لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• قصو ڪلڪان جادوگرياڻي ۽ شيخ لوھنڙو جو، ڳوٺ ناھيانھو جي حوالي سان

جتي ناھين جو ھي وڏو ۽ قديم ڳوٺ ’ناھيانھو‘ آباد ھو، اتي ئي ان علائقي ۾ ڪجھ دور ڪلڪان نالي جادوگرياڻي به ھڪ غار ۾ رھندي ھئي. ڪلڪان بابت ڪن رواين جو چوڻ آھي ته اھا جادوگرياڻي ھئي، جنھن جي گردن ۾ ڪافي سڳا ۽ِ تعويذ ٻڌل ھوندا ھئا ۽ ھو پنھنجي جادوءَ جي زور تي ماڻھن کي سڳو يا تعويذ پارائي، پنھنجو غلام يا ’جانور‘ بنائي ڇڏيندي ھئي. ڪجھ رواين جو خيال آھي ته اھا اصل ۾ ھڪ ڏائڻ ھئي ۽ جادوءَ جي زور تي ھر مھيني ھر گھر مان ڏن طور ماڻھو وٺي کائيندي ھئي. سندس انھيءَ عمل ڪري گھرن جا گھر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ يا ته کپي ختم ٿي ويا ھئا يا وري بچي نڪرڻ لاءِ لڏ پلاڻ ڪري خالي ٿي چڪا ھيا. انھيءَ موذي بلا جي عذاب جو شڪار مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺ ’ناھيانهون‘ پڻ ٿيو ھو، جنھن جا اڳوڻ ٻه ناھيان ڀائر ھوندا ھئا. جن مان ھڪ جو نالو معلوم ٿي نه سگھيو آھي ۽ ٻئي جو نالو’ڀاڻو‘ ھو، جنھن جو اولاد 'ڀاڻوپوٽا ناھيان' سڏجن ٿا.
جيئن ته ھن ڳوٺ جا پڻ ڪيترا ئي ’ناھيان‘ گھراڻا گروپن جي شڪل ۾ ڪلڪان جي ظلم کان تنگ ٿي اتر اولھ ۾ موجوده ٽنڊو ڄام ۽ ڏکڻ طرف موجوده ٺٽي طرف (سمانگر ڏانھن) ھجرت ڪرڻ لڳا ھئا، جنھنڪري ھيءُ آباد ۽ ڀريو ڀڪلو ڳوٺ، ويران ۽ خالي ٿيڻ لڳو ھو. انڪري ھنن ٻنھي ڀائرن کي ڪنھن طرح خيال آيو ته جيڪڏھن ڪو ڪلڪان کي زنا ڪري پليت ڪري ڇڏي ته ھوند سندس جادوئي اثر ٽٽي وڃي ۽ منجھانئس نجات حاصل ڪري سگھجي. جنھن جي حامي وڏي ڀاءُ ڀري، جنھن تحت پاڻ ڪلڪان سان ھٿ چراند ڪيائين پر ھن جو جادؤو اثر ٽٽي نه سگھيو. ويتر ھن کيس سخت زخمي ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس اھل عيال يعني سمورن ناھين لاءِ ڪي پاراتا ڏنا، جي ان وقت اڻ ٿيڻا ۽ عيب ليکبا ھئا جيڪي ھن ريت ھئا.
١. توھان جي سنجھي جي صلاح ڪا نه بيھندي.
٢. توھان جون عورتون پڙو لاھي سلوار پائين.
اھي ٻئي پاراتا پوري ناھيون قوم لاءِ ڪوڙھ جي ھڪ بدنام داغ جيان ڇائنجي ويا. سندن سنجھي جي ڪيل ڪا به صلاح مصلحت صبح ٿيڻ تي قائم رھي نه ٿي سگھي ۽ روايت مطابق ته ان کان اڳ ٻين سماٽ قومن جيان ناھيون قوم جون عورتون پڻ لباس ۾ مٿي تي کنهنبو، بدن تي گج ۽ چيلھ تي پڙو پهرينديون هيون پر ان پاراتي کان پوءِ هڪدم عورتن پڙا لاھي سلوارون پائڻ شروع ڪيون. پوءِ ڪڏھن ٻاھر نڪرڻ تي عورتون لڄ کان سلوار مٿان پڙو ضررور پائي نڪرنديون ھيون، يا شادي مرادي تي پڻ پاڻ کي پنھنجي اصلي لباس ۾ قائم رکڻ خاطر ڪنوار کي لائن لھڻ وقت سلوار مٿان پڙو پارايو ويندو هو، جيڪو ويجهار ۾ ئي ختم ٿيو آهي. پر مستقل پڙو پائڻ ڪنھن به طرح رھي نه سگھيو. اھڙيءَ طرح اھي ٻئي پاراتا، ان دؤر کان وٺي اڄ جي سائنسي دؤر تائين به ناھيون ذات لاءِ منڊيءَ تي ٽڪ جيان قائم آھن.
