لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ڳوٺ ارباب احمد خان ناهيون

هي ڳوٺ تعلقي ۽ ضلع حيدرآباد جي تپي ٽنڊو قيصر جي ديھ راڄپريءَ ۾ واقع آهي. تقريبًا ۱۵۰ گهرن ۽ ۵۰۰ ماڻهن جي آدمشماريءَ تي مشتمل هيءُ ڳوٺ، ٽنڊو ڄام کان ڏکڻ طرف اڍائي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٽنڊو قيصر روڊ جي لنڪ تي، وقت ۽ حالتن جي تقاضائن پٽاندر زماني سان وک ۾ وک ملائي، ترقي ۽ خوشحاليءَ طرف روان دوان آهي.
اصل ۾ هيءُ ڳوٺ به حيدرآباد ضلع ۾، ناهين جي ٻين گهڻن ڳوٺن جيان، مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ وقت (۱۱۹۴ هه، ۱۷۸۰ع) ناهين جو دڙي وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ نئين ڳوٺ طور تقريبًا هاڻوڪي جڳھ تي ئي ارباب احمد خان جي نالي پويان سڏجڻ لڳو.
ناهيون، ميمڻ ۽ سيد برادرين جي گڏيل هن ڳوٺ ۾ ناهيون ذات جي گهرن جو تعداد ۷۰ کن ۽ آدمشماري ٽي سؤ جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هن ڳوٺ جي ناهين ۾ خواندگيءَ جي شرح ۵۰ سيڪڙو کن ٿيندي، جنهن ۾ عورتن جي ۱۵ ۽ باقي مردن جي آهي. منجهائن يونيورسٽيءَ جو سنديافته ڪو به ناهي. اڪثر ماڻهو پورهيت، ڪڙمي، مزدور ۽ ڪي ٿورا سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين سان لاڳاپيل آهن. ڳوٺ ۾ زمينداري صرف ارباب گهراڻي جي آهي. جن وٽ هن ڳوٺ جا ئي ڪافي ناهيان ۽ ڪي ٻيا، هارپ ڪري پيٽ گذر ڪندڙ آهن. هن ڳوٺ جا ماڻهو سادا ۽ سٻاجها، محنتي ۽ مڙسيلا، روايتي ۽ راڄوڻا آهن. هن ڳوٺ ۾ دڙي وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ لڏي آيل ڪافي گهرن کانسواءِ ڪجھ گهر لاڙ جي مختلف ڳوٺن کان مستقل طرح اچي آباد ٿيل به آهن.
هن ڳوٺ جو ارباب گهراڻو، حيدرآباد ضلع توڙي پوريءَ سنڌ جي ”ناهين“ جو پشت به پشت قومي پڳدار رھندو پيو اچي، جنھن کي احترامًا ’ارباب‘ ڪري چون. جيتوڻيڪ پورو ارباب گھراڻو سنجيدھ، نھٺو، شائسته، پير پرست ۽ فيصلي جي قوت رکندڙ آھي. پر پوءِ به انھن مڙني صفتن ۾ ارباب ستابو، ارباب احمد خان ۽ ارباب سومار جا نالا صف اول ۾ ڳڻي سگھجن ٿا.
ھن ڳوٺ ۾ ارباب احمد خان (متوفي ۱۹٦۵ع) ۽ ارباب محمد سومار (وفات ۱۹۸۴-۱۲-۲۲ع) نهايت نيڪ ۽ راڄوڻا ماڻهو هئا. پيرن فقيرن ۽ ولين سان سندن والهانه عشق هوندو هو. جتي به ولي الله ٻڌندا هئا، اتي ٻه چار ماڻهو وٺي وڃي خيرات ڪري ايندا هئا. ارباب محمد سومار ته سمن سرڪار ۽ مرشد سائين مصري شاھ نصرپوري جو نهايت معتقد هو. سندن سالياني عرس تي ٻنهي بزرگن جي زيارت لاءِ ته ضرور ويندو هو. سندس عقيدت ۽ احترام جو جنون ان حد تائين اوج تي رسيل هو، جو هميشه سائين مصري شاھ جي ميلي جو ننگر پنهنجي اجرڪ جي پلاند ۾ وٺي گهر ورندو هو. موجودھ ارباب پڻ، اهڙي خوشبوءِ رکندڙ آهن.
هن ڳوٺ جي ٻين گهڻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه، ڪامريڊ علي محمد جي شخصيت به نه وسارڻ جھڙي آهي. پاڻ هارين ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جو نڊر ۽ بيباڪ رهنما هو. گهڻين ئي هاري تحريڪن ۾ سندس اڳواڻيءَ هيٺ، هارين ۾ پنهنجن حقن وٺڻ جو اتساھ پيدا ٿيو. پاڻ هر قدم تي سندن رهنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ، ساڻن هر لمحي ۾ ثابت قدم پڻ رهيو ۽ اهو ئي سبب هو جو هو علي محمد مان ڪامريڊ علي محمد بنجي ويو.
جنهن جڳھ تي اڄ هيءُ ڳوٺ آباد آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ بڙ جو هڪ جهونو وڻ به هيو، انڪري هيءُ ڳوٺ ”بڙ جو ڳوٺ“ نالي به مشهور ٿيو.
هتي اها ڳالھ به اهميت کان خالي نه هوندي ته ارباب محمد علي سان گڏ دڙي واري ڳوٺ کان وٺي، ’بڙ واري ڳوٺ‘ تائين هڪ گهر ميمڻ ذات جو به آيو، جيڪو ارباب محمد علي جو خاص ماڻهو هو ۽ علي پٽيل نالي مشهور هو. انهيءَ هڪ گهر پويان ڪافي ٻيا ميمڻ برادريءَ جا گهر به اڄ تائين هن ڳوٺ ۾ ناهين سان شادي غميءَ ۽ مرڻي پرڻي هڪ خاندان جيان گڏ پيا رهن.
انبن ۽ ڄمن جي باغن وچ ۾ هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ سرڪار طرفان پرائمري اسڪول، بجلي ۽ پڪي رستي جو سهولتون موجود آهن.