• نـاهـيــون (تاريخ جي آئيني ۾)
سنڌ جي علاقائي ۽ ٻوليءَ جي لهجي ڳالهائڻ جي لحاظ کان ڪٿي هن کي ”ناهيو“ پڙهيو ۽ لکيو ٿو وڃي جهڙوڪ؛ بدين، ٺٽو ۽ نوابشاهه ضلعن ۾، پر حيدرآباد، ٽنڊوالھيار ۽ مٽياري ضلعن ۾ ”ناهيون“، لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. صحيح ڇا هي؟ ان جو اندازو ان مشابهت مان لڳائي سگهجي ٿو ته ذات سمون ڪڏهن ”سمو“ (يعني پويان ”نون“ کان سواءِ) لکي ويندي آهي، پر پڙهي هميشه ”سمون“ (يعني پويان ”نون“ سان گڏ) ويندي آهي. انڪري هتي به ان ڳالهه جو نهايت سختيءَ سان خيال رکيو وڃي ته اگر ”ناهيون“ کي ڪٿي ”ناهيو“ لکيو به وڃي ته به پڙھيو ھميشہ ”ناھيون“ (يعني پوئين نون جي اچار سان گڏ) وڃي.
قبائلي لحاظ کان هيءَ ذات به، سنڌ جي ٻين گهڻين ذاتين وانگر، سنڌ جي اصلي رهاڪو ذات آهي ۽ سماٽ قبيلي ۾ ليکجي ٿي. تحفة الڪرام ۽ ان کان پوءِ جي مڙني تاريخي ڪتابن، سنڌ جي اصلي ذاتين کي سماٽ يعني سمان قوم جون شاخون لکيو آهي.
ان کان اڳ جو ناهيون ذات کي مختلف تاريخي/حڪومتي دورن ۾ مختلف صورتن ۾ ڳولجي، ڪجهه وضاحتون هيٺ ڏجن ٿيون، جيڪي هن مضمون کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ لاءِ مدد ڪنديون.
۱- جيڪڏهن اسين اڄ جي دور ۾ به سنڌ يا ڪنهن ٻئي ديس/ خطي جي ماڻهن جو ذڪر ڪنداسين ته بجاءِ ان جي جو سنڌ يا ٻئي ڪنهن ديس ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جو جدا جدا نالو وٺي ذڪر ڪرڻ جي، يڪجا ڪري صرف ائين ئي چونداسين يا لکنداسين ته سنڌي قوم يا فلاڻي قوم.
مطلب ته سنڌي قوم جو مفهوم آهي؛ اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا يا سنڌ ديس ۾ رهن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ مجموعي طوراسين صرف مک ذات يا قوم جو نالو ٿا وٺون، جنهن مان مراد اها هوندي آهي ته مختلف نظرين يا اصولن جي وابسگتيءَ سان ٻيون جيڪي به ذاتيون يا قومون ان مک ذات سان واڳيل آهن، انهن سڀني جي نشاندهي ان هڪڙي ذات يا قوم جي نالي وٺڻ سان ڪئي پئي وڃي.
بلڪل اهڙيَ طرح جيئن ته سماٽ قبيلي ۾ سمان هڪ مک قوم/ ذات آهي ۽ ٻيون سموريون ذاتيون ان جو اولاد يا شاخون آهن، ان ڪري مختلف تاريخي ڪتابن ۾ يا هن مضمون ۾ جتي به سمان قوم جو ذڪر آيل آهي يا ايندو، ان مان مراد صرف موجوده صورت واري سمان ذات نه آهي، پر اهي سموريون ذاتيون آهن جيڪي سمان قوم جون شاخون ٿيون سڏجن.
۲- آدمشماريءَ جي لحاظ کان ڏسبو ته سال بسال جنهن تناسب سان آدمشماري وڌي رهي آهي، جيڪڏهن پوئتي وڃبو ته بلڪل ان تناسب سان آدمشماري گهٽجي ويندي، تان جو جڏهن اسان گهڻا ئي سال پوئتي هليا وينداسين، فرض ڪريو سمن جي دور ۾ ته اسين يقينًا اهو محسوس ڪنداسين ته ناهيون ذات ڳاڻيٽي جي لحاظ کان ڪنهن به صورت ۾ ايتري ڪا نه هوندي جيتري اڄ آهي.
جيڪڏهن مٿين حقيقت مڃڻ جوڳي آهي ته پوءِ بنا ڪنهن شڪ جي اهو به چئي سگهجي ٿو ته؛ سمان ذات جڏهن حڪمراني ڪري رهي هوندي تڏهن ايتري گهڻائي ۾ هرگز نه هوندي جيتري اڄ آهي. ان ڳالهه کي ذهن نشين ڪندي اهو خيال ضرور ذهن ۾ اڀرندو ته؛ سنڌ تي جڏهن سمن جي حڪمراني هئي، تڏهن اها صرف سمان ذات جي ڪا نه هئي پر سمان قوم جي هئي. يعني جيڪي به ذاتيون سمان قوم جون شاخون ٿيون سڏجن، انهن سڀني جي مدد سان اها حڪمراني قائم هئي، جنهن جا اڳواڻ يا حاڪم گهڻو تڻو سمان ذات مان هئا يا وري ڪٿي روايتن موجب سمان قوم جي ٻين شاخن مان به بڻيا پر مجموعي طور سڏيا اهي به سمان ٿي.
