تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
Title Cover of book نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

قلندري اسلام

اڄ اچ ته آئون توتي قلندري اسلام جي حقيقت ظاھر ڪريان. قلندري اسلام جو مقصد آھي بني نوع انسان جي خدمت جنھن ۾ امت اسلام به داخل آھي. اھائي آھي قرآني تعليم، اھوئي آھي ذڪر اڪبر، اھائي آھي وڏي عبادت، اھوئي آھي محمدي پيغام. دائمي امن ۽ سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ نه فقط افراد لاءِ پر قومن لاءِ اھڙي زندگي حاصل ٿيندي جھاد في سبيل الله جي ذريعي. زندگي جھاد آھي ۽ جھاد ۾ زندگي آھي. زندگي جھاد جو ٻيو نالو آھي. جھاد کان سواءِ زندگي موت جي برابر آھي.
سوين ۽ ھزارين ڪمن سان زندگيءَ جو واسطو آھي ۽ ھر ھڪ نيڪ ڪم کي سرانجام ڪرڻ ۽ ھر بد ڪم جو مقابلو ڪرڻ جماعتي تنظيم سان، ان جو نالو آھي جھاد. پر اي نادان! تو فقط تلوار سان مقابلي ڪرڻ جو نالو رکيو آھي جھاد. ھائو! اھو به جھاد جي ھزارين طريقن مان ھڪ طريقو آھي. جنھن جي اجازت فقط حڪومتِ وقت کان ملي سگھي ٿي. پر جھاد ٻين سوين طريقن لاءِ حڪومت جي اجازت درڪار نه آھي. توکي خدا جي پاران نيڪين ڦھلائڻ لاءِ ۽ بدين کي روڪڻ لاءِ جماعتي تنظيم قائم ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي، روزا نمازون سڀ توکي مرد مجاھد بنائڻ واسطي ۽ جھاد جي ترغيب، تربيت، ۽ تياريءَ لاءِ توتي فرض ڪيا ويا آھن.
جيڪڏھن ڪابه عبادت توکي جھاد لاءِ تيار نٿي ڪري سگھي ته اھڙي عبادت بيڪار آھي، خدا کي ڪنھن به شخص جي عبادت جي ضرورت نه آھي. ھن توکي عبادت جو حڪم ڪيو آھي ھن لاءِ ته تون پنھنجي ذات ۽ انسان ذات جي اصلاح ڪري سگھين ۽ عوام جي خدمت جون صلاحيتون پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھين. جيڪڏھن سارو جھان سدائين ھن جي بندگي ڪندو رھي ته ھن جي عظمت ۾ ڪو اضافو نٿو ٿئي ۽ جيڪڏھن سارو جھان ھميشہ لاءِ ڪافر ٿي وڃي ته ھن جي عظمت ۾ ڪا گھٽتائي نٿي ٿئي. اھائي آھي الله اڪبر جي معنى. يعني ته ھو انھن سڀني ڳالھين کان مٿي آھي. پر تنھن ھوندي به ھن پنھنجن بندن کي فقط عبادت لاءِ ئي پيدا ڪيو آھي. جنھن جي معنى آھي خالص خدمت، نه ڪنھن ذاتي غرض کي پوري ڪرڻ لاءِ پر فقط ھن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ. خدمت جو ميدان تمام وسيع آھي. اھا خدمت ھزارن نمونن ۾ ٿي سگھي. پر جنھن خدمت لاءِ جماعت تيار ڪئي وڃي ان جو نالو آھي جھاد. جھاد ۾ ڪاميابيءَ لاءِ شرط آھن:
1. خدا جي مدد ۾ پختو عقيدو رکڻ، جنھن لاءِ نماز کي قائم رکڻ ضروري آھي.
2. جمائتي تنظيم قائم ڪرڻ، جنھن جي صلاحيت پڻ نماز باجماعت مان پيدا ٿيندي آھي.
3. اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ، جنھن جي عادت روزن سان حاصل ٿيندي آھي.
4. مالي قرباني ڪرڻ، جنھن جي ترغيب واسطي زڪوات جو حڪم ڪيل آھي.
