لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• آهيون، پوءِ به سڏايون ناهيون!

اسان جي معاشري ۾ ’ذات‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي. اسين پنهنجي نالي ۽ عمل کان وڌيڪ، ذات ذريعي سڃاتا ٿا وڃون.
ان ڳالھ جو احساس، اسڪول واري زماني کان زور وٺڻ لڳو، جڏهن ٻين گهڻين ذاتين وارن دوستن سان واسطو پيو. اڪثر دوستن کي ”ناهيون“ ذات پهريون دفعو ٻڌندي ۽ نه سمجهندي محسوس ڪيم. ڏاڍي مشڪل سان کين، ’ناهيون‘ ذات سمجهائڻي پوندي هئي. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن: هڪ ته اسان جي ذات جا ماڻهو تعداد ۾ ٿورا آهن، گهڻو ٻاهر نڪتل ۽ ٻين قومن سان لهه وچڙ ۾ ناهن. تعليم ۽ سماجي ميدان ۾ بلڪل پوئتي پيل آهن، وغيره.
انهن ئي ڏينهن ۾ بابا سائين جي قريب رهندي، کانئس وڏن جي قصن ذريعي، ناهيون ذات جي اصليت بابت ڪجھ اهڃاڻ ملڻ شروع ٿيم. ڪجھ دلچسپي وٺڻ تي معلوم ٿيو ته ڪن ماڻهن وٽ شجرا موجود آهن، پر انهن سان ملڻ کان پوءِ نا اميدي ۽ پريشاني وڌي ويئي، جو وٽن عملي طور ڪجھ به موجود نه هو!
ڪئين ڀيرا ناهيون ذات ٻڌائيندي به عيب محسوس ڪيم؛ ۽ سوچيم ته جيڪر ڪجھ سمجھ وندن سان ملي، ذات ئي مٽائي وڃي! اهڙي صورتحال ۾، 1986ع ۾، هڪ نظم ”آهيون، پوءِ به سڏايون ناهيون“ جي سري هيٺ پڻ لکيم.
بابا جي صحبت ۾ رهندي ۽ سندس قصن ۾ دلچسپي وٺندي، ناهيون ذات بابت ڪجھ پڪا اهڃاڻ ۽ رستا نڪرندي نظر آيم. ٿوري کوج ۽ بابا جي همٿائڻ تي، ڪجھ وڌيڪ مظبوط ۽ همت افزا ثبوت ملڻ شروع ٿيا ۽ هڪ شاندار ۽ شفاف آئينو، جڙندي محسوس ڪيم. ادبي دنيا ۾ پير پائيندي، جڏهن ڪهاڻيون، ريڊيو ڊراما ۽ ٻيو ڪجھ زور شور سان لکڻ لڳس، تڏهن پنهنجي ذات جي تاريخ لکڻ جي ذميداري پاڻ تي وڌ کان وڌ ڀانيم ۽ ائين يونيورسٽيءَ جي آخري امتحان ڏيڻ بعد، ڪجھ عزيزن جي مدد سان، سنڌ ۾ ناهيون ذات جي مختلف ڳوٺن جو دؤرو ڪيم. سيني ۾ ڇپائي رکيل تاريخ وارن جهونن سان ملي، سندن قصن کي نوٽ ڪيم. ڪتابي شهادتن ۽ ٻين ماڻهن کان ملندڙ روايتن سان، انهن جي ڀيٽ ڪري، وس آهر هڪ حقيقي ۽ سچي تاريخ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. سن ۽ تاريخن جي ڀيٽ، ان دؤر جي اولياءِ ڪرام جي ڄم ۽ وفات جي تاريخن جي حوالي سان ڪيم، جو ڪنهن حد تائين اهي مصدقه ۽ تحقيق ڪري محفوظ ڪيل آهن.
ان سڄي ڪم ۾ رهنمائي ۽ همت افزائي وري به پنهنجي والد محترم کان ملندي رهي، جنهنڪري اڄ جڏهن هن ڪم جي ’ارپنا‘ سندس حوالي سان ڪري رهيو آهيان ته هڪ طرف خوشي ۽ فخر ٿو محسوس ٿئيم ته ٻئي پاسي ڏک پڻ، جو اڄ هو هي سڀ ڪجھ ڏسي نه سگهيو آهي.
هن سفر ۾ جيڪي ٻيا مددگار رهيا، انهن مان به ڪافي هاڻي هن دنيا ۾ ناهن رهيا. پنهنجي ذات جي ماڻهن جي علم ادب کان دوري ۽ پنهنجي تاريخ کان ناواقفيءَ کي محسوس ڪندي به ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم.
اڄ کان ڪجھ سال پهرين ”سنڌي ساهت گهر“ حيدرآباد طرفان، جڏهن ڪينجهر رسالي جو ذاتيون نمبر ۽ ڳوٺ نمبر ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ڏاڍي خوشي ٿيم. پنهنجي ڪم کي هڪ ابتدائي ڪاميابي ۽ پنهنجي ذات جي عام و خاص تائين پهچائڻ جو ذريعو محسوس ٿيم. ان ڪري هٿ ڪيل، مواد کي رسالي جي گهرج آهر مضمون جي صورت ۾ ترتيب ڏنم. بعد ۾ ڳوٺن جو ذڪر ته ’ڳوٺ نمبر‘ ۾ ڇپجي ويو پر ذات وارو اصل مضمون، ڪينجهر رسالي جي ڪن مجبورين سبب، ذاتيون نمبر نه نڪرڻ ڪري، نه ڇپجي سگهيو. ائين سال گذري ويا. مضمون به گم ٿي ويو.