ڇاڪاڻ ته خود سمان ذات ان وقت ٻين ذاتين جي بنسبت گهڻائيءَ ۾ هئي ۽ ٻين ذاتين کان وڌيڪ سياڻي، عقلمند ۽ سگهاري هئي انڪري ٻين مڙني ذاتين کڻي سمي ذات جي ماڻهوءَ کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو هوندو. پوءِ جيئن اڄ به اسان وٽ ٿيندو رهي ٿو ته چڱمڙسيءَ جي پڳ پشت به پشت ٿي هلندي اچي، پوءِ جو کڻي پشتي ۾ ٻئين يا ٽئين چڱي مڙس ۾ چڱمڙسيءَ جو وصفون نه به هجن پر رهندو اهو ئي چڱو مڙس. اهڙيءَ طرح سمن جي حڪمرانيءَ ۾ به ائين ئي ٿيندو رهيو. سمان ئي گهڻو ڪري حڪمران رهيا ۽ باقي ٻيون ذاتيون سندن مددگار ۽ ٻانهن ٻيلي رهيون. جن مان گهڻين ذاتين کي انتظامي امور ۾ درجابندي طور ڄام، ارباب وڏيري وغيره جهڙا لقب پڻ ڏنا ويا.
۳- ان وقت قومن جو ڳاڻيٽو گهٽ هجڻ جو هڪڙو واضح نقطو اهو به آهي ته جيئن اڄ ڄم ۾ واڌ آهي تيئن اڳ مختلف جنگين، قومي جهيڙن ۽ بيمارين سبب موت جي شرح ۾ واڌ هئي. جيئن تاريخن ۾ اچي ٿي ته هر جنگ ۾، هزارين ماڻهو ماريا ٿي ويا.
۴- ناهيون ذات جي حوالي سان جيڪڏهن ڏسبو ته اڄ به ان قوم جي موجودگي حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالھيار، ٺٽو، بدين، ڪراچي، نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ آهي يا وري سندن هڪ وڏو حصو، هندوستان جي راجستان واري علائقي ۾ پڻ آباد آهي. مطلب ته اهڙن خطن ۾ آهي يا آسپاس آهي جيڪي سمان دور ۾ دارالحڪومت رهي چڪا آهن، جهڙوڪ؛ حيدرآباد ۽ ٺٽو. جنهن مان اهو ظاهر آهي ته ناهيون ذات جا ماڻهو مختلف دورن ۾ سمن سان گڏو گڏ رهندا پيا اچن.
مٿين ڪجهه حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، جيسيتائين ناهيون ذات جي ڪا ڪتابي يا پڪي ۽ الڳ حيثيت ملي، تيسيتائين موجود تاريخ جي مدد سان، سمان قوم نالي ۾ گڏوگڏ هلبو، جو ناهيون به سماٽ يعني سمان قوم جي هڪ شاخ آهي.
سنڌ جي تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ موجب، سماٽ قوم جو شجرو سام بن حضرت نوح عليہ السلام سان ملايل آهي. ساڳئي ڪتاب توڙي ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾، سام (جنهن جي سما قوم اولاد آهي) تي ڪافي ضد ڏيکاريل آهن. جن مطابق: (١) سام بن عمر بن هاشم بن ابو لهب هو (٢) سام بن عمر بن عڪرمه بن ابوجهل هو. عڪرمه مڪي شريف جي فتح کان پوءِ اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ ٻاهٺ ورهين جي ڄمار ۾ سن ١٣ھ ۾ يرموڪ واري مشهور لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. پر جيئن ته سنڌ جون تقريبًا سموريون قومون محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ درجي به درجي اسلام ۾ داخل ٿينديون ويون، انڪري اها روايت غلط آهي. ڇاڪاڻ ته عڪرمه اڳيئي مسلمان ٿي چڪو هو ۽ پوءِ وري هن جي اولاد جو غير مسلم ٿي، هيڏي وڏي قوم جي صورت ۾، سن ٩٢ھ جي لڳ ڀڳ، هن دور دراز سر زمين تي اچي آباد ٿيڻ، هڪ غير تسليم شده ڳاله آهي. (٣) ٽين روايت موجب ته سما قوم، ايران جي بادشاه جمشيد جو اولاد آهي. جتان ئي ڄام جو لقب منسوب آهي.