5. سفر جون تڪليفون سھڻ ۽ گھر ٻار کان جدا ٿيڻ، جنھن جو سبق حج بيت الله مان حاصل ٿئي ٿو.
6. دنيا ۾ انسان ذات ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پنھنجي قوم جي وحدت قائم ڪرڻ جو نصب العين، جو خالق اڪبر جي وحدت ۾ ايمان رکڻ مان پيدا ٿئي ٿو.

اسلامي تعليمات جو مول مقصد آھي توکي ۽ تنھنجي قوم کي ۽ بني نوع انسان کي حياتِ جاوداني عطا ڪرڻ. مرڻ تائين جھاد جاري رکڻ حيات جاوداني نه رھيو آھي، جھاد جي زندگي مثالي زندگي آھي، جا انسان ذات جي خدمت سان حاصل ٿئي ٿي ۽ محدود دائري اندر پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت سان حاصل ٿئي ٿي. خدمت ڪرڻ ۾ ڪوبه ذاتي غرض نه ھئڻ گھرجي. قلندر خدمت ڪندو آھي خدمت جي خاطر، خواہ خدا جنت ۾ وجھيس يا جھنم ۾.
اڪثر ماڻھو خدمت ڪندا آھن دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ واسطي يا مُئي کان پوءِ جنت ۾ داخل ٿيڻ واسطي. پر قلندر سزا ۽ جزا جو فيصلو خدا تي ڇڏيندو آھي ۽ بي غرضانه خدمت ڪندو آھي.
خدمت جي خاطر خدا جا نيڪ بندا نيڪيون ڪندا آھن. انعام وٺڻ جي خاطر، تون نماز پڙھين ٿو ۽ ھٿ کڻي ٻنھي جھانن جون نعمتون گھرين ٿو، تون خيرات ڪرين ٿو، ۽ پنھنجي دولت ۾ ڏھوڻي برڪت ۽ واڌ جي دعا گھرين ٿو. تون روزا رکين ٿو ۽ جنت ۾ ميون کائڻ جو آسرو رکين ٿو. تون ھر ڪم جو عيوضو گھرين ٿو. تون ھر وقت انعامن ۽ اڪرامن جو جو طالب آھين. ھائو! ھائو! تون انھن اميدن سان نيڪيون ڪندو رھين ته به غنيمت آھي. پر خدا جا مقرب بندا نيڪيون ڪندا آھن. نيڪين جي خاطر، خواھه انھن کي دنيا يا آخرت ۾ ڪو انعام ڏنو وڃي يا نه، مقربن کي خدا جو قرب کپي، ٻنھي جھانن ۾ ۽ ٻيو ڪجھه به نه.
اھوئي سبب آھي جو چيو اٿن ته نيڪن جون نيڪيون مقربن لاءِ برايون آھن. نيڪن جو درجو ۽ مقام اعلى آھي ۽ افضل آھي. ٻنھي جو وجود ملت لاءِ، انسان ذات لاءِ، سراسري رحمت آھي. جنھن قوم ۾ ڪو اھڙو ماڻھو ڪونھي سا قوم بدبخت، مسڪين ۽ ڪنگال آھي، ۽ جيڪڏھن تنھن قوم ۾ ڪو اھڙو رھبر ڪونھي سا تباھه ۽ برباد آھي، ۽ جا قوم ڪنھن بي غرض قلندر کي پنھنجو رھبر ڪري نه وٺندي سا اڄ نه ته سڀاڻي صفحهء ھستي تان مِٽجي ويندي.
