• ناھيون ذات ٽالپورن جي دؤر کان انگريزن جي دؤر تائين
ھن دؤر جو مشھور ڪافي گو شاعر ۽ بزرگ، حضرت مصري شاه امام رضوي نصرپوري (وفات سن ۱۸۹۵ع بمطابق ۱۳۱۳ھه) آهي جنھن جا تقريبًا حيدرآباد ۽ ٽنڊوالھيار ضلعي جا سڀ ناھيان مريد نه ته معتقد ضرور ھوندا. ناھين کان علاوه به نصرپور جي چئني طرف تقريبًا ھر قوم مان سندس معتقد ۽ مريد آھن. پر انھن مڙني ناھين توڙي ٻين قومن مان راقم جي وڏن کي اھو اعزاز حاصل آھي جو ھو سائين مصري شاه جي بزرگي واري عھد تي پھچڻ کان پوءِ، سندن پھريان مريد آھن.
روايت ڪجھ ھن ريت آھي ته راقم جا وڏا ذڪر ڪيل شھداد فقير واري ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، ماڪن ناھيون وارو ڳوٺ ۽ تنھن کان پوءِ نامعلوم سببن ڪري، اھو ڳوٺ ڇڏي ھاڻوڪي ڳوٺ حاجي يار محمد کان ھڪ فرلانگ اتر اولھ طرف اچي آباد ٿيا. ان دؤر ۾ مٿي ذڪر ڪيل شاه الياس عرف جيئي شاه بادشاه جيتوڻيڪ گذاري چڪو ھو پر سندن خانقاه تي ھر مھيني، چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي، تر ۽ آسي پاسي جون سڀ قومون، ڏھاڙو ملھائڻ خاطر ضرور جمع ٿينديو ھيون ۽ پاڻ سان آندل کير ۽ مانيون، ننگر طور ونڊي ورڇي کائينديون ھيون. (اھو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آھي). اھڙي ھڪ ڏھاڙي تي ھن نئين ڳوٺ مان وڏيري کٻڙ (راقم جو پڙ ڏاڏو) جو وڃڻ ٿيو ۽ جڏھن کيس ٺڪر جي جمنيءَ ۾ ھلندڙ ننگر جو کير ڏنو ويو ته کيس سخت ڪراھت آئي ۽ کير واپس ڪري ڇڏيائين. بس اھو ئي ھڪ بھانو بنيو ۽ پاڻ ڪجھ ڏينھن اندر دماغي توازن وڃائي ويٺو. ھن جي وڏن، سندس گھڻو ئي علاج ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪرايا پر کيس ڪو به فرق نه پيو. دل ۾ چاھت ھئن ته جيڪر ڪو زنده پير ملي وڃي، جنھن کان کٻڙ جي بيماريءَ بابت ڏس پنڌ ۽ سوال جواب ڪيو وڃي. ائين ئي ڪنھن کين سائين مصري شاه بابت ڏس ڏنو؛ جنهن بعد پاڻ وٽن آيا ۽ اچي مريد ٿيا. سائين مصري شاه خود به کٻڙ کي دم دعا ڪندا رھيا پر ڪو خاص فائدو نه ٿيو. جنھن بعد سائين مصري شاه خود، ھن جي ٻانھن وٺي اچي جيئي شاه بادشاه جي درگاه تي حاضر ڪئي ۽ وڏيري کٻڙ کي چيو ته تون جيئي شاه بادشاه کان سوال ڪندو رھ ته؛ ”مونکي سنون کان سنئون ڪر“. انھيءَ سوال ڪري ئي مٿس نالو کٻڙ مان ڦري ’کٻڙ سوالي‘ پئجي ويو.
