1
”هن دنيا کي قائم ٿئي کي گھٽ ۾ گھٽ ٻه ارب ورهيه ٿيا آهن يعني ٻه سو ڪروڙ ورهيه. اول اول ته هوءَ ٻرندڙ گولي هئي، پوءِ آهستي آهستي ٺري ۽ منجھانئس گئس نڪتا، جي مينهن بنجي وسڻ لڳا، مگر مٿس ڦڙا ڪرڻ شرط اهي وري ٻاڦ ٿيو ٿي ويا ۽ وري وسڻ لڳا. تان جو سو ڪروڙ ورھيه اهي حالتون هلڻ بعد هوءِ انهيءَ لائق بنجي ويئي، جومٿس ڪن ڪن هنڌن تي پاڻي بيهڻ لڳو ۽ آخر ان پاڻي مان سينور ٿيو، ۽ ٻوٽا پيدا ٿيڻ لڳا پوءِ سڄا سارا پنجاھ ڪروڙ سال اها ٻوٽن واري زندگي هلڻ بعد آخر ساھ وارا جيوڙا پيدا ٿيڻ لڳا. انهن جو دور به سڄا سارا پنجاھ ڪررڙ ورھيه هليو. پوءِاٽڪل ڏھ لک سال ٿيا ته انسان به پيدا ٿيو ويچاري انسان جي عمر فقط ڏھ لک ورھيه آهي يعني ھڪ ڪروڙ جو ڏهون حصو ........“
ڪورچاگن اهي لفظ ٻڌي وسمي ۾ پئجي ويو. سندن پادري کين ائين ته ڪين پڙهاندو هو، هن جو چوڻ هو ته، دنيا پيدا ٿئي ڇھ ست هزار سال ٿيا آهن ايترو ئي وقت انسان پيدا ٿئي کي ٿيا آهن. ۽ هي دنيا پيدا ئي انسان خاطر ڪئي وئي آهي. ڀلا انسان بنا ٺلھي دنيا ڪهڙي ڪم جي ۽ وري اها به اٽڪل ٻه ڪروڙ ورهيه. نتيجو اهو ٿيو جو حسابن ۾ به سندس دل ڪانه لڳي ۽ جڏهن پنهنجي ڪمري ۾آيا ته پادري کان وري به دينيات جودرس ٻڌڻ لڳا. دينيات سان ڪورچاگن جو ڏاڍو چاھ هوندو هو. هو هن جي پڙهڻ کي وڏي ثواب جو ڪم سمجھدو هو. ان ڪري بائيبل (توريت انجيل زبور وغيره ڪتابن جي مجموعي کي ــ بائيبل ــ سڏبو آهي جنهن جي معنى آهي ”الڪتاب“). جو اکر اکر کيس ياد هوندو هو. بائيبل جو دور هوـ ان ڪري پادريءَ وري پڙهايو. ھن دنيا کي پيدا ٿئي ڇھ ست هزار ورھيه ٿيا آهن.............“
ڪورچاگن هٿ مٿي کنيو، هن کي ڳالهائڻ جي اجازت ملي. هن اٿي چيو ”فادر! ڀر واري ڪمري ۾ اسين حساب سکڻ ويا هئاسون. مگر اتي ته ماستر ڇوڪرن کي پئي پڙهايو. ته هن دنيا پيدا ٿئي کي ٻه سو ڪروڙ ورهيه ٿيا آهن، ۽ انسان کي پيدا ٿئي کي ڏھ لک ورھيه .............“
ڦهو ڦھ ....... ڦهو ڦھ ....... اڃا هن ايترو ڳالهايو ئي مس ته پادريءَ مٿس ڌڪن ۽ بُجن جي ڦهو ڦھ لڳائي ڏني. هن جي هڪ رڙ هيٺ ته هڪ مٿي. هن گهڻو ئي چيو ته ”سائين آءٌ ڪونه ٿو چوان. مگر ماستر ٿي چيو“ پر لفظ ٻڌي ڪير؟ پادري کي ايڏو ته غصو ۽ جوش هو، جنهن جي ڪا حد ۽ حساب نه هو. ننڍڙي ڪورچاگن کي ايڏي ته گهڻي مار مليل هئي، جو هو چري به نه پئي سگهيو. ۽ پادري گهلي کڻي در کان ٻاهر ڪڍيس .
