11
سندو ڏم ڏڪار، هڏهين ڪونهي هن کي ،
ڪارڻ منڌ ميهار ،ڪاري تات ڪن گھڙي ،
ڏينهن ڏٺي جو پستول جي چوري ڪرڻ بعد هن جي دل تي اهو يقين ويهي ويو،ته جرمن حاڪم هجڻ سبب عياش ۽ غافل آهن ، اسين جيڪڏهن پنهنجيءَ تي اچون ته سندن هر ڪم کي ٺوڪر هڻي سگھون ٿا ، هن کي نڪا خبر هئي ڪميونزم جي ، نڪا بالشويزم جي پر رڳو ايترو سمجھي ٿي سگھيو ته“ آخر جرمنن کي ڪهڙو حق آهي اسان تي حڪومت ڪرڻ ۽ اسان جي ملڪيت لٽڻ جو ؟” ۽ فقط ايتريءَ ڳالهه سمجھڻ ڪري جنهن به ڪم مان جرمنن کي نقصان پهچي ، هو ٽپي وڃي ان ۾ پوندو هو ، جيڪو به شخص جرمنن کي نقصان پهچائيندو هو ، اهو کيس وڻندو هو ۽ جڏهن به جرمنن نقصان رسڻ ڪا خبر ملندي هيس ته خوشيءَ مان وٺي نڇندو هو .يوخرائي بجليءَ جي ڪاخاني ۾ پنهنجو ڪوٻيودوست چڏيو ۽ پاڻ وڃي ريلوي يارڊ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ، هڪ ڏينهن هن ڪورچاگن جي ڀاءُ آرتيم کان پارٽيءَ بابت سوال پڇيو . هن جواب ڏنو ؛ ” دوست !مونکي انهن پارٽين ٻارٽين بابت ڪابه خبر ناهي ، پر بدمعاش جرمنن کي پنهنجي ملڪ مان لوڌڻ لاءِ مون کان جيڪي ڪابه مدد پڄندي ، ته آخري پساھ تائين حاضرآهيان .” يوخرائي خبر هئي ته آرتيم زبان ڏني ته بس ، سر ڏيندو پر ڦرندو ڪونه ، ان ڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو .“ ڪورچاگن ، منهنجا ننڍڙا دوست ! اڄ اسان کي تنهنجي مدد جي سخت ضرورت آهي .”هڪ ڏينهن يوخرائي کيس ڏاڍي پاٻوھ مان چيو .
“ٻڌاءِ استاد ! رهزنن جرمنن کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ منهنجي جان به حاضر آهي .” “ اڄ سچ پچ تنهنجي جان جي ضرورت آهي ، اڄ اسان جي ڇاپا مار دستن کي هڪ وڏيءَ پل کي ناس ڪرڻو آهي ، اها پل ، جنهن تان اسان جي ملڪ جي ان ۽ ٻين شين جا گاڏا ڀرجي جرمنيءَ وڃن ٿا ،هوءَ پل جيڪڏهن هيڪر ناس ٿي ته ڪافي وقت سندس ٺهڻ ۾ لڳندو ۽ گھٽ ۾ گھٽ ايترا ڏينهن نڪي اسان جي ملڪ جي دولت اوڏانهن ويندي ، نڪي اتان ڪي رهزن جرمن اچي سگھندا . هن ڪم لاءِ اسان کي پل وٽ هڪ بم رکڻو آهي ، مگر ظاهر آهي ته هي ڪم ڪوبه وڏو ماڻهون ڪري نٿو سگھي ۽ اسان کي اهڙو ڇوڪرو گھرجي ، جو نهايت ڦڙت ، اٽڪلي ۽ بي ڊپو هجي. هو سهي وانگر بم کي اتي رکي ، سندس تار کي چڪي پاسي واري جھنگل ۾ پهچندو ۽ پوءِ مقرر وقت تي اسان جا همراھ سوئچ دٻائي ، ان کي ڇوڙيندا .
ڪورچاگن اها تجويز ٻڌڻ تي اهڙو ته خوش ٿيو جو ڇا چئجي ، مگر يوخرائيءَ چيس “ڏس نونهال !تو اڃان ننڍو آهين ۽ تو موت اکين سان نه ڏٺو آهي . جرمن پهريدار به خبردار آهن ، جيڪڏهن ڪنهن ڏسي ورتو ٿه نه فقط توکي چيچلائي چيچلائي ماريو ويندو ، بلڪ هر طرح جا عذاب ڏيئي تو کان اسان جا نالا پڇيا ويندا ۽ پوءِ ممڪن آهي ، ته تون ڪچو بنجي اسان سڀني کي تباھ ڪرائين .”
گنڀير ٿي ڪورچاگن جواب ڏنو ؛“ بس استاد ،وڌيڪ نه ڪڇ ، تو مون ۾ فقط اها اميد رکج ته سر ڏنائين پر (راز) نه ڏنائين.”
يوخرائي بي اختيار ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏيئي چيو “ اهو يوڪرين ڪڏنهن به ڌارين جو غلام بنجي نٿو سگهي ، جنهن جو مائون ههڙا نونهال ڄڻين !”
ٺيڪ 2بجي اسٽيشن تي هاهاڪار مچي ويئي ته 75ميل پري هڪ شاهي پل کي بالشيويڪن ڇاپا مارن بم سان اُڏائي ڇڏيو هو۽ ........ يوخرائي اهڙو بندوبست ڪيو هو، جواها خبر پکڙڻ شرط هر ڪو مزدور پنهنجو ڪم ڇڏي بيهي رهيو . سڄي اسٽيشن خواه يارڊ ( مرمت جي مرڪز ) ۾ راڪاس ڦري ويو ۽ ڀينگ لڳي ويئي ، اسٽيشنن ماسترن سميت سمورا مزدور غائب ٿي ويا !
۽ ٻئي پاسي عين وقت تي بجلي گھر به بند ٿي ويو ، ان جا سمورا مزدور ڪاخانو ڇڏي ويا ، ان ڪري سارو شهر ڀيانڪ اونڌاھ سان ڀرجي ويو.