اصل ۾ منهنجو مقصد هيءُ مضمون شروعاتي طور ڪينجهر ۾ ڇاپائڻ جو اهو به هو ته هڪ دفعو عام ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ته جيئن ان تي ڪا راءِ اچي سگهي. ان طرح روايتن جي ٽيڪا ٽپڻي کان پوءِ، انهن کي ڪنهن بهتر شڪل ۾، ڪتابي صورت ۾ ڇاپائجي.
وقت تيزيءَ سان گذري ويو. روزگار بهاني، اسلام آباد رهڻو پيو، جنهنڪري ڳوٺ، ذات ۽ لکڻ کان تقريبًا ڪٽجي ويس. جڏهن به ڳوٺ آيس ته پنهنجن ۽ پنهنجي ذات وارن کي علم ۽ ادب کان دور ڏسندي، سخت افسوس ۽ ڳڻتي ٿيم. گذريل سال (۲۰۱۱ع) وارين هاڃيڪار برساتن ۾ جڏهن گهڻو ڪجھ نقصان ٿيو، انهن ۾ منهنجا ڳوٺ واري گهر ۾ رکيل ڪتاب ۽ قلمي نسخا به بارش جي ور چڙهي ويا.
انهن مڙني ڳالهين، ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو اٿم ۽ پھ ڪيم ته جيترو جلدي ٿي سگهي، هيءُ مضمون ڇاپي پنهنجي ذات جي ماڻهن تائين سندن هيءَ امانت پهچايان.
لک لائق انجنيئر عبدالوھاب سھتو ۽ رياضت ٻرڙو صاحب جا، جن جي محبت، محنت ۽ مدد سان ھيءُ قومي ڪم، ڪتابي صورت ۾ اوھان جي ھٿن ۾ آھي.
هيءُ مضمون، ناهيون ذات جي ڪا مڪمل ۽ بلڪل پڪي تاريخ نٿي چئي سگهجي، ڇو ته خود سنڌ جي تاريخ به اڃا تائين مختلف روايتن ۽ قصن جي بنياد تي ٻڌل آهي. تحقيق جي گنجائش بلڪل موجود آهي. گهڻيون شيون اڃا به لکڻ کان رهجي ويون آهن. چند خاص ڳوٺن کان علاوھ، ناھيون ذات جي مڙني ڳوٺن جو ذڪر گھڻن ئي بنيادي سببن ڪري قلمبند ڪرڻ کان رھجي ويو. وقت ۽ وسائل جي ڪميءَ جي ڪري ڪڇ، ٿر ۽ هندستان جي راجستان ۾ موجود ناهين جو ذڪر نه اچڻ سبب هيءُ مضمون، اگرچه اڻپورو چئي سگهجي ٿو، پر پوءِ به تاريخي اعتبار کان، ناهيون ذات توڙي ٻين ننڍين سماٽ قومن لاءِ هيءُ مضمون، اميد تي ڪارگر ۽ حوالي لائق رهندو.
هن مضمون ذريعي، هڪ بنيادي ڍانچو ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. سام کان آريا ۽ عربن کان اڄ جي دؤر تائين جيڪي روايتون، اهڃاڻ، حوالا، لکتون ۽ بيان ملي سگهيم، انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ترتيب ڏئي اوهان سامهون اوهان جي امانت رکي اٿم. ڪوشش ڪري صرف اھي روايتون ۽ حوالا قلمبند ڪيا اٿم، جن جي تصديق ھڪ کان وڌيڪ راوين ڪئي آھي. خوامخواھ ناھيون ذات کي اونچو يا گھٽ ڏيکارڻ کان پرھيز ڪئي اٿم. نه ته ناھيون ذات کي متحدھ عرب امارات جي شيخ النھيان سان ملائڻ چاھيو اٿم، نه وري سمان گھراڻي جي آخري بادشاھ ڄام نندو جو پونئير ثابت ڪرڻ لاءِ ھٿرادو حوالا ڏنا اٿم. جيڪي سچ سامھون آيو اٿم، کڻي اوھان اڳيان پيش ڪيو اٿم. مون کي ان ڳالھ جو قوي ايمان آهي ته اوهان مان ئي ڪنهن کي الله همت ڏيندو جو هن ۾ جيڪڏهن روز ڊائري جو هڪ پنو پنهنجي باري ۾ لکي به اضافو ڪندؤ ته هوند تاريخ جو سلسلو ٺهي پوندو.
دعا آھي ته اللھ پاڪ اسان سڀني جو ھادي، حامي ۽ رھبر رھي.

غلام مصطفيٰ ناهيون
۴ آگسٽ ٢٠١٢ع، اسلام آباد