درد دل
اي فرزند! تون ٻڌاءِ ته ڪڏھن پنھنجي قوم جي گمراھين ۽ گناھن تي، مسڪيني ۽ مصيبت تي، جھالت ۽ بداخلاقيءَ تي تنھنجي دل ۾ به ڪڏھن ڪو درد پيدا ٿيو آھي يا نه؟ دنيا ظلم ۽ ستم ۾ گرفتار آھي، مروت ۽ ھمدرديءَ جو ڪال آھي، انسانيت جو لاش بي گورو ڪفن لتاڙجي رھيو آھي، رحمدلي ۽ شرافت ۽ خدا ترسيءَ جو دنيا ۾ ڏڪار پئجي ويو آھي. ڪٿي لک پيا لٽجن ته ڪٿي ڪکن جا محتاج آھن. خون ۽ فساد جو زور آھي، عيش ۽ عشرتن جي محلاتن ۾ شادمانا آھن ۽ ڀر وارين گھٽين ۾ ماتم برپا آھي، حيا ۽ شرم دنيا مان لڏي ويا آھن، بدڪارين جون بازارون رونقدار آھن، اسلام جو نالو آھي پر اسلامي روح پرواز ڪري چڪو آھي، پاڻي مٿي کان مٿي چڙھي ويو آھي ۽ مخلوق ٻڏڻ واري آھي، ياجوج ۽ ماجوج جا لشڪر زمين تي پکڙجي ويا آھن، بديءَ کي نيڪي سمجھڻ وارن جون حڪومتون قائم آھن، اصلاح ۽ توبھه جا دروازا بند ٿي چڪا آھن، پوءِ به جيڪڏھن تنھنجي دل ۾ ڪو درد پيدا نٿو ٿئي ته پوءِ چئبو ته تنھنجو قلب مري چڪو آھي، تنھنجو عقل سليم موڪلائي ويو آھي، ۽ تون بيجان جاندار ۽ حيوان آھين. آئون توکي نصيحت ٿو ڪريان ته تون حيوانيت ڇڏي ڏي ۽ انسان ٿيءُ، تون نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ٿڪجي نه پؤ، تون ڀلائي ڪر ۽ ان کي وساري ڇڏ، تون نيڪي ڪر ۽ درياءَ ۾ اڇلاءِ، تون نيڪي ڪندو رھه، ۽ معاوضه ۽ منافعه جي اميد نه رک، توکي نيڪيءَ جو بدلو بديءَ جي صورت ۾ ملندو پر تون شڪسته دل نه ٿيءُ ۽ بديءَ جو بدلو به نيڪيءَ جي صورت ۾ ادا ڪر، تون پنھنجي دل ۾ آدم جي اولاد جي نجات لاءِ ڪو درد پيدا ڪر، انھن جي حق ۾ دعا ڪندو رھه، بس غائبانه دعا الله جي بارگاہ ۾ قبول ٿيندي آھي، تون فرشتن وانگر پنھنجي مولا کي ستائيندو رھه ۽ لڳو لڳ ٻاڏائيندو رھه ته خداوند تعالى پنھنجي مخلوق جا درد دور ڪري. دنيا ۾ نيڪي ڪرڻ وارن کي ڪڏھن به شڪست نه ملندي آھي ۽ ھو ڪڏھن به پنھنجي شڪست قبول نه ڪندا آھن. تون اعلى ارادو ڌار ۽ عزم راسخ رک. خدا ۾ جھڙو گمان رکندين تھڙوئي ھن کي پائيندين. ڪڏھن به مايوس نه ٿيءُ، سارو جھان پنھنجي خيال ۾ مست آھي، جھڙو تنھنجو خيال آھي تھڙو تون ٿي پوندين، سارو جھان الله جي نور سان روشن آھي ۽ تنھنجو وجود ھنجي نوراني آفتاب جو مرڪز آھي، تون ڪڏھن به پاڻ کي ھن کان پري نه سمجھه ۽ نه ھو توکان پري آھي. ھو ظاھر ۽ باطن ۾ توسان آھي. تون سنڌ وارن کي سجاڳ ڪر. پوءِ مشرق ۽ مغرب سجاڳ ٿي پوندا.
اي سنڌ جا مسلمان! تون مير عرب جي اکين جي روشني ۽ سرور آھين، تو وٽان ئي ٿڌين ھوائن جي جھونڪن قلب محمديءَ کي مسرور ڪيو ٿي. تنھنجو درياءُ جنت جو درياءُ آھي. تو وٽان ئي الله اڪبر جون صدائون ھڪ ڀيرو وري اٿڻ واريون آھن. تون ڪمربسته ٿي وڃ. پنھنجي قوم کي اخلاقي پستيءَ مان ڪڍي ٻاھر ڪر. خدا جا اولياءَ ۽ ابدال تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھن. فرشتن جون فوجون تنھنجيون مددگار ٿي وينديون، الله جي واٽ ۾ قدم کڻ فقط ھن جي خوشنودي خاطر، پوءِ تنھنجو ويران گلستان سرسبز ۽ آباد ٿي پوندو ۽ تنھنجو قافلو منزل مقصود تي پھچي ويندو.
*