لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ڳوٺ خانپور

روهڙي ڪئنال جي اختتامي حدن جي ساڄي ڪوڀ ۾ ديھ تاجپور، تپو شاهپور، تعلقه ۽ ضلع مٽياري ۾ هتان جي لغاري نوابن جي ٻڌايل هڪ وسندڙ واهڻ جو نالو خانپور آهي. جنهن ۾ ٻين گهڻين ذاتين جهڙوڪ: شيدي، ڪوري، ماڇي، لغاري، سيد، واڻيا وغيره سان گڏ تقريبًا ٽيهن گهرن تي مشتمل ڏکڻ کان ڳوٺ جي منڍ ۾ ناهين جو جدا هڪ پاڙو آهي. خانپور جا ناهيان پڻ شهداد فقير واري وسندڙ واهڻ ڦٽڻ کان پوءِ، وقت ۽ حالتن پٽاندر مختلف پڊ وسائڻ/ ڦٽائڻ بعد موجوده وقت هتي آباد ٿيل سمجهڻ گهرجن. ناهين جي هن پاڙي جي آبادي تقريبًا ۲۵۰ جي لڳ ڀڳ آهي، جن ۾ خواندگيءَ جي شرح ٦۰ سيڪڙو کن ٿيندي. منجھن عورتن ۽ مردن جو ڳاڻيٽو به تقريبًا برابر ٿيندو. مردن جو تقريبًا اڌ حصو کيتي ٻاڙي ۽ اڌ حصو خانگي توڙي سرڪاري نوڪرين سان لاڳاپيل آهي. ماڻهو معاشي طرح مڇي مانيءَ وارا ۽ راڄوڻي طرح مڙسيلا آهن. جيتوڻيڪ وٽن تعليم پرائڻ لاءِ انگريزن جي دؤر کان وٺي تعلقي درسگاھ موجود هئي، پوءِ به تعليمي لحاظ کان مردن توڙي عورتن ۾، ڪا خاطر خواه ترقي نه ڪري سگهيا آهن.
هن ڳوٺ جي ناليرن مڙسن ۾ محمد بچل طاقت ۽ زور آزمائي ته محمد رحيم ۽ حاجي اسحاق سخاوت ۽ ديانت ڪري، اڄ به هر عام ۽ خاص جي دلين ۾ زندھ آهن.
حاجي اسحاق (اول) لاءِ مشهور آهي ته هو جڏهن حج تي وڃڻ جي تياري واسطي ڳوٺ ۾ موجود ساداتن (بچل شاھ ۽ ٻيا) وٽ موڪلائڻ لاءِ سندن حويليءَ ويو ته هنن ساڻس پيئڻ جي پاڻي نه هئڻ جي تڪليف بابت شڪايت ڪئي. پاڻ هڪدم گهر آيو ۽ حج جو ارادو ترڪ ڪري، انهن پئسن مان ساداتن کي کوھ کوٽرائي ڏنائين. پوءِ ڪجھ سالن اندرئي انهن ساداتن جي دعائن سان پاڻ ته حج ڪيائين پر دعا مطابق سندس خاندان جي هر پيڙهي مان ڪو نه ڪو حج ڪندو رهي ٿو. روايت آهي ته اهو سلسلو ستن پيڙهين تائين جاري رهندو.
محمد رحيم لاءِ مشهور آهي ته پاڻ ٻين سان گڏ ڪِرائي تي بيل گاڏي وھائيندو هو. جڏهن به ٻڌئين ته سندس ساٿين مان ڪنهن پوليس يا ڪنهن ٻئي طريقي هيتري چٽي ڀري آهي ته پاڻ وري پنهنجي محدود آمدنيءَ مان انهيءَ وقت اوتري رقم جي خيرات ڪري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪڏهن به ڪا چٽي ڪا نه ڀريائين.
محمد بچل، پهلواني ۽ زور آزمائي کان مشهور ۽ معروف هو. پاڻ قداور، ڊولائتو، سانورو ۽ بُت ۾ پاٺو چيو وڃي ٿو. سندس پهلوانيءَ جي گهڻن قصن مان هڪ هيءُ به مشهور آهي ته ؛ هڪ ڀيري ڪا ٻٻر يا نم جي وڻ جي ڪاٺي، ٻنيءَ تان کڻي کين (پاڻ ۽ سندس ڀائر) ڳوٺ پڄائڻي هئي. ڪاٺي به ڪافي ڳري هئي. ڀائرن جو خيال هو ته ’ اُٺ، ڪاٺي کڻي ويندو‘ ۽ هن جو چوڻ هو ته ’اُٺ، ڪاٺي کڻي نه سگهندو‘. پاڻ بحث ان ڳالھ تي ٽوڙيائين ته ’اُٺ کي ويهاريو وڃي ۽ آئون سندس پٺيءَ تي پنهنجي هٿ جي تريءَ جو زور ڏئي بيهان ٿو، جي اٺ اٿي ويو ته ڪاٺي به کڻي ويندو نه ته ڪاٺي کڻي نه سگهندو‘. آخر ائين ئي ڪيو ويو. نتيجي ۾ اٺ اٿي نه سگهيو. پوءِ پڪ ڪرڻ خاطر ڪاٺي به رکي وئي ته واقعي اٺ اٿي نه سگهيو.
هن ڳوٺ ۾ سرڪاري طرح هڪ پرائمري اسڪول، پڪو رستو، بجلي، گندي پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جون ناليون ۽ فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن طرفان هڪ عدد ڊسپينسري جون سهولتون موجود آهن.