3
“ ڪم ته ڏکيو هيو، پر مون پوريءَ دلچسپي سان ان کي سر انجام ڏنو ۽ اميد ته آئينده به ڪندو رهندس “هن جواب ڏنو. ماڻس چيس ”آرتيم هاڻي هتي بدلي ٿي آيو آهي ۽ هتي جي ريلوي يارڊ ۾ ڪم ڪندو.“ هو ڊڄندو اچي ڀاڻس سان مليو. ”ڪيئن ميان! پڙهي پورا ڪيئه؟ امان کي ته تومان وڏي آفيسر بنجڻ جون اميدون هيون، پر غريبن جا اهڙا بخت ڪٿان؟ هاڻي اتي دل لائي ڪم ڪج، ڪجھ وڏو ٿئين، ته وري ڪنھن ھُنر ۾ ھڻانءِ، ٻيو هوٽل ۾ ته عمر ڳري ويندءِ. ”ڀاڻس ٽوڪ طور چيس.
ڪورچاگن ٻه سال هوٽل ۾ ڪم ڪيو. هاڻي سندس پگھار وڌي ڏھ روپيا ٿيو. سڀ سندس ڪم مان خوش هئا ۽ پهرئين ڏينهن جي اعلان سبب ڪنهن کي به ڪڏهن مٿس غلط رعب وهارڻ جي همت ڪانه ٿي، ۽ انهي جو خاص سبب اهو هو، ته هن ڪڏهن پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي هئي.
مگر هوٽل جي زندگي ۾ ڪن ڳالهين طرف هن جو توجھ ڇڪيو، هوٽل جي بيرن کي سڀني ماڻهن کان بخشش ملندي هئي، رات جو هو سڀ اچي بورچيخاني جي گودام ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا. ڪورچاگن سندن نوٽن جا ڍير ڏسي هڪ جوشيليءَ سوچ ۾ اچي ويندو هو، هر هڪ کي روزانو ٽيھ چاليھ روپيه ملندا هئا، يعني سراسري طورهزار روپيه مهينو. هو جوش ۾ اچي چوندو هو؛ ”آءٌ هيڏيءَ سخت محنت سان ڪم ڪريان ٿو ته به مونکي ڏھ روپيا مهينو ملي ٿو ۽ منهنجو ڀاءُ پهرين نمبر جو مستري آهي ته به ان کي ملن فقط 48 روپيا مهينو، پر هي بخشش جي نالي ۾ سڄا سارا هزار روپيا مهينو ڪمائين .“...........۽ جڏهن اهو خيال هڪڙي ٻئي همدرد، ۽ وڏي عمر واري ملازم سان ظاهر ڪيا، ته هو کلي پيو ۽ چيائين؛ ”تون سمجھين ٿو ته هي رڳو ايترا پئسا ڪمائين ٿا ؟ هن حيران ٿي چيو”ٻيوڇا.“
”منهنجا ننڍڙا دوست! هوٽل ۾ جيڪي به نوڪرياڻيون آهن سي هيءُ رات رهندڙ گراهڪن وٽ پهچائين ٿا، انهن کان ڪافي پيسا حاصل ڪري، پوءِ اڌ کان به گھڻا پاڻ هضم ڪن ٿا!“
”اف“ ڪورچاگن جي مٿي کي چڪر اچي ويو، ٿوري دير بعد هن پاڻ کي سنڀالي پڇيو، ”ڀلا اڌ ڇو؟ جسم ته هنن وڪيو، هي اڌ پئسا ڇو ٿا وٺن.“
”اڙي اڌ ته آءٌ ٿو چوان، هو ته اڪثر انهي کان به گھڻو ٿا حاصل ڪن ۽ جيڪا به ڇوڪري ان تي چون چران ٿي ڪري، ان تي مختلف الزام لڳائي، کين نوڪريءَ کان به ڪڍائي ڇڏين ٿا--- ڇا تو هنن جا ڇوڪرا نه ڏٺا آهن، جي ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا ۽ اعلى درجي جا سوٽ پائي ڪڏهن ڪڏهن هتي به ايندا آهن؟ ڇا تو هنن جون عمدا سينگار ڪيل ۽ موٽيون متاريون زالون نه ڏٺيون آهن، جي به ڪڏهن ڪڏهن گھمندي ڦرندي اچي هتي نڪرنديون آهن؟“
”مگر ......... مگر“ ڪورچاگن هٻڪندي چيو، ”ڀلا هوٽل جو مالڪ اهڙي بي شرمي ڪيئن ٿو گوارا ڪري ؟“
ٽهڪ ڏيئي نوڪر چيو، ”جو ان کي به حصو ملي ٿو، اگرچه اهو ٿورو ٿئي ٿو، پر تڏهن به گھڻين عورتن جي ڪمائيءَ مان ٿورو ٿورو حصو گڏجي گھڻو ٿي پوي ٿو.“