اھڙيءَ طرح ستن ورھين کان پوءِ، کٻڙ سوالي بلڪل چاق چڱو ڀلو ٿي موٽيو. ناھين جي ھن نئين ڳوٺ ۾ موجوده ڳوٺ حاجي يار محمد جي ناھين کان علاوه ڪجھ گھر خانپور جي ناھين جا پڻ ھئا. جنھن ۾ روايت موجب ته؛ کين جنن ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ مالي نقصان پھچايو. جنھنڪري پاڻ ھڪ دفعو ٻيھر سائين مصري شاه وٽ دانھين ٿي ويا، جنھن کين اھو ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ چيو. پر جيئن ته ھي نھايت غريب ھئا. انڪري منجھائن ڪو به پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھو. ٻئي طرف مرشد جو حڪم نه مڃڻ به سندن اختيار ۾ نه ھو. جنھنڪري سائين مصري شاه کين آٿت ڏني، ڪجھ دعائون ڪيون ۽ اھو ڳوٺ خالي ڪرايو ۽ ٿورو ئي پري ڏکڻ طرف ھڪ نئون ڳوٺ آباد ڪرايو. جيڪو ھڪ عرصو قائم رھڻ کان پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ چورن جي تنگ ڪرڻ ڪري ڦٽي، نئين موجوده ڳوٺ حاجي يار محمد نالي آباد ٿيو. ھن ڳوٺ تي جنن واري ان راويت کان وٺي ’غيب‘ يا ’گيبن وارو ڳوٺ‘ جو نالو به عام استعمال ۾ اچي ٿو.
سائين مصري شاه، کٻڙ سوالي کي اڪثر ’ماما‘ چئي مخاطب ٿيندا ھئا ۽ دعائون ڪندا ھئا. جيڪي ھيٺين ريت آھن ۽ اڄ به مقبول آھن. پاڻ چوندا ھئا:
۱. ماما (کٻڙ سوالي) فقير (پاڻ) اِھا دعا ڪو نه ڪندو ته؛ ڪپڙي ۾ ميڙي گڏ ڪرين. باقي اڇي ماني اڇي گندي، تنھنجي ستين پيڙھئين موڪ آھي.
۲. ڏنگيون اوڙون، سنوان سنگ. ھِن ٻنيءَ جو ڍينگھر گھلي ھُن ۾ ۽ ھُن جو گھلي ھِن ۾ ڇڏجانءِ ته پوک پاڻھي ڀلي ٿيندي.
۳ . ماما جيترو لڏيندين، اوترو سکيو ٿيندين. (ڳوٺ ڇڏائڻ جي موقعي تي ڪيل دعا)
مٿين دعائن کان علاوه پاڻ وظيفي طور ڪي فريضا به مٿن رکيا، جيئن:
۱. پرايو سنڀاڻ، پنھنجي ماٽيءَ ۾ نه وجھجانء!
۲. ڪنھنجو ضامن نه پئجان!
۳ .ڪو بادشاه پير دستگير جو پلاند وجھئي ته خون به بخشي ڇڏجاءِ!
ان کان علاوه، چون ٿا ته تاجپور جا نواب، جيئن ته ٽالپور دؤر جي حڪومتي انتطامن ۾ سڌا سنوان لاڳاپيل ھئا، انڪري نھايت ئي ڪراڙا ۽ مغرور ھئا. ڪنھن غريب غربي تي ڇوھ ئي ڪو نه ڇنڊيندا ھئا، بلڪ ھتان جون اڪثر قومون سندن زيردست ھيون، سواءِ ناھين جي، جيڪي جيڪڏھن ساڻن مھاڏو اٽڪائڻ جي قوت نه رکندا ھئا ته سندن آنڪي به نه ڀريندا ھئا. اھڙيءَ طرح ٻئي ڌريون ھڪٻئي کان ھڪڙي فاصلي تي رھنديون ھيون. پر جيئن ته وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ننڍي وڻ جو اُسرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به ھوندو آھي، تئين تاجپور جي نوابن سان گڏ رھندي (جن مٿان سڌو سنئون پھرين ميرن جو ۽ پوءِ انگريزن جو ھٿ رھيو) ناھين جو اڀرڻ به ڏکيو ھو. تاجپوري نواب خاص طور تي کٻڙ سوالي سان تمام گھڻو سڙندا ھئا (ڇو ته ھو ميرن جي ھڪ خاص خادم جي گھران پرڻيو ھو ۽ انڪري ميرن وٽ سندس به عزت ھئڻ ڪري ھو ھڪ طرح نوابن جي برابري ۾ اچي ويو ھو). کٻڙ سواليءَ ان شڪايت جو ذڪر پڻ سائين مصري شاه سان ڪيو، جنھن ان موقعي تي به کيس دعا طور ڪلام ڪيو ته: "ماما نواب تو کي ريل گامون بڻايو ٿو ڏيان، چڙھيو پيو گھم". جنھن کان پوءِ تاجپوري نواب، ھتان جي ناھين بالخصوص، کٻڙ سوالي جي گھراڻي جي تمام گھڻي عزت ڪرڻ لڳا، جنھن جا به ڪيترا ئي مثال آھن. جن مان ھڪ راويت آھي ته؛ نواب بخشڻ خان (وفات ۱۳۳۷ھ) جڏھن ڪنھن بيماريءَ مان چاق ٿيڻ بعد گھر ڏانھن ھڪ قافلي جي صورت ۾ (جنھن ۾ لغاري نواب ۽ ھتان جون ٻيون به ڪيتريون قومون ھيون) مافي ۾ چڙھيو ٿي موٽيا ته واٽ تي کٻڙ سوالي به سندن عيادت ڪرڻ لاءِ آيو ته نواب صاحب مافو ھيٺ لھرايو ۽ کٻڙ سوالي کي به پاڻ سان گڏ ويھاري وٺي ويو.