ڪلڪان واري ھن واقعي کان پوءِ وڏو ڀاءَ زخمن جا تاب نه سھي ھڪدم گذاري ويو ۽ سندس ڀاءُ ڀاڻو ۽ پٽ نالي ’لاکو‘ کي نه صرف ڪلڪان کان وير وٺڻ جو جنون رھيو پر ڳوٺ مان ھيئن گھڻي تعداد ۾ ماڻھن جي لڏپلاڻ تي ڏک ۽ فڪر پڻ ھو. انڪري پاڻ ٻئي ڄڻا شيخ لوھنڙو (تاريخ وفات ١۴ ربيع الاول ھجري ستون سن يعني ٧٠٠ کان ٧٩٩ ھ وچ ۾ روايت آھي) وٽ مدد لاءِ لنگھي آيا ۽ اچي سندس مريد ٿيا، جيڪو ان وقت، جتي اڄ سندس مقبرو آھي اتي ئي ڳوٺ ’ناھيانھون’ کان ٿورو پرڀرو پنھنجي آستان تي رھائش پذير ھو ۽ اعليٰ علم ولي الله ۽ ڪاني ڪرامت جو صاحب ھو. ھن ھنن ٻنھي کي پنھنجو خاص خليفو بنايو ۽ کين اھا صلاح ڏني ته ھو ڪلڪان کي پليت ڪرڻ واري خيال بجاءِ سندس گلي ۾ پيل کوڙ سارن جادوئي سڳن ۽ تعويذن کي ٽوڙي ڇڏين، باقي ھؤ جيڪو پاراتو ڏي اھو ترت اچي شيخ صاحب کي ٻڌائين ته پاڻ اھو ميٽي ڇڏيندو.
ان ڪم ڪرڻ جي ذميواري ڀاڻو پاڻ تي کنئي ۽ ھن وجھ وٺي ائين ئي ڪيو، جيئن شيخ صاحب چيو ھو. ڪلڪان جا سڳاء تعويذ ٽٽي ويا ۽ ڀاڻو پڻ سلامت رهيو. ان موقعي تي به اڳ جيان ڪلڪان ٽي پاراتا ڏنا جيڪي ھيٺين ريت ھئا:
١. آڳ (اڳوڻي) وڃئي، پاڳ (پڳداري) وڃئي.
٢. پينگھو وڃئي، وينڊو (نٿ) وڃئي.
٣. گھوٽ وڃئي، ڪنوار وڃئي.
جنھن مان مٿيون پھريون پاراتو ڀاڻو ترت اچي شيخ صاحب کي ٻڌايو، جنھن لاءِ شيخ صاحب چيو تھ اھو توھان تي اثر اندار ڪو نه ٿيندو پر ھاڻ اوھين نه صرف منھنجا خاص خليفا (اڳواڻ) پر ڏوئي ڌڻي پڻ آھيو. ان کان علاوه پڳدار پڻ ڀاڻو کي ئي بنايو ويو. باقي پويان ٻه جيئن ته ان وقت ڀاڻو کان وسري ويا ھئا، جيڪي ھن دير سان ياد اچڻ تي ٻي ڏينھن اچي شيخ صاحب کي ٻڌايا. جنھن لاءِ شيخ صاحب کيس چيو ته ان جو اثر ٻين ناھين تي نه پر صرف توتي ۽ تنھنجي اولاد تي رھندو ڇو جو تو ٻڌائڻ ۾ دير ڪئي آھي. پوءِ به ڀاڻو جي شيخ صاحب اڳيان زياده ست ستان ۽ آزي نيزاري تي سندس لاءِ شيخ صاحب پاران اھا رعايت ڪئي ويئي ته ھو پينگھي ۾ صرف ڳاڙھو ھندورو نه رکن باقي ھلڪو لوڏڻو رکي سگھن ٿا ۽ اھڙيءَ طرح عورتون پڻ پاڻ خود نڪ ٽوپرائي نٿ ڪڏھن به نه پائين پر جيڪڏھن ڀاڻو جي عيال کان سواءِ ڪو ٻيو ناھيون سندن نڪ به ٽوپرائي ۽ نٿ به پارائي ٿو ته پوءِ اھو پاراتو اثر انداز نه ٿيندو.
اھڙيءَ طرح ٽئين پاراتي لاءِ به جيڪڏھن گھوٽ ۽ ڪنوار پنھنجي شاديءَ جي ھڪ ھفتي اندر پيرن پيادو شيخ صاحب وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ حاضر ٿيندا ته اھو پاراتو پڻ ناڪاره رھندو، ۽ تحقيق آھي ته اڄ اھي رسمون جيئن جو تيئن ھاڻوڪي ڳوٺ عبداللھ ناھيون تعلقه ٽنڊوالھيار ۾ موجود ڀاڻو جي اولاد ۾ قائم ۽ دائم آھن.
[ھتي ھڪ ڳالھ جي وضاحت ڪرڻ ضروري آھي ته جيتوڻيڪ اڄ سنڌ ۾ پينگھو ھر عام ۽ خاص جي گھر ۾ استعمال ٿئي ٿو پر بنيادي طور تي اھو سماٽ قوم جي نشاني ۽ ثقافت ۾ شامل آھي. ان ۾ به ڳاڙھو ھندورو صرف انھن ذاتين جي استعمال ھيٺ رھيو جيڪي سماٽ يا سمان قوم جي بادشاھت ۾ حصيدار رھيون.]
ڪلڪان بابت پوءِ روايت آھي ته کيس شيخ صاحب ئي ختم ڪيو ۽ ڪرامت جي زور تي کيس اھڙو ته مڪ جو ڌڪ ھنيو جو ھوءَ زمين دوز ٿي ويئي ۽ ان کان پوءِ مڪليءَ جي قبرستان مان ھڪ ھنڌان زمين ڦاڙي (غار ٺاھي) نڪتي، جا اڄ به ٺٽي ضلعي جا ناھين ۽ ٻين وٽ 'ڪلڪان واري غار' جي نالي سان مشھور آھي.