هي بي اختيار پاڻي پاڻي پڪارڻ لڳو، پر کيس پاڻي ڏئي ڪير! اتي ٻارڙن مان هڪ سٺن ڪپڙن واريءَ ڇوڪريءَ کي قياس آيو. هوءَ بي اختيار اٿي ۽ پاڻي کڻي ٻاهر نڪتي. هن يڪدم کيس پاڻي پياريو ۽ پوءِ ٽيڪ ڏيئي گهر وٺي وڃڻ لڳي .
هن جو سنڌ سنڌ سور کان ساڻو هو، ھوءَ کيس دلداريون ڏيندي پئي ويئي، پر هو جوش ۾ ڀرجي چئي رهيو هو. ”مگر تانيا! مونکي سڀ کان وڏو ڏک ته اهو آهي ته آخر پادريءَ مون کي مار ڏني ڇو؟ مون گناھ ڪهڙو ڪيو؟ مون ته اهي شڪ شبها لاهڻ ٿي چاهيا. جيڪي ٻئي ماستر پيدا ڪيا هئا. پادريءَ ته مونکي ائين ماريو، جيئن مون ئي ڪو ڏوھ ڪيوهجي. ڀر واري ماستر اها تعليم ڇوڪرن کي پئي سيکاري، ان کي ته ڪجھ نٿو چوي ۽ مونکي (اوڇنگار ڏئي ) مون ابهم تي هن بي ڌڙڪ کڻي ڦهو ڦھ جي وارون وار ڪئي! انهي ڪري جو آءٌ هڪ غريب بيوھ جو ٻار هئس مگر ساڳي طرح جو ڪو امير جو ٻار مون وانگر ڪڇي ها ته هو هرگزکين ائين ڪونه ماري ها..............................ـ“
هيتري چوڻ بعد اوچتو سندس لڙڪ بيهي ويا؛ هن جو چهرو لال ٿي ويو. هن بلند آواز سان چيو ”آءٌ قسم ٿو کڻان انهيءَ پروردگار جو، جنهن اسان سڀني کي پيدا ڪيو آهي، ته انهي مونکي جڏهن به ڪا طاقت عطا ڪئي، تڏهن ساڳئي پادريءَ کي سندس ٻڪري جهڙي ڏاڙهي کان جھلي آءٌ به ائين ئي مار ڪڍندس ........“
”بس بس، ڇوڪريءَ سندس وات کي هٿ ڏيئي چيو. هو اسان جو روحاني رهبر آهي هو خدا جو نمائندو آهي.“
ڪورچاگن ساڳئي جوش ۾ چيو ”هرگز نه ! هو خدا جو نه پر شيطان جو نمائندو آهي. خدا ڪڏهن ائين حڪم نه ڪيو هوندو، ته هن طرح بيگناھ ابھمن کي بنا ڪنهن سبب جي مار ملندي رهي، سا به رڳو غريبن کي، اهو پادري جيڪو چوندو آهي ته ” غريب خدا کي ڏاڍا پيارا هوندا آهن، سو پاڻ ته غريبن سان ڪيڏي نه بري هلت ڪري ٿو .تانيا ! تون ڏسج ويٺي، خدا اهو ڏينهن ضرورآڻيندو.“
ڪورچاگن ملڪ يوڪرين جي شهر ”شپيتووڪا“ جي هڪ رن زال جو پٽ هوـ هن جو وڏو ڀاءُ ريلوي ۾ مستري هو ۽ تمام ٿورو پگھار ملندو هوس. جنهن سان ٽن ماڻهن جو پيٽ پالڻ مشڪل هو. پر بيواھ ماءُ جو عزم هو، ته هر طرح جو پورهيو ڪري سور کائي به ننڍڙي ڇوڪري کي ايترو پڙهائينديس جو هو هڪ وڏو آفيسر بنجي. انهي ڪري هوءَ ڏينهن رات پورهيو ڪندي هئي. تانيا ٻيلي کاتي جي هڪ آفيسر جي ڌيءُ هئي، جنهن جو بنگلو سندن گھر جي ڀر ۾ هو ۽ باوجود مائٽن جي منع جي به هوءَ غريب ٻارن سان پئي ملندي هئي. انهيءَ ڪري اڄ هن ڪورچاگن سان همدردي ڪئي هئي.