قوم جو حقيقي خزانو
باطل جو طلسم ھماليه جبل وانگر ناقابل تسخير ھجي، يا آرڪٽڪ سمنڊ وانگر ناقابل عبور ھجي، يا سنڌو دريا وانگر ناقابل اعتبار ھجي، پر حق جي حمايت ڪرڻ وارن جي اڳيان اھو طلسم ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندو آھي، سمنڊ به جاءِ ڏيڻ تي مجبور ٿيندو آھي ۽ دريا به ھٽي دور ٿيندو آھي.
قلندرن جي آڏو جيڪو به ايندو سو پرزا پرزا ٿي ويندو. ھو لوڪن ۾ لڪل به آھن ۽ ظاھر به آھن. ھو خدا جي راز جا رازدار آھن، ھو حڪومتن جون چاٻيون پنھنجي ھٿن ۾ رکندڙ آھن.
انھن جي نزديڪ ظلم ڪفر آھي ۽ عدل اسلام آھي. اھا آھي معنيٰ اسلامي نظام حڪومت جي.
جنھن قوم ۾ عدل آھي، امن آھي، خوشحالي آھي، تنھن قوم ۾ اسلامي نظام آھي، ۽ جنھن قوم ۾ ظلم آھي، بدامني آھي، ۽ مخلوق دکي آھي، تنھن قوم تي ڪفر جو تسلط آھي.
ڇا توکي نوشيروان عادل جو نالو ياد نه آھي جنھن جي زماني ۾ پيدا ٿيڻ تي اسلام جي پيغمبر به پنھنجو فخر ظاھر ڪيو آھي؟ اسلامي نظام جي خزاني تي قومن قبضو ڪري ورتو آھي. ٻڌ! آءٌ توکي ٻڌايان ته اھو ڪھڙو خزانو آھي؟
اي سنڌ جا مسلمان! غور سان ٻڌ!! مولا جي محبت ۾ مست رھڻ، ھر وقت نيت صاف رکڻ ۽ توبہ استغفار ۾ مشغول رھڻ، ھنجي عبادت ۽ بندگيءَ ۾ سستي نه ڪرڻ، ارادي جي پختگيءَ، مستقل مزاجي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، حق گوئي، حق رسي ۽ راست بازي، تحمل ۽ بردباري، ھمت ۽ حوصله، محنت ۽ مزدوري، فضيلت ۽ مروت، شجاعت ۽ مردانگي، خوش خلقي ۽ خوش ڪلامي، نوڙت ۽ نھٺائي، ايثار ۽ قرباني، بي ڊپائي ۽ بي ريائي، رحمدلي ۽ فياضي، علم ۽ ھنر، عقل ۽ حڪومت، صفائي ۽ پاڪيزگي، مظلوم جي مدد ۽ ظالم جو مقابلو، يتيمن، بيواھن، بيڪسن ۽ مسڪينن جي مدد ۽ دستگيري، شرافت ۽ نيڪي، خدا جي مخلوق جي خدمت، اھي ۽ اھڙيون آھن صفتون جي نه فقط افراد جو سرمايو ۽ خزانو آھن ۽ قومن جو به خزانو آھن. اسلام دنيا جي قومن ۽ مذھبن لاءِ رحمت ٿي آيو. اسلام پنھنجي جھنڊي ھيٺ سڀني کي امن ڏنو آھي.
مسجدون ۽ مندر، مڙھيون ۽ ديولون انجي جھنڊي ھيٺ آباد ۽ آزاد رھيون آھن. اسلام پنھنجي پاڙيسرين لاءِ رحمت ۽ انسانيت جو نمونو آھي. اسلام پنھنجي دوستن لاءِ جان ڏني آھي. اسلام ۽ امن جي ساڳي معنيٰ آھي. اسلام خدا جي وحدانيت ۽ انسان ذات جي وحدت جو پيغام آندو آھي. مسلمان جتي به رھيو آھي، حق ۽ خدا ترسي، مظلوم جو مددگار ۽ انساني وحدت جو حامي ٿي رھيو آھي. ساري دنيا قلندرن جو گھر آھي. خدا جي محبت اسانجو لشڪر آھي. اسان اڪيلي سر جھان ۾ وڃي الله جو نُور پکيڙيو آھي ۽ محمدي پيغام پھچايو آھي. دين ڌرم ۾ زوري زبردستي حرام آھي، بدڪاري حرام آھي، بداخلاقي حرام آھي. اسلام مذھبن جي مڪمل آزاديءَ جو اعلان ڪيو، انھن جي پيغمبرن ۽ پاڪ ڪتابن ۾ ايمان آڻايو، سڀني جي مذھبي پيشوائن جي عزت ۽ احترام کي قائم ڪيو، زبردستيءَ سان ڪنھن غير مسلمان