ناول

سِسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محمد بخش ڪلادي صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سِسي نيزي پاند

22

“يسوع مسيع جا غلامو ! خداوند خدا جا پوڄاريو ! اي موسى جا مڃندڙوء !۽اي عربي نبيءَ‌ جا امتيو!اڄ اهو مبارڪ ڏينهن آهي ، جو اسين سڀ “خداپرست” هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهيون ،اسان جا مذهب ڌار ڌار آهن ۽ تحقيق اسين هميشه پاڻ ۾ وڙهندا پئي رهيا آهيون،پر خدا پرستن لاءِ اهو خطرو پيدا ٿي ويو، جنهن اسان جي سينن مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽اسان کي پنهنجي بقا ۽ پنهنجي خدا پاڪ جي رضامندي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو.............؟”
فادر واسيلي،يعني شهر شپيتووڪا جو اهو ئي ساڳيوپادري ، يعني ڪنهن زماني ۾ اسان جي ناول جي هيرو ڪورچاگن کي سخت مارڏيئي پنهنجي مدرسي مان ڪڍي ڇڏيو هو، سو اڄ هڪ خفيه تهخاني ۾ ، هلڪڙيءَ بتي جي روشنيءَ ۾ ، سامهون ويٺل مجمع کي افتتاحي تقرير ٻڌائي رهيو هو، سندس به جوان نازنين ڌيئرون نهايت سهڻن۽ اڌ اگھاڙن ڪپڙن سان ، تمام سٺي سينگار سان، ڳلن کي پائوڊر ۽لبن کي لالي لڳائي ، سندس ڀر سان ويهي مخاطين جي سينن تي بجلي ڪيرائي رهيون هيون ،۽ سامهون ويٺل “خدا پرست“ پادري ساحب جي گفتن ٻڌڻ کان وڌيڪ توجھ سندن حسن ڏي ڏيئي رهيا هئا !پادري صاحب ساهي کڻي چيو“دوستو!اوهان کي معلوم هوندو ته اهو مشترڪه خطرو ڪهڙو آهي،هاڻ، هي اهو مشترڪه آهي جو اسان کي اسان جي پياري سچي خدا جي پرستش ڇڏائي هڪ اهري نئين ۽ وڏي خدا جي پرتسش سيکاري ٿو، جنهن جو پيرهن اسان جي خدا پرستيءَ جو ڪفن آهي . جيئن هڪ شاعر ٿو فرمائي ته ؛
ان تازه خدائون ۾ سب سي بڙا وطن هي
جو اس پيرهن هي،وھ ملت ڪا ڪفن هي!
هو سڄو زور انهيءَ تي ڏين ٿا ته “يوڪرين”اسان جو مقدس وطن آهي ، اسن کي انهي سان محبت رکڻ گهرجي ، انهيءَ لاءِئي جان فدا ڪرڻ گھرجي مگراسين ڀلا ڪٿان ٿا هن نئين خدا لاءِ جان فدا ڪري سگھون ؟ اسان جي مقدس سرزمين فلسطين۽عرب ۾ آهي ، اسن جي انهيءَ محبت ۽سڪ ک گھٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اسين ڀلا ڪٿان ٿا برداشت ڪري سگھون؟
مگر (اوڇڳاريون ڏيئي) آھ! اسين ڇا ڪريون ، انهن ملحدن انهن دهرين ، بلڪ(جوش مان)انهن ڪافرن اڄ مزدور۽ هاريءَ جو نعرو لڳائي انهن کي ڀنڀلائي اسان مٿي تسلط۽قبضوڪري ڇڏيو آهي. اسان جي نوجوانن کي برغلائي، پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو خدا پرستيءَجي نور کي وسائڻ جون ڪوششون ڪن ٿا،ياد رکو!
نور خدا هي ڪفر ڪي حرڪت په خنده زن،
ڦوڪون سي يه چراغ بجھايا نه جائيگا !
اسين “خدا پرست ” به خاموش نه آهيون ، خدا جا ٻيا بندا به دنيا ۾ اسان جا همدرد موجود آهن . اسان جي انهن دوسن ۽ همدردن بلڪه هم مقصدن پولينڊ ۾پنهنجو مرڪز قائم ڪيو آهي ۽....۽ (نهايت آهستگي )اڄ اها مبارڪ رات آهي ، جو انهي نور جا شعاع هتي به پهچي ويندا . دوستو!ڪوبه غم نه ڪريو ، خدا پاڪ جي مدد ڄاڻ پهتي ۽ فتع ويجھي آهي...”
ٽڪ ٽڪ ٽڪ !
