ڳوٺ آباد ٿيو، اتي ھڪ بڙ جو وڏو وڻ به ھو، انڪري ھي ڳوٺ ”بڙ جو ڳوٺ“ نالي پڻ عام ٿيو. جيڪو بعد ۾ گذريل صديءَ جي آخر کان ئي ارباب محمد علي بدران، ڳوٺ ارباب احمد خان سڏجڻ ۾ آيو.