ناول

سِسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محمد بخش ڪلادي صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سِسي نيزي پاند

15

لڳو لڳ پنج ڏينهن ڪورچاگن کي هر قسم جون تڪليفون پئي ڏنيون ويون ۽ کائنئس پڇيو پيو ويو ، ته “ ٻڌاءِ ، توسان گڏ سازش ۾ ڪيرشامل آهن ؟ ڪنهن توکي سپاهيءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ بڇ ڪئي ؟يوخرائي ڪڏانهن ڀڄي ويو ؟” پر هن سورهن ورهين جي بهادر نونهال هڪڙو ئي جملو دهرايو“مون کي ڪابه خبر ڪانهي ،آءُ ڀلا ڪيئن ملٽري جي سپاهيءَ تي حملوڪرڻ جي جرئت ڪندس ؟” جن ماڻهن پوليس جي مار ڏٺي هوندي تن کي قدر هوندوته هيڏڙي ڳاڙھ ڳلي ڇوڪر کان سچي ڪرائڻ پوليس لاءِ به بلڪل آسان آهي ، ۽وري ملٽريءَ جي مار ......؟
توبه! شل ڌڻي پناه ڏئي ، ۽هن بهادرنونهال اها مار لڳو لڳ پنج ڏيهن پئي سٺي ، ۽ سواءِ هڪ شخص جي ، ٻين سڀني کي گھڻي قدر گمان پئي ٿيو ته سچ پچ هي بيڏوهي آهي ! .....اهو هڪ شخص هو خود اهو سپاهي ، جنهن سان ڪورچاگن ۽يوخرائي جٺين جھڙي جٺ ڪئي هئي ۽ هو مس 3ڪلاڪن بعد هوش ۾ آيو هو ۽ جنهن هٿ جو چڪ وارو زخم اهڙو ته چڪي پيو هو ،شايد عمر تائين نشان قائم رهندو .
ڪورچاگن کي مار ڏيئي ڏيئي ٿڪجڻ بعد هو کيس هڪ ڪوٺيءَ ۾ پوري ڇڏيندا هئا ، چار قيدي ٻيا به هئا ،هڪ يخي هڻندڙ پوڙهي ، هٿرادو شراب ٺاهڻ ۾ پڪڙجي آئي هئي ، ٻيو هڪ پوڙهو ، ٽيون هڪ حجام چوٿين هڪ خوبصورت 18ورهين جي ڇوڪري، جنهن جو ڀاءُ انقلابي جٿي ۾ وڃي ٿيو هو پر هوءَ مسڪين اوچتو وڃي ڪمانڊر جي نظر تي چڙهي ۽ هن پوري هفتي کان کيس راضي ڪرڻ لاءِ ڪنهن مهل لٺ ته ڪنهن مهل چٺ ، ڪنهن مهل پيار پئي ڏنا ، پر اصل ۾ هوءَ اصل نٿي مڙي . آخر اڄ رات هن هي چڏي ڏنو هئس ،ته صبح تائين راضي نه ٿئين ،ته عام سپاهين جي حوالي ڪري ڇڏيندو سانءِ ، پوءِ جھڙي جٺ جي لائق آهين ، اهڙي هاصل ٿينديئه !
۽ ........اڄ جڏهن ڇوڪريءَ کي هن نوجوان يا نونهال جا احوال معلوم ٿيا ، تڏهن بي اختيار ليٿڙيون پائيندي وٽس پهڇي ويئي ۽ چوڻ لڳيس “ننڍڙا نوجوان ! مونکي تو وانگر ستن ڏينهن کان ماريو پيو وڃي ته ڪمانڊر جي سريت بنجان ، پر مون انڪار ڪيو آهي . سڀاڻي ته هو منهنجو برو حال ڪندا ”پر آءُ جا هنن وحشين کي ڪنواري هٿ اچان ، تنهن کان اڳ بهترآهي ته منهنجو پهريون لطف توجھڙو انقلابي نوجوان ئي حاصل ڪري ، ته سجائي ٿيان !”۽ هو بياختيارکيس چنبڙي ويئي ............
ڪورچاگن انسان هو ، نوجوان هو ، پر بي اختيار تانيا سندس اکين آڏو ڦري آئي ،هن هُن کي پري ڪندي چيو “اسين انقلابي بد اخلاق نه آهيون ، پياري ڇوڪري ! تون تمام سهڻي آهين ، هر نوجوان کي وڻي سگند ئين، پر ڏس ! اسان جو اهڙو وڙ نه آهي ، جو حد کان وڌيڪ مصيبتن تي نا اميد ٿي ، پنهنجي انسانيت وساري ڇڏيون . تون چوين ٿي ته رات گزرڻ بعد منهنجو برو هال ٿي ويندو ، پر توکي وسري ويو آهي ته ،شب درميان ، رب مهربان !، خبر ناهي رات جو جي پيٽ ۾ ڇاٿئي . مجبوري ٻي چيز آهي ، ڄاڻي واڻي بدڪردار بنجڻ ٻي چيز ، پنهنجي پاڻ تي ائين ظابطو رک جيئن رهزنن جي مار وقت رکندي آهين !”
پوءِ سندس نرڙکي چمي ڪورچاگن چيو ”منهنجي انقلابي ڀيڻ ! صبر سان وڃي سمهي رھ ، صبح جون ڳالهيون صبح سان!”
آڌيءَ مهل ڪورچاگن اڃان ڪچيءَ ننڊ ۾ هو ، ته سپاهين آوازن سندس اک کولي وڌي ، هو بتي کڻي اندر آيا ۽ هڪ شخص اندر ڌڪي ، ٻ ٽه گاريون ڏيئي هليا ويا . بتيءَ جي روشنيءَ جڏهن ڪورچاگن هن جوچهرو ڏٺو ته خون ئي خشڪ ٿي ويس .....هو هڪ زبردست ڇاپامار انقلابي ”دولنيڪ هو ۽ هن جي ئي دم سان ڇاپامر انقلابين مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو . ڪورچاگن جي هن سان واقفيت تڏهن ٿي هئي ،جڏهن هو پل هيٺ بم رکي ڀڄي اچي هنن وٽ پهتو هو .
بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي پيغام ڏيئي ڇڏيائون .صورت حال مان ظاهر هو ، ته ٻئي گوليءَجي لائق هئا ، پر ڪورچاگن ڏٺو ته دولنيڪ جي چهري تي به ڪو هراس ڪونه هو .