ناول

سِسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محمد بخش ڪلادي صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سِسي نيزي پاند

9

بجليءَ ڪارخاني ۾ ڪورچاگن وارو بدلجي رات جو ٿي ويو ، ان ڪري بيڪاري کان گزارڻ وارا ڏينهن هن لاءِ وڏا ٿي ويا .هڪ ڏيهن شام سندس ڪنڍي کڻي هو ريلوي باغ ۾ ويو ،اتي ننڍي تلاءُ جي ڪپ تي ويهي ڪنڍي اندر اڇلايائي مڇي جو شڪار ڪرڻ لڳو.
هو مڇيءَ جي انتظار ۾ هو، ته سندس ڀر واري وڻ تان هڪ سنهڙو آواز آيو“ تون سمجھين ٿو ته هينئر شڪار ڪري سگھندين .؟”
“ تنهن ۾ تنهنجو ڇا وڃي مس صاحبه !” ڪورچاگن سواءِ ڪنڌ مٿي ڪڻڻ جي جواب ڏنو .هن جو سڄو توجھ مڇين طرف هو ، مگر تلاءُ ۾ ڏٺائين ، ته وڻ تي ڪا ڇوڪري ويٺل آهي . ٿوري دير ۾ پاڻيءَ هلچل پيدا ثي ، وڻ تان رڙ ٿي“ ڏس ڏس مڇي ڦاسي پيئي!”
پاڻيءَ ۾ وري هلڇل ٿي ، ظاهر هو ته هن رڙ سبب مچيون ٽهي ويون، هن جوش مان چيو ، “ماٺ نه ٿي ٿئي مس صاحبه ؟ منهنجون مڇيون ڇو ٿي ٽاهين؟”
“مڇيون ته تنهنجي صورت ڏسي ئي پيون ٽهن” هن ٽهڪ ڏيئي چيو“ ڀلا شام جو ڪو شريف مڇين جو شڪار ڪندو آهي؟”
چڙ مان هن جو ڪنڌ ورائي“ شام هجي يا صبح ، پر تو مان ڇو اچي ڦاٿو آهيان ؟ تون پنهنجي واٽ نٿي وٺين؟(ڇرڪ ڀري) اهو ..... تون آهين .... مس تانيا !....تون ...تون....”
“جي ها آءُ آهيان تانيا ! چڙ ڪاڏي ويئي ؟”
“چڙ ؟ توتي ڀلا چڙ ڪيئن ايندي ؟ تون ڪڏهين آئين؟”ڪورچاگن نهايت حيرانيءَ مان هن ڏي ڏسي رهيو هو . هن کي ڏاڍا سهڻا پهريل هئا ، “۽ هوءَ به هاڻي اڻ ٽڙيل مکڙي جو ڏيکاءُ ڏيئي رهي هئي.
“مونکي ٻه ٽي ڏينهن آئي ٿيا آهن. ڪتاب کڻي هن وڻ تي ويٺي پڙهيم ، ته توکي شڪارڪندي ڏٺم ڇا ، آءُ شڪار ۾ رنڊڪ وجھان ٿي ؟”
هن جي صورت ۾ محو ٿي هن جواب ڏنو“ نه نه !تون ۽رنڊڪ ؟ پر....پر شڪار به ڪو ضروري آهي ڇا؟آءُ ته ائين پئي وندريس . هينئر بجليءَ جي ڪرخاني ۾ نوڪري ڪندو آهيان ۽ رات جو وارو هئم ....”
ڳالهه ڪپي تانيا ٽهڪ ڏيئي چيو“۽ تنهنڪري واندڪائيءَ جي تفريح ٿي ڪيئه ائين نه ؟ڀلا ڪر شڪار ،آءُ ٿي ڏسان ته ڪيئن ٿو شڪار ڪرين؟”
آهستگيءَ سان ڪنڍي کي هن پاڻي ۾ اڇلايو ، هن لاءِ ته لهرون نه اٿن ۽ پاڻ بجاءِ مڇيءَ جي ، پاڻيءَ ۾ تانيا جي صورت ڏسن ۾ محو ثي ويو !
ايتري ۾ پريان ٻه نوجوان ايندا ڏسڻ ۾ آيا ، هڪڙو هو وڪيل صاحب جو فرزند وڪٽر ۽ ٻيو ريلوي يارڊ جو سڀ کان وڏي آفيسرانجنيئر جو فرزند سڪارخو ،“يار هيءَ ڇوري ته ڦٽاڪڙي پيئي ڏسجي ،الائي ڪير آهي هيءَ ؟” سڪارخو چيو،
“آءُ سڄاڻانس ٿو ،اسان جي پاڙي ۾ رهندي آهي ، پڻس ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي ۽ هيءَ ڪيف(يوڪرينجي هيڊ ڪواٽر ) ۾پڙهي ٿي ، هينئر موڪلن تي آيل آهي.”
“پوءِ اهڙي بلبل تي به تو جھٽ ڪونه هنيو ؟” سخارڪوءَ ڄڻ ته کيس بي همت سڏيو .
