• ناھيون ذات عربن جي دؤر ۾
ڀنڀور شھر، خليفي ھارون رشيد عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينھن ۾ سن ١٧١ ھه بمطابق سن ٧۸٧ع ۾ زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿي ويو. (تاريخ سنڌ-٣ بحواله چچنامه). ھي شھر ٻين ڳالھين کان علاوه سسئي ۽ پنھونءَ جي آکاڻي ڪري به مشھور آھي. ڪتاب ’تاريخ سنڌ-٣ ‘جو مصنف، ايليٽ صاحب جي حوالي سان، سسئي پنھون جي آکاڻي ھن طرح بيان ڪئي آھي:
راجا دلوراءِ جي رياست ۾ ’ڀامبراواھ‘ نالي ڳوٺ ھو، جنھن ۾ نانيو نالي برھمڻ زال منڌر سميت رھندو ھو. کين اولاد جي تمام گھڻي سڪ ھئي. ھنن کي ڪنھن اللھ لوڪ دعا ڪئي ته ’اوھانکي چنڊ جھڙي ڌيءُ ٿيندي، پر ان جي شاديءَ جو انگ، ھڪڙي مسلمان سان لکيل آھي.‘ اِھا ڳالھ ٻڌي، ٻئي زال مڙس ڏاڍي جھوريءَ ۾ پئجي ويا. پر ’لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وھي‘. نانئي کي ڌيءَ ڄائي. اھا سندس اکين ڏسندي ڪنھن مسلمان سان پرڻجي، سا ڳالھه ٻنھي زال مڙس کي اگري لڳي. تنھنڪري دل جو سور دل ۾ رکي، پنھنجي پياري سڪيلڌي ڌيءُ کي ھڪڙيءَ پيتيءَ ۾ بند ڪري، کڻي سنڌو درياءَ جي سرن وڌائون. اھا پيتي لڙھندي لڙھندي اچي ڀنڀور بندر کان نڪتي.
ڀنڀور شھر ۾ ’ناھيون‘ يا ’لعل‘ نالي ھڪڙو وڏو مالدار ڌوٻي رھندو ھو، جنھن وٽ پنج سؤ ڪمي ۽ سيکڙاٽ ڪم ڪندڙ ھئا، مگر اولاد ڪو نه ھئس. ان جي ھڪڙي ڪميءَ کي اِھا پيتي درياءَ ۾ لڙھندي نظر آئي، جنھن اھا ڪڍي آڻي پنھنجي اُستي ’ناھيين‘ جي اڳيان رکي. ’ناھيون‘ جان کڻي پيتي کولي ته منجھس چنڊ کي شرمائيندڙ جيئري جاڳندي معصوم نياڻي پئي آھي. ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ’سسئي‘ (چنڊ) رکي پنھنجي ڌيءَ ڪري وڃي نپايائينس........ (پوري ڪھاڻيءَ لاءِ پڙھو تاريخ سنڌ-٣)
منھنجي ناقص راءِ موجب ٿي سگھي ٿو ته ھي ’ناھيون‘ رائدن ولد ڪاڪا جي نون پٽن مان ھڪ ھجي جنھنجو ڪو به اولاد نه ھو، ۽ ھاڻوڪا ناھيان ممڪن آھي ابڙي جي پٽن ’ڦل ناھيون‘ ۽ ’ڏاھر ناھيون‘ مان ھجن، جيتوڻيڪ اڄ ڪو به ناھيون، ڦل ناھيون يا ڏاھر ناھيون ڪو نه ٿو سڏائي.
ھتي ھڪ ٻيو سوال جيڪو ذھن ۾ اڀري ٿو، اُھو اِھو آھي ته ھي ’ناھيون‘ ڇا نالي جو ’ناھيون‘ ھو يا ذات جو؟ جيئن اسان سنڌي قوم ۾ اڄ به رواج آھي ته اسين نالي کان وڌيڪ ذات کي اھميت ڏيندا آھيون. ڪنھن اجنبي سنڌي سان تعارف وقت اسان جو کائنس پھريون سوال ’نالو ڇا اٿئي؟‘ بجاءِ پاڻ ڪير آھين؟‘ ھوندو آھي، ائين اسين اڄ به اڪثر ڪنھن کي سندس نالي سان پڪارڻ بجاءِ ذات سان پڪارڻ کي ترجيح ڏيندا آھيون. جيئن شاھ صاحب، ڀٽو صاحب، سومرو صاحب وغيره، ۽ ائين گھڻن ماڻھن جي ذات ئي سندن نالو بڻجيو وڃي. ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته مٿين آکاڻي واري ناھئين کي (جنھن جو اصل نالو لعل ھو) ايليٽ صاحب اھڙي ئي صورتحال تحت ناھيون لکيو آھي.
