لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ھاڻوڪي کيسانه موري اصل ناھين جو پڊ ھئي

لفظ ’کيسانه‘ دراصل اردو جو لفظ ’ڪسان‘ يعني ھاريءَ جي سنڌي لکت ۽ پڙھت کسان آھي. جيڪو پوءِ پنھنجي اصل صورت وڃائي مستقل طور ’کسانه‘ تنھن بعد ’کيسانه‘ بنجي ويو. ھاڻوڪي کيسانه موري تي اھو نالو ’کيسانو مائينر‘ پٺيان پيو، جيڪو انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ روھڙي ڪئنال نڪرڻ کان پھرين موجوده ھنڌ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف ھاڻوڪي نصرپور تاجپور ريلوي اسٽيشن (جا پڻ ڪافي عرصو اڳ شروع ۾ کيسانو اسٽيشن سڏبي ھئي) ڀرسان وھندو ھو. جنھن تي پڻ اھو نالو انگريزن ھتان جي ھارين جي بنياد تي سھوليت طور اردؤ مان اڌاري طور وٺي رکيو ويو. ياد رھي ته موجوده ڳوٺ حاجي درياھ خان ناھيون وارن جو ڳوٺ ناھيانھون مان لڏي اچي پھرين رھائش اختيار ڪرڻ وارو پڊ پڻ اھو ئي ھو. پوءِ جڏھن ۳۲-۱۹۳۱ع ۾ روھڙي ڪئنال نڪرڻ ڪري کيسانو مائينر ڦٽي ويو، تڏھن ريلوي جي پل ۽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊن لاءِ پڪي موري ٻڌڻ ڪري ھن ساڳين جڳھ کي انگريزن طرفان کيسانه موري (ڪسانه موري) جو نالو ڏنو ويو. پر دراصل ھن جڳھ تي جتي روھڙي ڪيئنال جي ڇيڙي تي مختلف شاخن لاءِ ريگيوليٽر لڳل آھي، اتي شھداد فقير ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ ٻئي پڊ طور ڪيترا ئي ناھيان لڏي اچي ڳوٺ آباد ڪري ويٺا ھئا. جيڪو ۱۹۳۰ع ۾ ڪئنال نڪرڻ کان پھرين ڦٽي ويو، جن مان ڪي ھاڻوڪي ڳوٺ ڪنڊو ناھيون ڏانھن ته ڪي ڳوٺ راول ھليا ويا. کيسانه موري قائم ٿيڻ جي شروعات ۾ پڻ ھتي موجوده پلاٽ ۽ پڊ ھتان جي ناھيون ذات جي مختلف ماڻھن جي ملڪيت رھيا جي پوءِ يا ته ھنن موجوده ذاتين جھڙوڪ؛ زرداري، مگسي، سيد کي وڪرو ڪري ڏنا يا کين ائين تحفي طور ڏنا.