.“يار ڳالهه نه پڇ !اصل پيرئي نٿي کوڙي ”بنهه ڳالهه نه ٿي ٻڌي” وڪٽر جواب ڏنو .
“ اڙي بيوقوف ! اهي ته آهن نازنين جا نخرا ، هنن جي ناڪار معنى هاڪار.هل مون سان ڳڏ ، ڏس ته آءُ ڪيئن ٿو ڇيڙيانس . تون رڳي منهنجي سڃاڻپ ڪرائج،”
هوآستگيءَ سان هلي وڻ هيٺ پهتا ، تانيا هينئر ڪورچاگن کان توجھ هٽائي ڪتاب پڙهي رهي هئي.“هيلو مس تانيا ! اڄ مڇيءَ جي شڪار تي آئي آهين؟” “نه ! آءُ ته خاموشيءَ سان پڙهان ويٺي ، ته متان هن شڪار ڪندڙ صاحب جي ڪم ۾ رنڊڪ پوي”
سخارڪوءَ ڪورچاگن ڏي ڏٺو،سندس غريباڻن ڪپڙن ۽ شڪل مان ئي سندس حيثيت پروڙي ورتائين . هو وڌي ڪورچاگن کي ويجھو وڃي چوڻ لڳو“اڙي تون ڪير آهين اٿ هتان .”
ڪورچاگن پنهنجي شڪار طرف محو هو هن سندس لفظ ڄڻ ته ٻڌائي ڪونه ، انهيءَ تي هن ڪڙڪو ڪري چيو“اڙي بڌين ڪونه ٿو؟ ڀڄ هتان نه ته .......”
ڪورچاگن ڪنڌ مٿي کڻي تيز ٿي چيو “تون ڪير آهين مونکي لوڌڻ وارو ؟ هي باع ڪو بابهين جو آهي ڇا؟”
“ ٽڪي جا ڇورا ! تو ٿو مون سان چپ هڻين ؟” ائين چئي هو تيزيءَ سان اڳتي وڌيو ، ڪورچاگن ڪنڊيءَ ۾ هڻڻ واري ڪيڙن جي دٻي کي جو ٿڏو هنيائين ، ته وڃي تلاءَ ۾ پيو . هو جوش مان ڪنڊي ڇڏي اٿي کڙو ٿيو . تانيا رڙ ڪري چيو“ شرم نه ٿو اچيئي مسٽر، هيءَ به ڪا شرافت آهي ؟”
پر ڪورچاگن کي جوش مان اکيون ڪرڙيون ڪري نهاريندو ڏسي ، انجنيئر جي فرزند کي چڙ آئي جو ٻنهي هٿن سان ڇاتيءَ تي اهڙي زور سان مڪ هنيائين جو هو ٿڙڻ لڳو ۽امڪان هو ته وڃي پاڻيءَ۾ ڪري ، پر هو پاڻ سنڀالي زور سان چوڻ لڳو“ اڇا؟ توکي به مرمت تي سَڌ ٿي آهي.” ۽سندس استاد کي ياد ڪري وٺي جو کڻي منهن تي ٿڦڙ هنيائين ، ته سخارڪو جو مٿو ئي چڪرکائي ويو . اڃان هن پاڻ سنڀاليو ئي مس ته يڪدم سندس ڪنڌ مٿي جھلي گھلي کڻي پاڻيءَ هنيائينس ، سندس چمڪندڙ بوٽ ۽ قيمتي سوٽ گپ ۽ پاڻيءَ ۾ ڀرجي ويا . هن وري رڙ ڪئي ، ته سندس ڄاڙيون وڄڻ لڳيون ، ڃٻ ڪٽجي پيس ، هڪ زور دار رڙ ڪري هو وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو !
“ واھ واھ ! تانيا تاڙيون وڄائيندي چيو ڪهڙو فرسٽ ڪلاس واڄٽ ڪرايو اٿيئس. شاباس پهلوان!”
وڪٽر پنهنجي ساٿيءَ جي هي حالت ڏسي تانيا ڏي نهاري چيو“ هي ڪورچاگن آهي ، اسان جي پاڙي جو وڏو بدمعاش ۽ غنڊو. هن کان خبردار رهج ،متان ڪڏهن عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏينئي .” ۽ پوءِ پاڻ يڪدم کسڪڻ لڳو ته متان ساڻس به نه اها حالت ٿئي !
۽ رات جو ڪورچاگن پنهنجي استاد يوخرا.ئيءَ کي هي واردات سڻائي ، تڏهن پٺي ٺپري چيس .“شاباس ! منهنجا سپوٽ شاگرد ! پنهنجي حق حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن گڙنگ کان متان ڊڄين . مرد سڄ عمر هڪ دفعو مرندو آهي ۽ گانڊو ڏينهن ۾ ڏھ دفعا!”