ناول

سِسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محمد بخش ڪلادي صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سِسي نيزي پاند

18

هاڻي شهر شپتيووڪا جي آس پاس چئني طرفن کان انقلابي ڇاپامارن ۽ پولنيڊ فوجن جون گوريلا (بي قاعده) چڪريون لڳيون .سڀ سيٺيون زميندارجيئن اڳ ۾ جرمنن سان ساٿ ڏيئي رهيا هئا ، تيئن هاڻي وري پولنڊين جا ساٿي بڻجي ويا ، ڇاڪاڻ ته پولنڊين سندن زمينون ڪونه ٿي کسيون ، کين اگھ وڌائي مليا .
مگر ٻئي طرف سڀ هاري ۽ مزدور انقلابين جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا ، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساٿ وسيلي ئي کين ڪجھ کاڌو ۽ ڪپڙو ملي پئي ويو ، هونئن ته منجهن ڪابه طاقت نه هئي .
هي جھيڙا جهٽون ايڏا زور وٺي ويا جن شخصن لاءِ شهر شپيتووڪا ۾ رهڻ ضروري ڪونه هو ، تن لڏڻ ٿي مناسب سمجھيو . وڪيل ليشچنڪي وري به ٽپڙ ٻڌي ڀڄي ويو ، ۽ تانيا جي پيءُ رهڻ مناسب نه سمجھيو ڪيف ڏي کسڪڻ جو تيارون ڪيون .
گھر وارا ته هن لڏ پلاڻ ۾ ايترو گھڻو غمگين ڪونه هئا ، پر تانيا نهايت مغموم هئي.جيتوڻيڪسندس محبوب کي وئي ڪيئي مهينا ٿي ويا هئا۽ ڪوبه احوال ڪونه مليو هئس ، ته به اها اميد هيس ته هئي رهڻ ڪري ڪڏهن هو اچي ملندم هاڻي لڏپلاڻ کان پوءِ هو مونکي ڪٿي پيو ڳوليندو!
سامان ٻڌجي تيار ٿيو ، تانيا به هڪ آخري نظر گھر تي وجھي ٻهر نڪتي، اوچتو اوچتو کيس آرتيم ڏسڻ ۾ آيو ،هن کي ڏاڍو اتساھ ٿيو ، اڄ من ڪو کائنس پتو ملي پوي ، پر مئٽن جي ڊپ کان هوءَ هڪ مزدور سان گھڻو ڳالهائي به نٿي سگھي .
آرتيم چڪر ڏيئي رهيو هو ۽ آخر هو انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هلندي هلندي تانيا جي هٿ ۾ هڪ ڪاعذ ڏيئي ويو . اها اهڙي مهل ڪونه هئي ، جو تمام خط کي پڙهي سگھي ، هن نهايت خبرداريءَ سان ان کي اندرئين کيسي ۾ وجھي ڇڏيو . هوءَ انهيءَ خط کي پڙهڻ لاءِنهايت اتاولي هئي پر موقعو نٿي مليس ، ڳاڏي وهڻ بعد ، باوجود سخت سوڙھ جي ڪاڪوس ۾ پهچي هن دروازو بند ڪري خط پڙيو ؛“ پيارا آرتيم ! آءُ هي خط توکي فقط هن اطلاع لاءِ لکان ٿو ، ته آءُ جيئرو آهيان ، اگي اگرچه سندم صحت بلڪل خراب آهي ، منهنجي ڪلهي ۾ هڪ گولي لڳي ويئي هئي ،۽ هاڻي آهستي آهستي ٺيڪ ٿي رهيو آهيان، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ، ته هڏيءَ کي چوٽ ڪانه آئي آهي ، ان ڪري پريشان نه ٿج.
ڳالهه هيءَ آهي ته آءُ آزاديءَ بعد ڀڃندو ڀڃندو وڄي دولينڪ سان مليس ۽ باوجود ننڍيءَ عمر جي به هن ڇاپامار فوج ۾ شامل ڪري ڇڏيو ، ڇاڪاڻ مون وٽ به پل ڀڃڻ ۽ استاد يوخرائيءَ کي ڇڏائن جون ڊگريون موجود هيون.هن باھ ۽ رت جي راند ۾ آءُ حياتيءِ ڪابه پرواھ ڪانه ٿو ڪريان۽ نڪي اميد ، آهي ته ڪڏهن ڪندس به ! مون جھڙا ڪئين ڪونڌر قوم تان قربان پيا ٿين ، ۽ آءُ ڪهڙي وڏي چيزآهيان؛
جڳ مرن تان ناھ جوکو ، شال مون جانب جيئي،
هي هيڻو هڏ ، ماھ، چم، سڀ آھ حاضرهوت لئي احمد
___ تنهنجو ڪورچاگن.
انهيءَ وقت ، جڏهن سڄو ملڪ باھ ۽ رت جي راند سان کيڏي رهيو هو ، هڪ ڇاپامار انقلابيءَ جو خط پهچي وڃڻ نهايت اهم ڪم هو ، ان ڪري تانيا هن کي وڏي نعمت سمجھي ور ور ڏيئي پڙهيو پڙهيو ۽ کيس جان سان قابو ڪري رکيائين .
اڃان هنن کي روانو ٿئي ٿورائي ڏينهن ٿيا ، ته انقلابي فوجون به شهر ۾ پهچي ويون . گهرن ۾ ، گهٽين ۾ ۽ رستن تي لڙائي هلڻ لڳي ۽ نيٺ پولينڊي فوجون پچ پائي ڀڄي ويون . شهر تي انقلابين جو قبضو ڪري ورتو ۽ وڪيل صاحب جي بنگلي ٽي اڄ هي ننڍو بورڊ لٽڪي رهيو هو؛
”صدر دفتر انقلابي ڪميٽي“