2
هوٽل جو مالڪ ٿلهو بيڊولو شخص هو، سندس اکيون خون خوار ۽ بي رحم هيون. ”ڇا عمر آهي هن جي؟“ هن پڇيو.
”ٻارهن سال جناب“ ماڻس جواب ڏنو.
”چڱو ڇڏي وڃينس. في الحال اٺ روپيه مهينو ملندس ۽ جنھن ڏينهن ڪم ڪندو، ان ڏينهن جي ماني. هن کي هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن لڳو لڳ 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ها آءٌ چوري هرگز برداشت نه ڪندس.“
”چوري منهنجي ڪتن جو وڙ به نه ناهي جناب.... اسين غريب آهيون. بلڪل شريف آهيون.“ ڪورچاگن هٻڪندي هٻڪندي چيو.
”چڱو شابس اٿئي، پر محنت سخت آهي هاڻي کان ئي ڪم کي لڳي وڃ.“
ماءُ هن کي مئنيجر حوالي ڪري هلي ويئي. مئنيجر نوڪر کي چيو جنهن ”فروسيا“ نالي نوڪرياڻيءَ جي حوالي وڃي ڪيس، جا کيس ڪافي مهربان لڳي.
هن سارو ڏينهن ڪم ڪيو. اهوته ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته هر شخص هن کي پئي ڪم چيو ۽ رعب ڄمايو، مگر اھو ڏسي سڀني کي حيرت پئي ورتو ته ھن چرين وانگر بنا ڪنهن ٿڪ ۽ ناراضگيءَ جي سڀ ڪم ٺيڪ پئي ڪيو.
ٻئي ڏينهن صبح تائين هو ٿڪجي چور ٿي پيو ھو. ستين بجي مهل واري جو ڇوڪرو آيو، هن ٿانو ٿپا سندس حوالي ڪيا. هي ڇوڪرو ڪجھ وڏو هو، ۽ ڏانھنس نفرت سان نهاريائين، آخر چيائين ”ٻڌڙي بي نڪا! سڀاڻي پوري 6 بجي اچي وڃجاءِ.“
”ڇهين بجي ڇو، وارو ته ستين بجي بدليو آهي نه؟“ ڪورچاگن جواب ڏنو.
”انهي سان تنهنجو مطلب ڪونهي“ هن تيزيءَ مان چيو، ”توکي انهيءَ سان واسطو ڪونهي، ته وارو ڪيڏي مهل بدلبو آهي. تون هتي ڇهين بجي پهچي وڃجاءِ ۽ وڌيڪ بڪواس نه ڪر، اهو ڀوڪن جهڙو منهن ڀڄي ڇڏيندوسانءِ. همت ته ڏسوس، اڄ ئي ڪم تي چڙهيو آهي ۽ اڄ ئي ٿو پڪن ملازمن سان آڪڙ ڪري.“
واري پوري ٿيل عورتون دلچسپيءَ سان هي جھيڙو ڏسي رهيون هيون. ڪورچاگن کي هن تي اهڙي چڙ آئي، جو دل ته چاهيس ٿي، بي اختيار ٺونشي سان منهن ڀڃي ڇڏيس. پر خوف ٿيس ته متان هي تازي مليل نوڪري به نه هلي وڃي، سندس پياري ماءُ کي وري به صدمو پهچي، سو غصي کي ڪجھ ٿورو پي ويو ۽ نهايت تيزيءَ سان چيائين، ”اها بڪواس بند ڪر نه ته منهنجا به ٻه هٿ آهن . آءُ سڀاڻي پوري ستين بجي ايندس ۽ مون سان بڪواس ڪيئي ته نڪ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ. آءٌ پڻهين جو غلام نه آهيان، جهڙو تون هوٽل جو نوڪر آهين اهڙو آءٌ، ۽ همت هجيئي ته آءُ هاڻي به تيار آهيان.“ هن ٻانهون کنجيندي چيو.
سڀني نوڪرياڻين ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. هن ڇوري گھڻن کي هيسايو هو، پر هن نئين آيل نوڪر پهرين ئي ڏينهن سڄي آڪڙ ڍري ڪري ڇڏيس ۽ ”چڱو ڏٺو ويندو ، تو جھڙا مون گھڻائي سڌا ڪري ڇڏيا آهن.“ چئي هليو ويو.
ڪورچاگن هن پهرينءَ فتع تي خوش ٿيندو گھر ويو. هن گويا عملي طرح اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، ته پنهنجي حقن جو بچاءُ ڪري سگھي ٿو. مظلوم بنجي ٻين کي دانهون ڏيڻ مان ڪجھ به نه ورندو. مظلوم جو مددگار ڪوبه ڪونه ٿو ٿئي ۽ پنهنجي همت سان ۽ مصيبتون سهڻ سان جيڪو شخص پنهنجا حق بچائي وڃي، ان جي همت تي سڀڪو آفرين چوي ٿو.۽ هي به ڏٺائين، ته جيڪو ڊڄندو آهي، ان کي هر ڪو پيو ھيسيندو آھي، مگر سامھين ٿيڻ واري کان ھر ڪو پيو ڪؤ ڪندو آهي. جيئن چوندا ته، ”سامهين کي شينهن به نه کائي.“