ھڪ ٻئي خيال موجب ته جيئن ھي ’ناھيون‘ مسلمان ھو، جيئن سسئي پنھون جي آکاڻي مان ظاھر آھي، انڪري ٿي سگهي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ کان پھرين سندس نالو ناھيون رھيو (شجري مطابق) ۽ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ھن پنھنجو نالو مٽائي ’لعل‘ رکيو. پر جيئن ته پاڻ ’ناھيون‘ نالي مشھور ھو انڪري ليکڪ کيس ٻنھي نالن سان لکيو آھي. وڌيڪ علم اللھ کي، ڇو ته وقت جي وڏي وٿيءَ ڪري ھن بحث کي ثابت ڪرڻ لاءِ ھر دليل بي بنياد ئي رھندو.
ھتي ھڪ سوال اِھو به زھن ۾ اڀري ٿو ته آخر ناھيون ذات ڪڏھن ۽ ڪنھن جي ھٿ تي اسلام قبول ڪيو؟! جنھن لاءِ نه ته ڪا ڪتابي شاھدي آھي ۽ نه پختائي سان ڪجھ چئي سگھجي ٿو. پر جيئن ته تحفة الڪرام جي صاحب، توڙي ان کان پوءِ جي تقريبن تاريخ نويسن، سنڌ جي ھاڻوڪين گھڻي ڀاڱي سماٽ قومن کي سمان قوم جون شاخون سڏيو آھي، ان لاءِ چئي سگھجي ٿو ته جيئن خود سمن (مک قوم) اسلام پئي قبول ڪيو ھوندو تئين سندن ٻين شاخن به اسلام قبول ڪيو ھوندو. جيتوڻيڪ چنا قوم لاءِ تاريخن ۾ اچي ٿو ته سماٽ قوم ۾ سڀ کان پھرين ’چني‘ اسلام جي اصولن کان متاثر ٿي محمد بن قاسم جي ھٿ تي اسلام قبول ڪيو. (تاريخ سنڌ-٣، ص ٢٣ ۽ ۲۴)
جڏھن ته ’لب تاريخ سنڌ‘ جي مصنف مطابق ته ديبل بندر ۽ برھمڻ آباد (ٻانڀران) وغيره جا قلعا فتح ڪرڻ بعد ساوندري (ٺري) ۽ انجي اوسي پاسي رھندڙ سمان قوم جا ماڻھو، جي اڃا تائين سنڌ ۾ جدا جدا ھنڌن تي رھن ٿا، دھل دماما وڄائيندا ۽ ناچ ڪندا اچي محمد بن قاسم وٽ حاضر ٿيا ۽ اسلام قبول ڪيائون. مختصراً اھو ته جيئن سسئي پنھون جي آکاڻيءَ مان تصديق ٿي ٿئي ته ڀنڀور جي موجودگيءَ وقت ۽ عربن جي دؤر حڪومت ۾ ’ناھيون‘ باقاعده مسلمان ھو، انڪري چئي سگھجي ٿو ته سمن جي ٻين شاخن سان گڏ ’ناھين‘ به اموي گھراڻي يعني عربن جي دؤر حڪومت ۾ محمد بن قاسم وٽ اسلام قبول ڪيو ھوندو يا شايد ان کان به اڳ جڏھن عربن جا ھن ملڪ سان سامونڊي توڙي خشڪي رستي واپار جا تعلقات ھئا. جيئن سسئي پنھوء جي آکاڻي مان ظاھر آھي، يعني ته ’ناھيون‘ سسئي جي ڄمڻ کان پھرين ئي مسلمان ھو، جيئن سسئي جي مائٽن کي نجومين چيو ھو.
عربن (اموي گھراڻي) جي حڪومت کان پوءِ تغلق گھراڻي جي دؤر حڪومت تائين، تاريخن ۾ سمان قوم جو ذڪر بلڪل نه ھئڻ برابر ٿو ملي يا ٻين لفظن ۾ بلڪل ئي نه ٿو ملي، جنھن جا به ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا، جن جو ھتي ذڪر ڪرڻ ضروري ناھي.