افسوس ۽ اندوه مان ڪورچاگن چيو: پر هي نوڪرياڻيون شرافت کي ڇڏي اهڙو ذليل ڌندو ڪئين ٿيون ڪن؟“
نوڪر- انهي جا ڪافي سبب آهن، هڪ ته جڏهن هو ڏسن ٿيون، ته شرافت ۽ پگھر جي پورهئي مان ڪمائين ٿيون ٻه روپيه روزانو مس، ۽ هن طرح روزانو ٽيھ چاليھ، بلڪ سو تائين به ملي وڃن ٿا، ته هو ترڪيو ان ڪُن ۾ ڪري پون ٿيون. ۽ اها درحقيقت هو هن هلندڙ نظام جي منهن تي چڙ مان زبردست چماٽ ٿيون لڳائين، جو کين شرافت مان ته ٻه ٽي روپيه ٿو عطا ڪري ۽ رذالت مان ان کان ڏهونڻو------ مگر------ مگر منهنجا ننڍڙا دوست! انهي هوندي به دنيا شريفن کان خالي ناهي، توکي ”فروسيا“ ياد آهي ڪه نه؟“
”اڙي ها ها؟“ غمگين ٿي هن چيو، ”ويچاري هوءَ سٻاجھڙي ڇوڪري، مون تي پهرين ڏينهن کان وٺي مهربان هئي. مگر خبر ناهي، ته هو اوچتو ئي اوچتو ڇاجي ڪري نوڪري ڇڏي ويئي. هن جي نوڪري ڇڏڻ واري ڏينهن منهنجو وارو ڪونه هو، ان ڪري مون کي هن سان آخري ملاقات به نصيب ڪانه ٿي.“
ساڳيءَ طرح غمگيني مان هن جواب ڏنو، دوست! ھن نوڪري ڇڏي ڪانه هئي، مگر ڀڄي ويئي، ۽ اهڙي طرح ڀڳي جو غريب جو اڌ مهيني جو پگھار به رهجي ويو. اسان جي مالڪن ائين مشهور ڪيو ته هوءَ نوڪري ڇڏي ويئي، مگر حقيقت اها آهي ته هن کي انهي رات مجبور ڪيو ويو، ته وڃي هڪ مسافر سان گڏ گذار، ڇاڪاڻ ته ٻي ڪابه واندي ڪانه هئي. هن انڪار ڪيو، تڏهن کيس سمجھائڻ لڳا ته ”سارو مهينو سور چرڻ بعد توکي پنجاھ روپيه ٿا ملن ۽ اڄ هڪڙيءَ رات پنجاھ ملندءِ.“
مگر هن ”ڀلي بک ڀرم جي“ کي قبول ڪري انڪار ڪيو. تڏهن آخر اگھ وڌائي وڌائي سو تائين آندائون، مگر انهي تان به هن جي انڪار ڪرڻ سبب هنن بدماشن، هنن رهزنن، سندس ٻوٿ ٻڌي، زوري گھلي کڻي مسافر جي ڪوٺيءَ ۾ ڌڪيو. اتي پهچي هن نهايت دردناڪ اوڇنگارن سان مسافر سان سمورو حال احوال اوريو. مگر مسافر صاحب سڄا سارا ٽي سو روپيا اڳواٽ ڏيئي ڇڏيا هئا. سو پنهنجي رقم ڪيئن ٿو ”حرام“ ڪري سگھي؟ ۽ جڏهن ته هن کي روڪيندڙ ڪوبه ڪونه هو. بلڪ هوٽل، هر در ۽ ديوار سندس پشتيبان هو، ان ڪري هن ساڻس زبردستي شروع ڪئي .
هي ڏسي فروسيا جو هوش سندس جوش تي غالب آيو، هُن انهي بدمعاشيءَ جي مقابلي ۾ مڪاري کان ڪم ورتو، يڪدم پنهنجي حالت کي درست ڪري مسافر جي آڻ مڃائين ۽ پوءِ...... وجھ وٺي سندس نازڪ عضون تي اهڙو ته ڌڪ هنيائين، جو هو بيهوش ٿي ويو. هن سندس ٻوٿ ٻڌو پنهنجا ڪپڙا ٺاهي، اهڙيءَ ائڪٽنگ سان ٻاهر نڪتي، جو ڄڻ ته مسافر کي راضي ڪري نڪتي آهي.
ظاهر هو ته ان کان پوءِ هن لاءِ هوٽل ته ڇا، پر شهر ۾، بلڪ هن ضلعي۾ئي رهڻ محال هو، انڪري الائجي ڪاڏي ڀڄي ويئي ۽ هنن رهزنن لاچار ٿي ائين مشهور ڪيو ته هوءَ نوڪري ڇڏي ويئي آهي.
”آه سٻاجھڙي فروسيا“ ڪورچاگن هڪ درد ڀري آواز سان ائين چيو، هن جي اوڇنگار نڪري ويئي ۽ اکين مان آب وهڻ لڳس.