انهن مڙني روايتن جي باوجود، هڪ روايت جنهن تي سڀئي تاريخدان اتفاق راءِ آهن، اُها اِها آهي ته سام حضرت نوح عليہ السلام جي هڪ پٽ جو نالو هو، جنهن جو اولاد وچ ايشيا کان آريا قوم جي نالي هندستان ۾ اچي رهيو هو. انهيءَ سام کي چار پٽ هئا؛ ٻڌا، سنگها، ڀاڳرت، همهر.
ٻڌا کي چوڏهان پٽ هئا؛ بدهه، سورهه، سهته، اکيل، اوتار، امرهه، بزير ۽ ٻيا جن جي اولاد کي 'راٺوڙ' ٿو سڏجي. سنگها ۽ همهر جي اولاد کي ’تودر‘ سڏيندا آهن
ڀاڳرت جو پٽ ڏيرو، ڏيرو جو پٽ اجيپار، اجيپار جو پٽ دسرٿ. دسرٿ کي ٽن راڻين مان چار پٽ هئا؛ رام، لڪشمڻ، ڀرت، چترگهن.
ڀرت کي چار پٽ هئا؛ پرهار، جنسپا، ڪوريجا، ناهيا. چترگهن جو اولاد چارڻ ٿو سڏجي. لڪشمڻ کي ڪو به اولاد ڪو نه هو. رام کي هڪڙو پٽ هو نواڪس. نواڪس جو پٽ هو اتت. اتت جو پٽ هو نرگت، نرگت جو پٽ هو ڪن، جنهن جي نالي سان ڪن شهر هو. ڪن جو پٽ هو راجا سنبوت.
راجا سنبوت کي چار پٽ هئا؛ سام، بارڪره جنهن کي شاھ به چوندا آهن، هنرت جنھن کي دکن به چوندا آهن ۽ چوٿون ماوهه. انهن مان سام کي هڪڙو پٽ هو جادم، جنهن کي چار پٽ هئا؛ هسپت جنهن جو اولاد آهن سنڌ جا سما، ڪجپت جنهن جو اولاد چنا آهن، ڀوپت جنهن جو اولاد سنڌ جا ڀٽي آهن، جوراسمه جنهن جي اولاد مان مشهور سخي شهزادو راءِ ڏياچ هو، جنهن ٻيجل چارڻ کي پنهنجو سر وڍي ڏنو.
جادم جي چئن پٽن مان هسپت کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو زبدري هو. زبدري جو پٽ نيٿ هو، جنھنجو پٽ نوتيار هو، نوتيار جو پٽ اوڍر هو، اوڍر جو پٽ آئوڌ هو، آئوڌ جو پٽ لاکيار هو ۽ لاکيار جو پٽ لاکو هو.
لاکو بادشاهه ٿيو هو. ان جا چار پٽ هئا؛ ائوڌ جنهن کي اولاد ڪو نه هو، مگر سندس رهڻ جو هنڌ سندس نالي پٺيان ائوڌ ملڪ سڏجي ٿو. مهر، جنهن کي چار پٽ هئا؛ ساڌيا، وديتر پاٺاري، ورها ۽ ساند.
لاکو راجا پيريءَ ۾ وري پرڻيو. جنهن مان چار پٽ ڄاوس؛ انڙ، ڇٽو، ڦل لاکو ۽ مناهيو. ڇٽي کي ٽي پٽ ٿيا؛ بابڙو، دنڪنا ۽ ڪله. ڦل لاکي جو پٽ هو ڪلاني. لاکي جي وڏي پٽ انڙ کي هڪڙو پٽ هو؛ لاکو. انهيءَ لاکي جو پٽ هو سمون. سمي جا وري ٻه پٽ هئا؛ ڪاڪو ۽ جکريو. ڪاڪي پوٽا مسلمان، انهيءَ ڪاڪي جو اولاد آهن ۽ جکريا مسلمان انهيءَ جکريي جو اولاد آهن. ڪاڪا پنهنجي رياست ڪاڪ جو حاڪم هو، جنهن جا ٻه پٽ هئا؛ پلي ۽ رائدن. پليءَ جي اولاد مان مسرق سمون، پنهنجي قوم جو سردار هو
رائدن کي نو پٽ هيا: (١) سمو، جنهن جو اولاد سميجا آهن. (٢) نوتيار، جنهن جو اولاد نوت آهن. (٣) لاکو، جنهن جو اولاد لنجار آهن. سنڌ جو مشھور درويش ساھڙ لنجار انھيءَ قوم مان آھي. (۴) ابڙو، جنهن جو اولاد ڦل ناھيان ۽ ڏاھر ناھيان آھن. (٥) ناھيون (٦) چنيسر جيڪو پنھنجي وقت جو مشھور ماڻھو ھو. (٧) مناھيو، (٨) ڪوريو، جنھن جو اولاد ڪوريجا آھن. (٩) پلي، جيڪو پنھنجي قوم جو سردار ٿيو.