تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
Title Cover of book نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

عشق جي وادي

اي برادر! تون عشق جي واديءَ ۾ قدم رکڻ ٿو گھرين پر سنڀالي قدم رک، قلندر عشق ڪمائي ڏٺو آھي، تنھنڪري توکي خبردار ڪرڻ ٿو گھري، تون عشق جي پچر ڦٽي ڪر نه ته عشق انڌو آھي ۽ توکي دربدر ڪري ڇڏيندو، اول معلوم ڪر ته عشق ڇا آھي؟
ساري جھان ۾ جنھن به جاءِ تي، جيڪو به دک درد ھو سو ھڪ ھنڌ گڏ ڪيائون ۽ ان جو نالو رکيائون عشق. ان سرد، رنگ زرد، چشم گريان، دل بريان، جگر ڦٽيل، جسم زخميل، مٿو اگھاڙو، ڪپڙا ڦاٽل، خانه بدوشي، فاقه مستي ۽ پياس، نااميدي، بيھوشي ۽ استغراق، جدائيءَ جو غم ۽ فراق، محبوب محجوب، معزور ۽ مجبور، زمانو ظالم ۽ ھوا ناموافق، تمنا وصال جي پر مشڪلاتون بي شمار، معشوق ھڪڙو ۽ عاشق لک ھزار، حسين لايزالي ۽ شباب لازوالي، نگاھه قيامت خيز، اکيون آبدار، رخسار لاله زار، لب شيرين، ڏند جھڙا موتي، چھرو جھڙو چنڊ، صنوبر جھڙو قد، زبان ۾ حلاوت، قدمن ۾ نزاڪت، طبيعت ۾ شوخي، ھلت ۾ بي نيازي، ظاھر خاموشي باطن راضي، نه داد نه فرياد، قلندر اٺئي پھر اداس، نالان ۽ پريشان، واٽ وڃڻ جي نه جاءِ مرڻ جي. اڙي نادان! متان ھن ڄار ۾ ڦاٿو آھين. متان ھن ميدان ۾ گھِڙيو آھين، جي سِر جو سانگو ڪرين ته پير ھن پڙ ۾ نه پاءِ، مجازي معشوق جي زلفن ۾ جي ڦاٿا آھن تن قيامت تائين وري ڪنڌ مٿي نه کنيو آھي، تون پاڻ تي ظابطو رک، ھن دلدل کان پري ٿي. پنھنجن پيرن ٿي بيھه، حرص ۽ حوس ڇڏي ڏي. تنھنجو عشق شھواني آھي، نه مجازي آھي، حقيقي آھي. حقيقي عشق فقط قلندرن جو مَرڪ آھي. ھوشيار ٿي، ھوش رک، عشق حقيقي ڌار. عشق الله جي باھه آھي جنھن ۾ ساري دنيا سڙندي رھي ٿي، ان باھه مان ھر شيء پاڪ ۽ صاف نڪرندي آھي، تون سمجھين ٿو ته دنيا بي سبب ۽ بي مقصد پيدا ٿي آھي. پر ڄاڻ اي نادان! ھي سمورو مانڊاڻو عشق جو مظھر آھي، خدا خود جڏھن پاڻ تي عاشق ٿيو تڏھن ھي عالم ظھور ۾ آندائين، ھڪڙو تون آھين جنھن جو نه پاڻ سان عشق آھي ۽ نه عاشق حقيقيءَ سان، تنھنجي اکين تي مون ۽ تون جا پردا پئجي ويا آھن نه ته حقيقت ازخود ظاھر ٿي پوي. اھي پردا جڏھن ھٽي دور ٿيندا تڏھن حقيقت پنھنجو اظھار ڪندي، نه تون ھوندو ۽ نه مون ھوندو پر جو آھي فقط سو ھوندو، آفتاب پنھنجي ترورن کان جدا نه ھوندو آھي، عاشق پنھنجي معشوق کان ھرگز جدا نه ھوندو آھي. ڪابه شيء پنھنجي پاڇي کان جدا نه ھوندي، ھيءَ سموري ڪائنات آفتاب جو ڪرڻو ڪري ڄاڻ، درياءَ جي ڇولي ڪري سمجھه، وجود حقيقي جو پاڇو ڪري سمجھه. ھو اول آھي، جنھن کان اڳ ڪابه شيء رھڻ واري نه آھي، ھو ظاھر آھي جنھن کان ڪابه شيءِ موجود نه آھي. ھو باطن آھي جنھن کانسواءِ ڪو معبود ڪونھي، ھن کانسواءِ ڪو موجود ڪونھي! ھن کانسواءِ ڪو مقصود ڪونھي، ھن کانسواءِ ڪو ڪونھي، ھو آھي ۽ فقط ھو آھي.
اھوئي سبب آھي جو قلندر ڏينھن رات ھو ۽ ھو جو وظيفو پڙھندا آھن، اھو اسم اعظم آھي. تون پڙھي ڏس، اھو ورد ۽ وظيفو جاري رک، پوءِ ساري ڪائنات ھو ۽ ھو جو ذڪر ڪندي توکي نظر ايندي، پر تو ھن کي ھن جي خاطر ڪڏھن به ياد نه ڪيو آھي، تنھنڪري تنھنجي واسطي دوزخ تيار رکيو آھي، جنھن مان ھر انسان کي لنگھڻو پوندو. گناھن کان ڪوبه ڇٽل ڪونھي، پر جن جا گناھه معاف ٿي ويا سي معصوم آھن، ڪي جيئري پار پئجي ويا، ڪي قبر ۾، ڪي برزخ ۾ ۽ ڪي قيامت ۾ پار پئجي ويندا. ڪو اک ڇنڀ ۾، ڪو سيڪنڊ ۾، ڪو سالن ۾، ڪو صدين ۾، ڪو ھن جي ارادي پوري ٿيڻ تائين دوزخ مان لنگھي پار پوندو. ھو ھر روز نئين ۽ نرالي شان ۾ظاھر ٿيندو رھي ٿو. ھن جو ھر روز ھزارن سالن جي برابر آھي، جھان ٺاھيندو ۽ ڦٽائيندو رھي ٿو، ھڪڙو گلستان ويران ڪري ٿو ۽ ٻيو تيار ڪري ٿو. ھن جي رازن ۾ وڌيڪ نه وڃ، قدم وڌاءِ ۽ ھن جي بارگاھه ۾ پھچي وڃ. تون پنھنجو جھان آباد ڪر پوءِ ھو تنھنجا ٻيئي جھان آباد ڪندو.
تون پاڻ کان بيخبر ۽ ھن کان به بي خبر آھين، تون پاڻ کان دور ۽ ھن کان به دور آھين، تون پاڻ کي وساريو ويٺو آھين ۽ ھن کي به وساريو ويٺو آھين، تون پنھنجي دنيا ۽ دين خراب ڪيو ويٺو آھين، جو خود پنھنجي جان جو دشمن آھي سو خدا جو به دشمن آھي سو خدا جي دين فطرت جو دشمن آھي ۽ اسلام جو دشمن آھي.
تون پاڻ کي مسلمان سڏائين ٿو تنھنڪري سمجھين ٿو ته تون اسلام تي آھين، پر اي برادر! خدا سارو جھان اسلام تي پيدا ڪيو آھي. خوشيءَ سان يا مجبوريءَ سان، ساري مخلوق اسلام جي حدود اربع اندر ڦاٿل آھي، ساري زمين سجدہ گاہ آھي ۽ ساري ڪائنات ھن کي سجدو ڪري ٿي. قومون قائم رھنديون جيستائين اسلام جي اصولن تي عمل ڪنديون، تون مسلمان سڏائڻ جي باوجود به اسلام کي وساريو ويٺو آھين، تنھنڪري خوار آھين، پر ٻيا اسلام کان بي خبر ھئڻ جي باوجود به ان جي اصولن تي ھلندڙ آھن، تنھنڪري سرسبز ۽ آباد آھن. تون باطن جي دعوى ڪندين ته رد ٿي ويندين، تنھنجي من گھڙت اسلام جي خدا کي پرواھه نه آھي. تون اول ثابت ڪر ته تون مسلمان آھين!
اسلام خدا ترسي آھي، اسلام انسانيت آھي، اسلام اخلاق، اسلام حق جي حمايت آھي، اسلام عدل آھي، اسلام نظام عالم آھي، اسلام امن آھي، اسلام علم آھي، اسلام عمل آھي، اسلام نيڪي آھي، اسلام جامع شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت آھي، محمدي نعرو اسلام جي تڪميل آھي. تون پاڻ کي مصطفى جي سپرد ڪر، پوءِ حقيقت محمدي توتي روشن ٿيندي. جيئن اک ۾ تارو روشن آھي تيئن سارو جھان نُور محمدي ۾ ٽٻيون ھڻي رھيو آھي. ان نُور سان جھان روشن ۽ آباد آھي، اھو نُور نه ھجي ته جھان ۾ اوندھه ٿي وڃي ۽ قيامت قائم ٿي وڃي.
جنھن ملڪ ۾ اھو نُور ھوندو سو غضب کان محفوظ رھندو، جنھن دل ۾ اھو نُور ھوندو سو عذاب کان ڇٽل آھي، ھو ساري جھان ۽ جھان جي قومن لاءِ رحمت آھي. بني آدم ھن جي امت ۾ داخل آھي، ھن جو پيغام ساري انسان ذات لاءِ آھي، جو پيروي ڪندو سو نجات پائيندو. جڏھن عشق محمديءَ قلندر جي قلب کي منور ڪيو تڏھن قلندر جي ڪايا پلٽجي ويئي، تون مايوس نه ٿي اي سنڌ جا مسلمان! ڪارا ڪڪر ھٽي پري ٿيڻ وارا آھن. طوفان جو دور لنگھي ويندو. تنھنجي گلستان ۾ بھار اچڻ واري آھي، تون اسلام جي ڪشتيءَ جو ناخدا ۽ پاسبان آھين، تون باب الاسلام آھين، رڳو خادم الاسلام ٿي وڃ. وفادار ٿي وڃ، پنھنجي دل ۾ عشق محمدي پچائيندو رھه، پوءِ ھي جھان به تنھنجو آھي ۽ ھو جھان به تنھنجو آھي.

روزانه سنڌ- ڪراچي 2 آڪٽوبر 1948ع