کي مسلمان ڪرڻ اھڙوئي ڏوھه ٺھرايو آھي جھڙو ڪنھن مسلمان کي زبردستيءَ سان ٻيو مذھب قبول ڪرائڻ. جھاد جو اعلان ڪرايو ته سڀني مذھبن جا عبادتگاه سلامت ۽ محفوظ رھن، ۽ الله جي نزديڪ پيارو ۽ بزرگ ان کي ڪيو جو پرھيزگاريءَ ۾ زور آھي ۽ نيڪ ڪمن ۾ سڀ کان اڳرو آھي. اسلام جي پاڪ پيغمبر مذھبن جي وچ ۾ عداوتن، قومن جي وچ ۾ خونريزين، نسلن ۽ خاندان جي وچ ۾ تڪبرن کي مليا ميٽ ڪري الله جي بارگاھه ۾ سڀني کي رجوع ڪيو جو مئي کان پوءِ فيصلو ڪندو ته ڪير حق تي آھي ۽ ڪير ناحق تي آھي. خدا جي رحمت عام آھي. تنھنڪري قلندرن جي درگاھه به عام آھي، انھن جو فيض به عام آھي. جو آيو سو اگھيو. پيغمبري دنيا امن جي دنيا آھي، برادري ۽ برابري جي دنيا آھي، محبت ۽ رواداريءَ جي دنيا آھي، آزادي ۽ انسانيت جي دنيا آھي، پر شيطان جي دنيا ۾ نه انسانيت آھي نه آزادي، نه برادري ۽ برابري، نه علم نه فضيلت، بلڪ چوطرف ظلم ۽ ستم، زور ۽ زبردستي، بدڪرداري ۽ بدامني، خوف ۽ حراس، رعيت آزاري ۽ رشوت خوري، بداخلاقي ۽ جھالت، چور مارڪيٽ ۽ بلئڪ مارڪيٽ، نالو اسلام جو ڪم شيطان جا، نالو خدا جو ڪم فرعون جا، نالو آزاديءَ جو ڪم غلاميءَ جا، نالو برادريءَ جو ڪم دشمن جا. اھي آھن آثار قيامت جا ۽ قومن جي برباديءَ جا. ظلم کي انصاف سمجھڻ، حيوانيت کي انسانيت سمجھڻ ، حرام کي حلال سمجھڻ، ناپاڪ کي پاڪ سمجھڻ، دشمن کي دوست سمجھڻ، خودپرستيءَ کي خداپرستي سمجھڻ، بداخلاقي کي اخلاق سمجھڻ، غلاميءَ کي آزادي سمجھڻ، ڪفر کي اسلام سمجھڻ، شرڪ کي وحدت سمجھڻ، نفاق کي اتفاق سمجھڻ، برباديءَ کي آبادي سمجھڻ، بي دين کي ديندار سمجھڻ. اي مسلمان! تو زندگيءَ جي معيارن ۽ اخلاق جي ڪسوٽين کي اونڌو ۽ ابتو ڪري ڇڏيو آھي. تون جلدي پنھنجي اصلاح ڪر، نه ته نابود ٿي ويندين.
قومن جو خزانو آھي علم ۽ ھنر، سائنس ۽ ايجاد، نِـڪو ذھن ۽ عقل، دورانديشي ۽ تدبير، وسعت نظري ۽ ڪشادہ دلي، فراخ دستي ۽ فياضي، وقت جي پابندي ۽ محنت، خندہ پيشاني ۽ خوش اخلاقي، قانون جي عزت ۽ نيڪ حڪم جي تابعداري، وطن ۽ قوم سان محبت، ايثار ۽ قرباني، خدا جي محبت ۽ خلق جي خدمت، صحيح استعداد ۽ قابليت، تندرست جسم ۽ تندرست جان، بلند خيالي ۽ عالي حوصلگي، قومي بھتري ۽ ترقيءَ جو ذوق ۽ شوق، صبر ۽ تحمل، سادگي ۽ صفائي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، امانت داري ۽ ديانت داري، عدل ۽ انصاف، سچائي ۽ بي ريائي، امن ۽ آزادي، مروت ۽ رواداري، عمديون رسمون ۽ عمدا قائدا، عمديون عمارتون ۽ عمدا رستا، غريب پروري ۽ غريب نوازي، لطافت ۽ ظرافت، شرافت ۽ شائستگي، شيرين گفتار ۽ نيڪ رفتار، حق شناسي ۽ مردم شناسي، ادب ۽ فضيلت، قناعت ۽ راحت، غور ۽ فڪر، حسن ۽ جمال، ارادن جي پختگي ۽ اصولن سان وابستگي، اھوئي آھي ڪنھن قوم جو حقيقي خزانو، جنھن قوم وٽ اھو خزانو آھي تنھن قوم وٽ اسلام آھي ۽ اسلامي نظام آھي.
*