• سومرن ھٿان سمن جو سنڌ مان لوڌجڻ
سومرا گھڻو ڪري شراب پاڏي جي گوشت سان پيئندا ھئا. ھڪ ڏينھن، ڪنھن سومري ڇا ڪيو جو سمي قوم جي ڪنھن ماڻھو جي غيرموجودگيءَ ۾ ان جي گھران پاڏو ڪاھي آيو ۽ محفل ۾ ڪباب ڪري کائي ڇڏيو. سمان قوم جو ماڻھو جڏھن گھر موٽيو ته زال چيس ته؛ ”سومرا اڄ ھڪڙو پاڏو ڪاھي ويا آھن، سڀاڻي زال به کڻي ويندئي.“ ان طعني تي سمي کي غيرت اچي ويئي ۽ ھن پنھنجي قوم جي ماڻھن کي گڏ ڪري سومرن سان اچي جنگ ڪئي. سمان ٿورا ھيا ۽ سومرا گھڻا. انڪري سمان ھي ملڪ ڇڏي ڪڇ ڏي اٿي ڀڳا. وچ ۾ ڪي سومرا ڪڇ رڻ ۾ اچي کين وري پھتا ۽ سخت مارا ماري ٿي ۽ اھڙيءَ طرح اتان باقي جيڪي بچيا، سي ڪڇ کان وڃي نڪتا، جتي سمن رفته رفته پنھنجي بادشاھي قائم ڪئي.
ڪڇ پھچڻ کان پوءِ سمان اتي پھريائين چاوڙا قوم سان وڃي پاڙيسري ٿيا. چاوڙن جي سردار انھن کي آباديءَ جي ڪم لاءِ ٻنيون ڏنيون، انھيءَ شرط سان ته ٻنين جو اَن سمان کڻن ۽ گاه سرڪاري قلعي ۾ پھچائين. ڳچ وقت، سمان ائين ڪندا رھيا. جڏھن سمن پنھنجا پير مضبوط سمجھيا، تڏھن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته؛ ڪڇ جو قلعو ھٿ ڪجي.
ھڪڙي ڏينھن سمن ڇا ڪيو، جو گاه جون پنج سؤ گاڏيون قلعي ۾ موڪليائون. ھرھڪ گاڏيءِ ۾ ٻه ٻه پھلوان مڙس ھٿيارن سان گاه ۾ لڪا يائون ۽ ھڪڙو ھڪڙو پھلوان گاڏيوان ويهاريائون. ارادو ڪيائون ته اھي پندرھن سؤ ماڻھو، قلعي ۾ داخل ٿي وڃن ته ٻيا به سمان ھٿيار کڻي قلعي ۾ ڪاھي پوندا.
قلعي جي دروازي تي سرڪار جي پاران ھڪڙو جوتشي رھندو ھو، جنھن جو ڪم ھوندو ھو ته قلعي ۾ داخل ٿيندڙ ماڻھن جي بابت جوتش جي وسيلي خبر لھي، سرڪار کي چتاءُ ڪندو ھو. جڏھن گاھ جون گاڏيون قلعي جي دروازي تي پھتيون، تڏھن قلعي جي دروازي واري جوتشي ھڪل ڪري چيو ته؛ ”گاھ ۾ ڪچو ماس آھي.“ نجوميءَ جي چتاءَ تي چوڪيدارن پنھنجا ڀالا گاه ۾ ٽنبڻ شروع ڪيا. گاھ ۾ لڪل پھلوانن کي ڀالن جون چنھنبون لڳيون ٿي ته انھن اھي وري پنھنجن ڪپڙن سان اُگھي ٿي ڇڏيون، جنھنڪري چوڪيدارن کي پڪ ٿي ته گاه ۾ ماس ٻاس ڪجھ به ناھي، نجومي ڀليو آھي. نيٺ گاه جون گاڏيون اندر ويون. رات جو اھي گاه ۾ لڪل جوان ۽ گاڏيوان ھٿيار کڻي، قلعي جي عملدارن تي ڪاھي پيا. ھوڏانھن وري ٻاھريان سمان به ھٿيار کڻي قلعي ۾ اچي گھڙيا. سخت خونريزيءَ کان پوءِ، سمان قلعي تي قابض ٿي ويا ۽ ڪڇ جي ملڪ جي حڪومت سندن هٿ آئي. راءِ ڀاراءِ، ڄام سھتا ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ڪڇ جا نامور حاڪم سمان قوم مان ھئا.
