سنڌ جو سرڪاري نوڪر
آئون زندگيءَ کان ۽ زندگي مون کان ڏُور آھي، ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ وڇوٽي آھي جنھن کي ڪھڙي طرح ڀرڻ گھرجي ان جو پتو نه ٿو پوي. سارو جھان سجاڳ آھي پر پنھنجي قوم سُتل آھي. زندگيءَ جي دريا ۾ طوفان پٺيان طوفان لڳي رھيا آھن، ڪنارو ناپيد آھي، قومن جا ناخدا پنھنجن جھازن کي بچائڻ جي فڪر ۾ آھن پر منھنجي ڪمزور ڪشتي جا خلاصي نفساني اختلافن ۾ مبتلا آھن.
نفساني خواھشن کان توبھه ڪرڻ لاءِ منھنجا رھبر تيار نه آھن، نفس جي پوڄا ڪرڻ جو نالو رکيو ويو آھي اسارام. ڦرمار جو نالو رکيو ويو آھي حڪومت، منافقي ۽ چاپلوسيءَ جو نالو آھي سياست. دولت گڏ ڪرڻ آھي زندگيءَ جو مقصد، خون ڪرائي دولت گڏ ڪريو، يتيمن جون ملڪيتون ھڙپ ڪري دولت گڏ ڪريو. پاٿاريدارن کي بچائي مال گڏ ڪريو، چور بازار ۾ وڃي دولت گڏ ڪريو، ڪمائيءَ جا سوين طريقا آھن، اھوئي آھي حڪومت جو ورثو، اھا آھي حاڪمن جي شريعت يعني طريقه حيات. چؤطرف کان چورن ۽ چاپلوسن اچي تنھنجي قومي ڪشتيءَ تي قبضو ڪيو آھي. پر قوم جا ابا ويرَن وروڌن پاڙڻ ۾ پاڻ پتوڙي رھيا آھن. دل جي بستي ويران آھي. اميدن جو ھڪ عالم آھي، جو غيرآباد آھي، ارمان ۽ افسوس، بي وسي ۽ مايوسي، ساري وجود کي وڪوڙي ويئي آھي، نه خيال ڪم ڪري ٿو نه حافظو. آسمان تي خزان جو رنگ ۽ زنگ چڙھي ويو آھي. نه ڪو سڻي ٿو، نه ڪو سڏي ٿو، نه ڪو سڏ تي سڏ ڏئي ٿو. نه صدا ھڻڻ وارو، نه ڪو ندا ڏيڻ وارو. قوم صاف ستل آھي، سڪته جو عالم آھي، دشمن دروازي تي بيٺل آھي، فوج ننڊ ۾ غرق آھي. قلندر ساري رات رلھيءَ ۾ ڦٿڪندو ۽ تڙپندو رھيو. پر ڪير آھي جنھن جي دل ۾ ھن جي حالت تي ڪو رتيءَ جيترو به رحم اچي، ھن جھان جو دستور ٿي ويو جو سکئي کي ڪو سَھي ڪونه ۽ ڏکئي کي ڪو ڏئي ڪونه، بکئي کي ڪو کارائي ڪونه، بيمار کي ڪو پُڇي ڪونه، ظالم کي ڪو چئي ڪونه ۽ مظلوم کي ڪو ڏِسي ڪونه، رشوت خور کي ڪو روڪي ڪونه، ڪمزور کي ڪو بچائي ڪونه ۽ قلندر کي ڪو سُڻي ڪونه. قلندر آھي به دل جو بيمار ۽ ڪھڙو حڪيم رکي جنھن وٽ دل جي درد جو علاج موجود ھجي. جڏھن پنھنجي قوم جي ڪرتوتن تي قلندر تپي باھه ٿي وڃي ۽ نَنھن کان چوٽيءَ تائين ھن جي جسم جي ھر ھڪ وار مان ۽ وار جي ھر ھڪ سوراخ مان باھه جا اُلا اٿڻ لڳن تڏھن اناالحق جي اعلان ڪندي ھن کي دنيا ۽ دنيا وارن جو ڪوبه ڊپ ڪونه ٿيندو آھي. خواھه منصور