ھاءِ ھاءِ ڪندي زندگي گذري ويئي پر منھنجي قوم کي اڃا تائين ڪو اڳواڻ نٿو ملي. توھان کي جيڪڏھن ڪو نيڪوڪار پسند نه آھي ڪو مقرب قبول ناھي ته پوءِ ڪنھن بدڪار تي ئي راضي ٿي وڃو. ھن وقت پنھنجي قوم کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا نه ڪريو. سموري سنڌ مالِ غنيمت آھي ۽ توھان جو تڪرار مال غنيمت جي تقسيم تان. کڻي ڪس کائو پر ھن وقت نازڪ دور ۾ متفق ٿي وڃو. ائين ڪرڻ ۾ توھان کي مالِ غنيمت مان به ٿورو گھڻو حصو ملي ويندو ۽ شايد توھان جي قوم به وڏي نقصان کان بچي پوي. جيڪڏھن پنھنجي قوم کي ڪو فائدو نٿا پھچائي سگھو ته به ان کي نقصان کان بچائي وٺو. خدا ۽ خدا جا فرشتا ۽ خدا جي مخلوق ۽ سنڌ جا موجودہ ۽ آئندہ نسل توھان کي ڪڏھن به عيد مبارڪ جو مستحق نه سمجھندا، جيڪڏھن توھان ڄاڻي واڻي، نئين نظام جي ٺھڻ وقت سنڌ کي ھميشہ جو نقصان پھچائيندؤ.
چوطرف کان باھه وڪوڙي ويئي آھي پر گھر جي ڀاتين ۾ تڪرار آھي ته منجھن وڏو ڪير آھي؟ ٻيڙي ٻڏي رھي آھي پر ملاح ۽ مسافر ننڊ ۾ بيھوش آھن، ڪٽڪن پٺيان ڪٽڪ ملڪ ۾ ڪاھي پيا آھن پر محافظن جي پاڻ ۾ لٺ بازي شروع ٿي ويئي آھي، ملڪ غرق ٿي رھيو آھي، پر بچاءَ بند کي مضبوط ڪرڻ بدران ان کي ڊاھي رھيا آھن. زلزلو سڀني کي دفن ڪري رھيو آھي، پر زلزلي جا مصيبت زدہ ڦرمار ۾ لڳي ويا آھن. آسماني بجلين جي ڪڙڪاٽ ھيٺ ھر عمارت زمين دوز ٿي رھي آھي. عياشين ڪرڻ وارا ۽ مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ وارا عياشين ۽ رشوت خورين ۾ رڌل آھن ۽ پاڻ ۾ وڙھي رھيا آھن.
سنڌ جا عيوضيو! گھٽ ۾ گھٽ ھيءَ جنگ زيرگري بند ڪريو، ھيءَ خانه جنگي ساري سنڌ جي دائمي تباھيءَ جو پيش خيمو ٿيندي. توھان عيوضي ٿيو، وزير ٿيو، وزير اعلى ٿيو، نائب وزير ٿيو، صلاح ڪار ٿيو، سيڪريٽري ٿيو، ساري سنڌ جي خزاني ۽ ٺيڪن جا مالڪ ٿيو، ڪميشنون کائو ۽ کارايو، عياشيون ڪريو، شڪار ڪريو، بنگلا رکو ۽ موٽرون وٺو، فيڪٽريون وٺو ۽ ڏيو، باغن ۽ گلن ڦلن جي بسترن تي ننڊون ڪريو، مفت ۾ سير ڪريو، حاڪم ٿي سلاميون وٺو، قوم کي وڌيڪ غريب ڪريو، پرواہ نه ڪريو جيڪڏھن بيمارن کي دوا نه نٿي ملي، اوگھڙن (اوگھاڙن) کي ڪپڙو نٿو ملي، ھارين نارين ۽ مزدورن کي نه پورو اٽو آھي، نه اجھو آھي ۽ توھان خوش آھيو ته سمجھوَ ته ساري قوم خوش آھي پر خدارا پاڻ ۾ ته ٺھي ھلو ۽ غريب سنڌڙيءَ کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪُھي ڇڏڻ کان ته پرھيز ڪريو. نئون دستور ٺھي وڃي تيستائين پاڻ ۾ متفق ٿي وڃو. دستور ٺھي وڃڻ کانپوءِ جيڪڏھن توھان ھڪٻئي کي ختم ڪندؤ ته پوءِ قلندر الله جي درگاہ ۾ دعا پِني اوھان کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.

روزانه ” الوحيد “ ڪراچي سنڌ 3 جون 1954ع