ڪتاب تاريخ سنڌ- ٣ ڪڇ جو قلعو سمان قوم ھٿان فتع ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ اتي حڪمراني قائم ڪرڻ جي تسلسل سان اڳتي لکي ٿو ته جڏھن علاؤالدين جي لشڪر سومرن جو زور ڀڳو، تڏھن انھن جا پويان حاڪم عياش ۽ ظالم بڻجي ويا ۽ ڏکڻ ۾ سمان قوم کان زياده ٻي ڪا به طاقتور قوم ھتي ڪا نه ھئي تنھنڪري سومرن جي پوئين حاڪم ارميل يا ھمير کي سمن سندس گھر ۾ قتل ڪيو ۽ ڄام انڙ کي سن ٧٥۲ ھ (١۴٥١ع) ۾ پنھنجو حاڪم مقرر ڪيو. اھڙيءَ طرح سمن سن ١۳٥١ع (۷۵۲ ھ) کان وٺي سن ١٥١۹ع (۹۲۳ ھ) تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سمان گھراڻي جي سترھين حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن ڄام بانبيهو پنھنجي پھرين تختگاه ساموئي يا سمانگر کان فقط ٽي ميل پري ھڪڙي ڪشادي ميدان ۾ نئين سر شھر (ٺٽي) جو بنياد وڌو ۽ بنگلا ۽ محلاتون جوڙايون. شھر ٺھڻ کان پوءِ ڄام نندو پنھنجي سموري اٽالي سميت سمانگر ڇڏي ٺٽي ۾ اچي پنھنجو تختگاه ٺاھيو.
ضلعي ٺٽي ۾ ناھيون ذات جي ڪن رواين کان ملندڙ ھڪ ناتحقيق ۽ ناتصديق شده روايت موجب ته؛ ڄام نندو ماءُ پاران يا وري ماءُ پيءُ ٻنھي پاران سمان خاندان جي ’ناھيون ذات‘ مان بادشاھ ھو. جنھن لاءِ به ھتي ڪو دليل ڏيڻ وقت جي وڏي وڇوٽي ڪري بي بنياد رهندو. پر ان ڳالھ لاءِ دليل ايترا ڪمزور به نٿا چئي سگھجن جو ھاڻوڪي ٺٽي ۽ آسپاس اڄ به ٻين گھڻين سماٽ قومن کان علاوه ’ناھيون‘ قوم به ڪافي تعداد ۾ موجود آھي جيڪو ان ڳالھ جو واضع ثبوت آھي ته ھي قوم سمان حڪمرانن سان هميشه گڏ رهي آهي ۽ پوءِ وقت جي حالتن مثلا جنگن ۽ روزگار جي سببن ڪري ناھيون قوم جا ماڻھو ٺٽي شھر کان ڇڊا ڇڊا ٿيندا ويا.
تاريخ سنڌ جي مصنف ھن مضمون ۾ ڏنل شروعاتي ۽ مٿين وضاحت جو ڀرجھلو ٿيندي ھيٺئين ريت سمن جي حڪومت تي سرسري نظر وڌي آھي:
سمان قوم جون تمام گھڻيون شاخون سنڌ ۾ موجود ھيون ۽ اڃا به آھن، جھڙوڪ؛ سھتا، ھڱورجا، اڍيجا، اوٺا، ناھيان، جاڙيجا، سميجا، نوتيار، لنجار، لاکا، جکريا، راھما، پلي، جوڻيجا وغيره وغيره. انھن قومن مان به ڪيترين ئي قومن جا سردار سنڌ جي لاڙ خواھ اتر ۾ پنھنجي زمينداري حد جا خودمختيار حاڪم ھئا. پر جنھن قوم سڀني شاخن کان وڌيڪ زور ورتو ۽ آخر سڄي سنڌ جي حڪومت ھٿ ڪئي سان پاڻ نج سمان سڏائڻ لڳي.