سائين مصري شاه جتي کٻڙ سواليءَ لاءِ مٿيون ڪلام ڪيو اتي کيس سختيءَ سان اھا پڻ ھدايت ڪئي ته ھو فقير نواب ولي محمد لغاري کي (جيڪي سندن همعصر شاعر هئا) باقي لغاري نوابن کان الڳ حيثيت، عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏسن. بلڪ ائين چيائون ته؛ ’جيڪو ولي محمد فقير کي نه مڃيندو، سو مونکي به نه مڃيندو.‘ (جنھن جو ذڪر ڪتاب ’ڪلام نواب ولي محمد لغاري‘۾ پڻ آيل آھي.)
سائين مصري شاه جڏھن به نواب ولي محمد وٽ ايندا ھئا يا سفر ۾ ڪيڏانھن ايندي ويندي سندن گذر، کٻڙ سوالي جي ڳوٺ وٽان ٿيندو ھو ته طعام ۽ قيام ھميشه ھتان جي ناھين (کٻڙ سوالي) وٽ ئي ڪندا ھئا. اھو ئي سبب ھو جو سائين مصري شاه جي رحلت وقت، جڏھن رسم طور ’خليفي طرفان سڀني عزيزن ۽ مريدن خادمن کان سندن قبر کوٽائڻ لاءِ ڪوڏر جا لپا ٿي ھڻايا ويا ته اتي به پھرين مريد طور کٻڙ سوالي جي پٽ حاجي يار محمد کان، جنھن جي عمر ان وقت يارنھن يا ٻارنھن سال ھوندي، قبر کوٽرائڻ لاءِ پھريون لپو ھڻايو ويو.
ھڪ ٻي روايت موجب ته سائين مصري شاه جي وفات کان پوءِ، سائين علي غلام شاه (وفات ۱۹۲۷ع بمطابق ۱۳۴٦ھه) جي گادي نشيني وارن ڏينھن ۾ پاڻ سائين مصري شاه جي ميلي تي ھميشه خانپور جي ناھين مان مائي زليخان کي گھرائي حويليءَ ۾ کانئس پيراڻا ڳيچ ڳارائي، اوائلي مريد ھئڻ جي حيثيت ۾ سائين مصري شاه جو سھرو (ميندي) ٺھرائيندو ھو. ھڪ دفعي، ميلي جي ڏينھن ۾، ھوءَ سخت بيمار ٿي پئي ۽ ميلي تي پھچي ڪا نه سگھي. سائين علي غلام شاه صاحب سندس ڀائرن کي ڏانھنس واپس موڪليو ته جيئن اھي ھر صورت ۾ کيس ميلي جي سھري تيار ڪرڻ لاءِ وٺي اچن. پوءِ اھڙيءَ ريت، جيسيتائين مائي زليخان نه پھتي سائين علي غلام شاه صاحب ميلي جو سھرو سجائڻ ۽ کڻڻ ڪنھن ٻئي کي نه ڏنو.
راقم جو والد گل محمد (گلڻ) پنھنجي ڄمڻ جي سال ۽ سائين علي غلام شاھ جي وفات واري سال جي حوالي سان ٻڌائيندو ھيو ته پاڻ ٽن ڀيڻن پويان ڄائو. جنھن ڪري کيس ٽکڙ سڏيو ويو. سندس ماما (مائي زليخان جا پٽ) کيس سائين علي غلام وٽ دعا لاءِ وٺي ويا، جنھن کيس نصرپور ڀرسان وھندڙ درياءَ ۾ ٻيڙيءَ اندر پنھنجي گود ۾ ويھاري، پڳ ٻڌرائي ۽ ’درياءُ خان‘ نالو رکي دعا ڪئي.