پادري صاحب گھٻرائجي ويو ، تهخاني جي ڏاکڻ جو دروازو ته هن بلڪل مضبوط بند ڪيو هو ، اندر ته ڪنهن به سپاهيءَ کي اچڻ جي اجازت ڪونه هئي . پوءِ هي ڪير ٿو اچي ، پر .....هنجي رڙ نڪري ويئي ، جڏهن ڪورچاگن ۽ گڏ سندس ٻيا پنج ساٿي ڀريل پستول کڻي ڏاڪڻن مان لٿا ۽ هنن ڏي نسان ٻڌي چيائون “خبردار هٿ اڀا ڪريو ، ڪوبه پنهنجي جاءِ تان چُريو آهي ، ته سندس کوپري چُور ڪئي ويندي ، ٻه سو فوجي جوان هن جاءِ کان ٻاهران گھيروڪري بيٺا آهن.” ڪورچاگن وڏي پادريءَ وٽ آيو،“ اڙي تون ڪورچاگن؟ڇا تون به ملحدن دهرين ۽ ڪافرن جو ساٿي آهين ؟ اڙي نوجوان !تنهنجي ماءُ ته يسوع مسيع جي وڏي معتقد آهي !” پادري صاحب وڏيءَ پاٻوھ سان چيو “اسين به معتقد آهيون پادري صاحب !اسين به يسوع مسيع کي دل سان مڃون ٿا ، پر انهيءَ کي نه، جنهن جا خليفه اوهان جھڙا بدمعاش ۽ رهزن آهن .اسين ان يسوع مسيع کي مڃون ٿا ، جو غريبن ، هيڻن ۽ مظلومن جو حامي هو، جوبيمارن جو بهترين همدرد هو ، ۽ ها اي يهودي ڀائرو!اسين انهي موسى کي به مڃون ٿا ، جو فرعونن ، هامانن ۽قارونن جو جاني دشمن هو ۽ اي مسلمان ڀائرو! اسين انهي عربي نبيءَ تي سلام و صلاوات چئون ٿا ، جنهن قيصرن جا تخت لرزايا ، جنهن ڪسرائن جي قصرن جا ڪنگرا ڪيرايا۽جو يتيمن جو يار هيڻن جو غمگسار هو ۽ مظلومن جو مدد جنهن دنيا کي اهو پيغام رسايو ته ؛
“جيڪي شخص سون ئي چانديءَ جا خزانا گڏ ڪري رکن ٿا ۽ خلق خدا جي خدمت ۾ خرچ نه ٿا ڪن ، تن جا چهرا ۽ پاسا انهيءَ سان ڏنڀيا ويندا.”
۽ جنهنجو ارشاد هو ته زمين،ڪارخانن ۽ عهدن جو امانتون سندن اهلن کي سنڀالڻ گھرجن ،۽جنهن دين جي تبليغ جي اجرت کي حرام بنائي ڇڏيو هو ،۽ جنهن جو ارشاد هو ته“حب الوطن من الايمان”. مگر اڄ تو جھڙا بدمعاش مڪار، خدا پرستيءَ جي سندس نالي ۾ ، هنن سڀني اٻوجھن کي پولنيڊ جا غلام بنجڻ جا سبق ڏيئي رهيا آهن .اڄ اسان خدا جي سچن بندن اوهان جي سازشن کي سرنگون ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان جي “ڏهين مرڪز” تي قبضي ڪرڻ جي چارج هن نيازمند کي مليل آهي ، مڪار ڪتا!”
ائين چئي هن بي اختيارسندس ڏاڙهيءَ مان جھلي لوڏا ڏيئي،سندس منهن تي ٿڪ ، اڇلائي هڪ زوردار ٿَڦڙ وهائي ڪڍي. پادري رڙ ڪري چيو“اهو سڀ ڪوڙ آهي ، اسان جي ڪابه سازش ڪانه آهي،تو مونکي ننڍ پڻ جي مار جو وير ٿو وٺين!”
“بيشڪ !ڌڻيءَ جا لک شڪر آهن ، جو اڄ هن منهنجو اهو ننڍپڻ جو قسم پورو ڪيو، پر هي وٺ تنهنجا اعمالناما! اچي پڙھ پنهنجا هٿ اکر!”هن کيسي مان سندس خط ڪڍي اکين اڳيان ڪيس ۽ هو چڪر کائي ڪري پيو!
هي اهو ناٽڪ هو ، جنهن ڏي يوخرائيءَ اشارو ڪيو هو ، گھڙيءَ پل ۾ پادري ۽ سندس سڀني ساٿين جا هٿ پير ٻڌا ويا ،پادريءَ جي ڪبوترين (ڌيئرن) جو نازڪ ٻانهون به رسين سان جڪڙيون ويون ۽کين وٺي اچي انقلابي مرڪز ۾ هاضر ڪيو ويو.
اڄ ههڙي خوشيءَ جي موقعي تي ورهين جي وچڙيل ماءُ به پٽ کي اچي ملي، نرڙ ۽ڳلن تي چمين برسات لائي وسائي ڏنائين. هن سمجھيو ته هاڻي هوگھر رهندو ، پر“جنهن کي تار لڳي يار جي ، سا ڪئن ڪندي گھر ٻار جي!” هو وري به پنهنجي مرڪز ڏي هليو ويو ، ٻاهرين منصوبي تي به قبضو ڪيو ويو ، پر اندروني خطرا اڃا گھڻائي موجود هئا.