سنڌ ۾ موجود ناھين جي اڪثر ڳوٺن ۾ رھندڙ راوين کان، پڻ مٿئين ڪڇ واري ڪھاڻي جي تصديق، ڪنھن ٿورڙي فرق سان بلڪل ائين ئي ملي ٿي. سندن موجب ته ناھيان پڻ خود سمن ۽ ٻين سماٽ قومن سان گڏ سومرن ھٿان مٿئين ڪھاڻي مطابق سنڌ مان لوڌيا ويا. پوءِ ڪڇ ۽ جھوناڳڙه تائين وڃي پھتا. ان بعد ڪڇ جو قلعو فتح ڪيائون. اتي سمن ۽ ٻين سماٽ قومن سان گڏ حڪمراني ڪيائون. اھڙيءَ طرح وقت سان گڏ، ناھيون قوم جو ھڪ حصو اتي ڪڇ ۾ ئي رھي پيو ۽ باقي وڏو حصو سمن ۽ ٻين قومن سان گڏ موجوده سنڌ ۾ ڦھلجي ويو.
جھوناڳڙھ کان ڪڇ ۽ ڪڇ کان پوءِ موجوده سنڌ ۾ ناھيون قوم جي جيڪا پھرين آمجگاه چئي وڃي ٿي، اُھا نصرپور کان ڏه پنڌرھن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، موجوده ٽنڊوالھيار تعلقي ۾’ناھيانھو‘ يا ’ناياھو،‘ نالي ڳوٺ ھو جنھن جو ذڪر ’تحفة الڪرام‘ ۾ پڻ صرف حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) جي ھڪ قديم ڳوٺ جي حوالي سان ڪيل آھي. جيتوڻيڪ مصنف اھو ناھي ڄاڻايو ته اھو ڳوٺ ڪھڙي قوم جو ۽ حيدرآباد جي ڪھڙي ھنڌ موجود ھو؟ جڏھن ته ناھيون ذات جي راوين مطابق ته ھي تقريبن اھو ئي پڊ ھو جتي اڄ کان ڪو عرصو پھرين رائدن جي نون پٽن مان سمي جا ساڻي ٻه ناھيان ساڻس گڏ ھاڻوڪي نصرپور يا ان جي اردگرد ڪٿي رھائش پذير ٿيا ھئا.
روايتن موجب ته اھو ڳوٺ تعلقي ٽنڊوالھيار جي موجوده ديھن ماريچي ۽ ناھيچاڻي ۾ ئي قبي بس اسٽينڊ ڀرپاسي آباد ھو. جنھنڪري ئي انھن پراڻن پڊن کي مدنظر رکندي زمين جي سروي وقت انھن ديھن جا نالا ناھيان قوم پويان ماريچي ۽ ناھيچاڻي رکيا ويا. ڪن روايتن مطابق ته سنڌ ۾ ناھين جي ڪڇ کان پوءِ باقاعده طور پھرين آمجگاه ’ناياھو‘ يا ’ناھيانھو‘ (يعني ناھين جو يا ناھين وارو) موجوده ٽنڊوالھيار تعلقي ۾ ئي ديھ ’دڙو ڪٻي‘ ۾ آباد چيو وڃي ٿو. بھرحال ھي ٽئي ديھون تقريبن ھڪ ٻئي جي ويجھو ئي آھن. غرض ته اھو ڳوٺ حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊوالھيار تعلقي ۾ ئي موجود قبو بس اسٽينڊ ڀرسان سن ست سؤ يعني ٧٠٠ کان ٧٩٩ ھجري تائين ڪنھن به عرصي ۾ آباد ھو، جو ھن ڳوٺ سان ڪلڪان جادوگرياڻي ۽ شيخ لوھنڙو جو قصو منسوب آھي. شيخ لوھنڙو جو ذڪر تحفته الڪرام ۾ پڻ آيل آھي. سندس آّخري آرامگاه حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي، قبو بس اسٽيڊ تي اڄ تائين موجود آھي. کيس ھجري ستين سن جو مشائخ ليکيو ٿو وڃي ۽ ھيٺيون بيان ڪيل قصو سندن حياتي ۽ موجودگي ۾ ڄاڻايل آھي، جنھن جي تصديق پڻ پوري سنڌ ۾ ناھيون ذات جي رواين وٽ يڪسان محفوظ آھي. انڪري به وسوق سان چئي سگھجي ٿو ته ڪڇ کان سنڌ آمد تي ناھين جو پھريون ڳوٺ اھو ئي ’ناھيانھو’ ھو.