ھنن ناھين کان سواءِ تعلقي ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ الھڏنو ناھيون ۽ انجي آسپاس جي ڳوٺ جا ناھيان، انوقت کان وٺي سائين مصري شاه جا معتقد ۽ مريد آھن. اِنھن مان ’ندو‘ به ھڪ ھو، جنھن لاءِ چون ٿا ته ان کان ڳوٺ ۾ ڪا بڇڙي ٿي پئي، جنھنڪري راڄ کيس شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي. ندو، پوءِ حيدرآباد آيو ۽ حمالڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. پاڻ نھايت ئي پھلوان ھو، جنھنڪري ’ندو ناھيون‘ مان ’ندو حمال‘ مشھور ٿيو. سندس پھلواني جي چؤطرف هاڪ ھئي ۽ ميرن جي ڪنھن حاڪم سندس پھلوانيءَ کان متاثر ٿي، کيس ٺٽي شھر جي بخشي کٽي (پھلوان) سان گڏ خاص درٻاري ماڻھو ڪري رکيو. ندي حمال لاءِ مشھور آھي ته؛ پاڻ ميرن جي دؤر حڪومت ۾ ۱۲ مڻي توپ اڪيلي سر حيدرآباد جي پڪي قلعي جي دروازي تي لاھيندو ۽ چاڙھيندو ھو.
ندو حمال، پنھنجن ستن ڀائرن سميت حيدرآباد جي ’ناھين جي پڙ‘ ۾ موجود ”ندو محل“ ۾ رھڻ لڳو ھو. جنھن سان ميرن جي دؤر ۾ ’ناھين جي پڙ‘ کي وڌيڪ مشھوري ۽ وڏي پذيرائي ملي. ندي حمال جا ڀائر پڻ، ميرن جي فوج ۾ سپاھي ھئا. جنھن جي گواھي سحر امداد صاحبه جي مٿي ڏنل شعر ۾ پڻ آيل آھي.
چون ٿا ته ندو حمال کي ٽالپور حڪمرانن طرفان موجوده ’دوآٻو‘ حيدرآباد جي علائقي ۾ ۷۰۰ ايڪڙ زمين (جاگير) انعام طور ڏني وئي ھئي، جيڪا سنڌو درياءَ جي لڳ ھئڻ ڪري’ناھيچاڻي مياڻ‘ سڏبي ھئي. ان کان علاوه کيس ڪڙيو گھنور ۾ به ڪافي زمين ڏني ويئي، جيڪا بعد ۾ انگريز حڪومت، زرعي بل نه پيارڻ سبب، ضبط ڪري ڇڏي.
ندي حمال ڪٿان شادي ڪئي؟ ان جو ته پتو ناھي پئجي سگھيو، پر ان مان کيس ھڪ پٽ علي بخش نالي ھو، جنھن کي چار نياڻيون؛ راڻي، زينو، صاحب خاتون ۽ ھڪ ٻي ھيون. روايت آھي ته ندي حمال پنھنجي حياتي ۾ ئي دوآٻي واري ۷۰۰ ايڪڙ زمين پنھنجي پوٽي زينو نالي ڪئي ھئي، جيڪا بعد ۾ علي بخش کان خميسي چني ۽ نامعلوم شاه وٽ ۴۰۰۰ رپين عيوض گروي سبب ھلي ويئي.
ندو حمال جيئن ته مٿي ڄاڻايل سببن ڪري پنھنجن کان پري ھو، انڪري ھن پنھنجون چار ئي پوٽيون پنھنجي مرشد مصري شاه جي جھوليءَ ۾ مائٽيءَ لاءِ اڇلايون. جنھن ھڪ نياڻي صاحب خاتون، مٽياريءَ جي نظر علي شاه ڄاموٽ کي پرڻائي ڏني (جنھن مان کيس ملوڪ شاه، احمد شاه، عاقب شاه ۽ امير علي شاه نالي پٽ ڄاوا)، ھڪ نصرپور جي سيدن ۾. جڏھن ته راڻي، ڳوٺ وڏيرو الھڏنو جي عرس ناھيون جي گھر پرڻائي ويئي. باقي نياڻي ’زينو‘ پنھنجي خاص مريد کٻڙ سوالي کي پرڻائي ڏني ويئي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل آھي ته ندي حمال جا ڀائر ۽ ڪي ٻيا ناھيان ٽالپورن جي شروعاتي عھد کان وٺي آخر تائين ميرن جي فوج ۾ فوجي ٿي رھيا. جيڪي انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ لڳل مشھور جنگين، ’مياڻي واري جنگ‘ (۱۸۴۳-۲-۱۷ع) ۽ ’دٻي واري جنگ‘ (۱۸۴۳-۳-۲۴ع) ۾ به شامل رھيا، مگر تاريخ جي ڪتابن ۾ سندن حوالو ناھي ڏنو ويو.
تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ حاجي درياھ خان ناھيون ۾ سندس ئي حوالي سان ھڪ روايت آھي ته؛ پاڻ ٻڌائيندو ھو ته آئون ننڍڙو هئس جو اسان جي ڳوٺ جي ڪن ماڻھن ھڪ شام، ڳوٺ ۽ کيسانه موري جي وچ تي واقع قديمي قبرستان بح الدين بکراڻي ۾ ھڪ پراڻي کوھ (جيڪو ھاڻي لٽجي غائب ٿي چڪو آھي) ۾ تلوارون، زرھه، بندوقون ۽ ٻيو جنگي سامان اچي لڪايو ھو ۽ اسان ٻارن توڙي وڏن (عورتن ۽ مردن) کي اھا ھدايت ڪئي ته اسين ھِن ڳالھ جو ذڪر ڪنھن سان نه ڪيون‘. سندس بقول؛ اھي ماڻھو ميرن جي ساٿي ھئڻ جي حيثيت ۾ دٻي يا وري مياڻي واري جنگ ۾ وڙھي ۽ پنھنجا ڪي ساٿي مارائي موٽيا ھئا.
اِھا ان ڳالھ جي شاھدي آھي ته ٽالپورن ۽ انگريزن درميان لڳل جنگ ۾، ٻين قومن سان گڏ ناھين به ڀرپور حصو ورتو ھو. بعد ۾ انگريزن جي عتاب کان بچڻ لاءِ خاموش رھجي ويا ۽ ميرن سان غداري ڪري، انگريزن کان جاگيرون، عھدا ۽ لقب وٺڻ جي لالچ ۾ سندن سلامي ۽ سُرَ-مِلائو نه بڻيا. ڇو ته تاريخ شاھد آھي؛ جن قومن انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ لڳل جنگين ۾ ٻِچاپڙي وارو نمونو اختيار ڪيو، انهن کي انگريزن نه صرف جاگيرن سان نوازيو، پر ٻين قومن مٿان مسلط پڻ ڪيو ۽ بعد ۾ اھي ئي نواب، خانبھادر، رئيس، خان صاحب وغيره جي لقبن سان معتبر مڃيا ويا.
ناھين جي ميرن سان وفاداري ۽ ساٿ جو ھڪ ٻيو مثال، جنھنڪري سندن پوين جا رشتا سياسي، سماجي توڙي زندگي جي ھر ميدان ۾ اڄ تائين نسل درنسل قائم رھندا پيا اچن، اھو ھيءُ آھي ته ٽالپرن جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ، انگريزن جي دؤر حڪومت ۾، جڏھن انگريز سرڪار مير ڄام (جنھن جي نالي پٺيان ٽنڊو ڄام شھر آباد آھي) جي وفات بعد، سندس جاگير تقريبًا چاليھ ھزار رپين جي ڍل نه پيارڻ ڪري، ھارين کي الاٽ ڪرڻ چاھي ته ان وقت مير ڄام جو سؤٽ مير علي اڪبر صغير ھئڻ ڪري پنھنجن توڙي پراون کان بي يارو مددگار رھجي ويو. اھڙي ڏکئي وقت ۾ بڙ جي ڳوٺ وارو ارباب محمد علي ناھيون ئي ھو جيڪو مير ڄام جي گھر لاءِ ان، گاھ ۽ خرچ پکي کان ويندي ھارين کان زمين ڇڏائڻ ۽ ڍل ادا ڪرڻ تائين مير ڄام خاطر، مير خان محمد ۽ ميرعلي اڪبر لاءِ، سينو سپرد ڪندو رھيو.