حلاج وانگر ھن کي سنگسار ڪيو وڃي، خواھه حضرت سرمد وانگر ھن جو ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪيو وڃي، خواھه بلاول حبشيءَ وانگر ھن جي اگھاڙن لِڱن تي عربي آفتاب جي تپش ۾ لٺين جو وسڪارو ڪيو وڃي، خواھه مخدوم بلاول وانگر ھن کي گھاڻي ۾ وجھي پيڙيو وڃي. دنيا ۾ دستور آھي مُئي کان پوءِ ماتم ڪرڻ جو. ڪاش سنڌ جا مسلمان پنھنجي زندگيءَ تي ماتم ڪرڻ سِکن. اھڙي زندگيءَ تي اُف آھي، اھڙي زندگيءَ کان موت صد بار بھتر آھي، جا زندگي انسان ذات جي خدمت لاءِ قوم ۽ ملڪ لاءِ وقف نه آھي. سنڌ جو سرڪاري نوڪر سمجھي ٿو ته قوم ۽ ملڪ سندس لاءِ وقف آھن، ساڳيءَ مصيبت ۽ لعنت ۾ سنڌ جو عيوضي ۽ اڳواڻ گرفتار آھي. غريب قوم جو ووٽ وٺي ميمبر ۽ وزير ٿيڻ، غريب مخلوق جي پگھر ۽ رَت جي پورھئي ۽ ڪمائيءَ مان پگھار کڻي پوءِ ظلم ڪرڻ ۽ رشوتون کائڻ سو اھڙوئي حرام آھي جھڙو سوئر جو گوشت کائڻ، بلڪ سوئر جو گوشت، رشوت ۽ ظلم جي پئسي کان سئو ڀيرا وڌيڪ حلال آھي، پر تنھن ھوندي به اھا آھي حالت سنڌ جي نوي سيڪڙو رھبرن ۽ سرڪاري نوڪرن جي. حڪومت جي تخت وزارت، گادي، عملداريءَ جي ڪرسي، واپاريءَ جي دڪان ۾ ڪارخانه داريءَ جي ڪوٺي، جاگيرداري ۽ سرداري ۽ زمينداري تي ويھي ڪري جيڪي ماڻھو بي انصافيون ۽ ظلم ڪن، يا رشوت خوريون ۽ حق تلفيون ڪن تن جو وجود انسان ذات لاءِ لعنت ۽ مصيبت جو باعث آھي ۽ انھن جو صفحهء ھستيءَ تان مِٽجي وڃڻ اھڙوئي يقيني آھي، جھڙو ٻه ۽ ٻه چار. اھو آھي قلندر جو ايمان ۽ تاريخ جو فيصلو. جڏھن سرڪاري کاتا ظلمن ۽ رشوت خورين جا اڏا بڻجي پون تڏھن آسماني آفتون ۽ انساني انقلاب ظالمن جو تڏو کڻي ڇڏيندا آھن. قلندر کي معلوم آھي ته ته حرام خورن ۽ انھن جي آئينده نسلن جي سنڌ ۾ ڪھڙي حالت ٿيڻ واري آھي. ظالم ۽ رشوت خور جو پڻ بنياد ناس ٿيڻ وارو آھي، انھن جون ماڙيون محل ۽ ملڪيتون تباھه ۽ برباد ٿيڻ واريون آھن، خالق ۽ مخلوق جو وزن انھن تي سندن حياتيءَ ۾ نازل ٿيڻ وارو آھي. سي قلندر جا قول نه آھن پر خدا جو فيصلو آھي ۽ خدا جي مخلوق جو فيصلو آھي. سنڌ جا اڳوڻا ۽ پويان وزير ۽ عملدار ڀلي ائين سمجھن ته ھو خدا جي غضب کان ڇُٽي ويا آھن، پر ان خدا جو قسم جنھن جي ھٿن ۾ مخلوق جي زندگي ۽ موت آھي، ته خدا جي ازلي ۽ ابدي قاعدن کي ڪوبه ڦيرائي نه ٿو سگھي. انھن قاعدن جي گرفت کان ڪوبه پاڻ کي بچائي نه سگھندو.
