ناول

سِسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محمد بخش ڪلادي صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سِسي نيزي پاند

16

۽ اڃا صبح مس ٿيو ته سپاهين ۾ هڪ چل پئجي ويئي . سندن ڪمانڊر الاءِ جي ڪاڏي نڪري ويو هو،۽ ٻيو هڪ ڪمانڊر، هڪ انسپيڪٽر سميت اچي پهتو . هن سپاهين کي ٻڌايو ته “ باقاعده فوجن جو اعلى ڪمانڊر پيٽلورا !صاحب اچي رهيو آهي ، هو اجھو ٿو فوجون ڏسي ، ان ڪري ڪئمپ صاف ڪري هٿيار ٻڌي تيار ٿي بيهو ، نه ته سخت سزا ملندو .ڏسو ته سهي ، اوهان جي ڪمانڊر کي به نڪرڻ لاءِ هيءَ مهل سجھي هئي ! نالائق ڪنهن جاءِ جو !”
سپاهي ته ڪم ۾ لڳي ويا ۽هن وري انسپيڪٽر کي چيو “دوست !اچ ته جيل کي ڏسون ، متان هنن ڪو ناحقي قيدي پڪڙي رکيو هجي ، هو اعلى ڪمانڊر کي دانهن ۽ پاڻ سڀني جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندو .”
جڏهن جيل بنايل ڪوٺيءَ تي آيا ته پهريائين منهن ۾ پوڙهي ملي وين “اڙي تو کي ڇو بند ڪيائيون ؟ ” “وڏي بي انصافي آهي سائين ! اول ته هڪ پوڙيءَ بيوھ کان شراب پيئڻ ۽ پوءِ پئسا گھرڻ تي مار ڏيئي قيد ڪن! اڙي آهي ڪو داد ڪرڻ وارو !” هن چيو.
“نڪر هتان رن،! وڏي آئي آهي شراب وڪڻڻ واري !” ٻه ٿڦڙون هڻي هن ڪڍي ڇڏيس۽ هوءَ بڪ بڪ ڪندي هلي ويئي “۽تون پوڙها؟”
“مور! اچي منهنجي گھر ۾ سپاهي لٿا ۽ هنن هڪ فوجي گھوڙو وڪڻي شراب وٺي پي ڇڏيو، هاڻي مون کي چون ٿا ”گھوڙو تو چورايو آهي، ظاهر ڪر . ڀلا ڪٿان آڻيا ؟”
“ ماڻهين جي .....مان آڻ، نڪر هتان پوڙها بي ايما ن!وڃي ڳول !” ائين چئي کيس به دروازي ڏي ٿيلهو ڏنائونس .۽“تون ڇوري؟” “مونکي ڪمانڊر بد ڪرداريءَ لاءِ مجبورٿو ڪري ، مونکي ست ڏينهن برابر ماريو اٿن ،” هن اوڇنڳارون ڏيندي چيو .

،ڀڄ ڇوري ! وڃ ماڻهن جي گھر . حرامين جا ڪم ته ڏسو ، هي جيڪڏهن جناب ڪمانڊر اعلى کي روئي دانهن ڏي ته هال ته ڪمانڊر جاڪم لهي وڃن پوءِ ڇوريءَ سان الاجي ڇا ٿئي!”
ڇوڪري به ڀڄندي ويئي ۽ ڪمانڊر هن زبردست انقلابي قيدي دولينڪ ڏي نهاري پڇيو “اڙي تون ڪهڙي ڏوھ ۾ آيو آهين ؟” ڦلهو منهن ڪري هن چيو“بس سائين ! رات جي يارهين بجي سندم ڳئون ڇٽي ويئي ،ان کي جھلڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته پڪڙي کڻي اندر ڪيائون .(اوڇنگارون ڏيئي ) هاءِ هاءِ منهنجي ڳئون !منهنجا ٻچا ڪيئن ڪندا ! منهنجو ماءُ پکيڻو ٻچڙو ته کير لاءِ روئي مري ويوهوندو !“ ”نڪر سوئر! وڃي ڇورو سنڀال . اڳتي ڳئون مظبوط نه ٻڌيئه نه ته ٻنهي کي گوليءَ سان ڪڍي چڏينداسونءِ!”
دولينڪ به ڀڄندو ويو ۽ ڪورچاگن وائڙو ٿي اکون ڦاڙي ڏسڻ لڳو ؟“ اوھ ! هيڏو سارو انقلابي ڇاپامار ، جنهن هزارين سپاهي ماريا هوندا ، سو هن بيوقوف ڪيئن نه الغرضائيءَ مان ڇڏي ڏنو!تڏهن ته هاڻي آءُ به ڇٽي سگھان ٿو!” هن جي دل ۾ عجيب اميد جاڳي !ڪورچاگن جي ڀر ۾هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو واتڙيو شخص بيٺو هو، ڪمانڊو کڙڪو ڪندي چيو“ اڙي توکي ڇا تان پڪڙيائون ؟ ڏسجين ته ڪو يهودي ٿو ، مڪار يهودي ! ڪوڙ متان ڳالهائين !”
“ اسان حجامن جو هر گز وڙ نه آهي سائين ! هڪ سپاهيءَ جي سنوارت ڪندي کيس کڻي چيم “ته اي سائين ! غريب يهودين تي ڪو رحم ڪريو،هنن سان ڏاڍيون بريون حالتون ڪيون اٿو ، اڄ اسان جو وفد به سائين اعلى پيٽلورا صاحب وٽ ويندو ، ته بس کڻي بند ....”
اڃا هن اترو مس چيو ته هڪ زودار ٿڏو هڻي نئين ڪمانڊر چيس“ چپ ڪر مردود يهودي! اوهين به ٿيا وفد بنائڻ وارا ! تڏهن اسين جئرائي ڪونه آهيون ، هاڻي اتي سڙي پيومر ! سور جا ٻچا !“
حجام رڙ ڪري وڃي پري پيو ۽ ڪمانڊر باقي بچيل اڪيلي قيديءَ ڪورچاگن کي چيو “اڙي ڇورا ! تون هتي ڪهڙو ڪارومنهن ٿوڪرين ؟”
روئڻهارڪو منهن ڪري هن چيو “ سائين !منهنجي چنپل ڦاٽل هئي ۽ مون اسان جي گھر ترسيل سپاهين جي ڦاٽل زين مان ذرو ڪپي ، کڻي ان ۾ هنيو ، ( سڏڪو ڀري ) سائين !مونکي خبرڪانه هئي ، ته اهو به ڪو ڏوھ آهي .”
ٿڦڙ هڻي ڪمانڊر چيس “ وڃ ڏوھ جا پٽ ! چنپل ٿو ٺاهي سوئر جو ٻچو!
ڪورچاگن وٺي پير ٻڌي ڀڳو ، جنهن شخص کي اها پڪ هجي ته جلد منهنجي کوپڙيءَ کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو ويندو ، سو هن طرح ڦوڪٽ سان نڪري آزاديءَ جي هوا کائي اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي!