• ڳوٺ ’ناھيانھون‘ کان ٻين ڳوٺن جو آباد ٿيڻ
پر ڪن روايتن ۽ اھڃاڻن مطابق ته ان دؤر ۾ ڳوٺ ’ناھيانھون‘ ڦٽڻ کان پوءِ ناھيون قوم جا ماڻھو ٽن اھم گروھن (ڳوٺن) ۾ ورھائجي ويا، جن مان ھڪ ناھيانھون ڳوٺ خود، ٻيو مٿي ڄاڻايل حيدرآباد جي چئن ديھن وارو ڳوٺ، جنهن کي ”دڙي وارو ڳوٺ“ ٿو چئجي. ٽيون سڀ کان وڏو ۽ اهم ڳوٺ حيدرآباد/ مٽياري ضلع جي ديھ تاجپور ۾ شاھ الياس المعروف جيئي شاه بادشاه جي درگاه کان اتر اوڀر طرف، ٻن فرلانگن جي فاصلي تي شھداد فقير وارو ڳوٺ ھو، جتي سندن پڪيون جايون ۽ سرسبز زمينون ھيون. تنھن کان پوءِ وقت بوقت مختلف سببن ڪري، ٿوري ٿوري فاصلي تي پنھنجا ماڳ مٽائيندا ويا ۽ ننڍن گروپن جي شڪل ۾ ورھائبا ويا ۽ ھڪٻئي کان مائيٽيءَ ۽ مريديء ۾ الڳ ٿيندا ويا.
ھتي ھڪ وضاحت ڪرڻ بيحد ضروري آھي ته ھن ڳوٺ جو اصل نالو پتو نه پئجي سگھيو آھي. پر پوءِ بلڪ گھڻو پوءِ ھن ئي پڊ جي ڀرپاسي ۾ شھداد فقير مڱڻھار پنھنجو ڳوٺ آباد ڪيو. ان ڪري صرف سڃاڻپ ۽ حوالي طور آئون (راقم( خود ھن ڳوٺ کي ”شھداد فقير وارو ڳوٺ“ لکي ۽ سڏي رھيو آھيان