ظالمو! رشوت خورو! ترسو ۽ انتظار ڪريو. مون کي معلوم آھي ته توھان جو ڪھڙو حشر ٿيڻ وارو آھي؟ اڃا به وقت نه ويو اٿوَ. حرام خورين ۽ بدڪارين کان توبھه ڪري وٺو. پنھنجي قوم ۽ وطن ۽ انسان ذات تي زيادتون ڪرڻ ڇڏي ڏيو. توھان مولوي ھجو يا مفتي ۽ قاضي ۽ پير ھجو يا سيد، سردار ھجو يا ليڊر، سرمايه دار ھجو يا زميندار ۽ جاگيردار، غريب ھجو يا غني، سنڌي ھجو يا پاڪستاني، مسلمان ھجو يا ڪافر، پر جيڪڏھن توھان ظلمن يا زيادتين، رشوت خورين ۽ حرام خورين کان توبھه نه ڪئي ته توھان کي قيامت کان اڳي ڏوھارين جي قطار ۾ بيھاريو ويندو ۽ پورو حساب ۽ ڪتاب ورتو ويندو. اھا اَٿو قلندري صدا ۽ نِدا. جن توبھه ڪري پنھنجي اصلاح ڪئي سي ڇُٽي ويا ۽ ڇٽي ويندا ۽ جن سرڪشي ڪئي ظلم ۽ رشوت کان توبھه نه ڪئي سي برباد ٿي ويا، ٿي رھيا آھن، ٿيڻ وارا آھن ۽ ٿيندا رھندا!
رشوت خور مسلمان، رشوت خور انسان نه فقط پنھنجي قوم، وطن ۽ انسانيت جو دشمن آھي، پر ھو خود پنھنجي ذات ۽ ٻارن ٻچن جو دشمن آھي، ۽ تنھن کان سواءِ خدا ۽ ان جي رسول ۽ ھن جي فرشتن جون ڦٽڪارون سدائين ھن تي نازل ٿينديون رھن ٿيون. ھن جي نه عبادت قبول آھي ۽ نه خيرات مقبول آھي. خدا پنھنجا گناھه معاف ڪري ڇڏيندو پر پنھنجي مخلوق سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ظلم ڪڏھن به معاف نه ڪندو. ھن جو وجود بني نوع انسان لاءِ وبال آھي، خدا جي زمين تي بار آھي، جو شخص اسلام زندہ باد جا نعرا ھڻي ٿو، پاڪستان زندہ باد، يا مسلم ليگ زندہ باد، نظام اسلامي زندہ باد، يا انقلاب زندہ باد، يا اسلامستان زندہ باد، يا سنڌ زندہ باد جا نعرا ھڻي ٿو ۽ پوءِ رشوتون کائي ٿو يا بليڪ مارڪيٽ ۾ واپار ڪري ٿو، يا حڪومت جي زور تي مصيبت زدن تي ظلم ڪري ٿو، انقلاب ۽ اسلامستان ۽ سنڌ جو دشمن آھي. ھو منافق آھي جو روپين ۽ اشرفين تي قوم فروشي، اسلام فروشي ۽ وطن فروشيءَ لاءِ ھر وقت تيار ٿي ويندو. سنڌ خواہ پاڪستان جو مسلمان جيستائين رشوت خور رھبرن ۽ عملدارن، چورن ۽ وياج خور واپارين، رشوت کائيندڙ، پاٿاريدارن ۽ زميندارن، خائن ميمبرن ۽ وزيرن، غبن ڪندڙ ٺيڪيدارن ۽ چوري مال موڪليدڙن کان نجات حاصل نه ڪئي آھي تيستائين نه سنڌ سلامت آھي ۽ نه پاڪستان سلامت آھي.
روزانه ” الوحيد “ ڪراچي سنڌ 16 مارچ 1952ع