مَستن جي محفل
قلندر اڃا تائين ڪو اھڙو ڏوھه نه ڪيو آھي جو ھن جو نالو عاقلن جي ڪتاب ۾ درج ڪيو وڃي. جي عقلمند ھجون ھا ته تاج ۽ تخت جا مالڪ ھجون ھا. پر اسان عقل ڇڏي عشق جي واٽ ورتي آھي. اسان حڪومت ڇڏي آزادي اختيار ڪئي آھي.ڪتا ڀؤڪندا رھندا پر ڪاروان ھلندو رھندو. ڪاروانِ حيات جي ڪنھن کي خبر ناھي، نه ابتدا جي نه انتھا جي خبر. ھن مسافرخاني ۾ ھڪڙا اچن پيا، ٻيا وڃن پيا. نه خوشيءَ سان ڪو اچي ٿو، نه خوشيءَ سان ڪو وڃي پيو، نڪو ستو رھي ٿو نڪو ھوشيار رھي ٿو. پر منھنجي قوم اڃا اگھور ننڊ ۾ ستل آھي، ڪڏھن سجاڳ ٿيندي ان جو ڪو پتو ڪونھي. ان جي سجاڳ ٿيڻ تائين اسان کي جيڪو انعام مليو آھي سو ساري جھان کي معلوم آھي.
قيد ۽ نظربندي، فڪر ۽ فاقا، ھٿڪڙيون ۽ سنگينون، تنگدستي ۽ ذلت، جيلن جون روٽيون سوٽيون، پنت ۽ خيرات جا ٽڪر، قرض ۽ مرض، خاڪ جو بسترو ۽ تڏو، آہ و فغان، چيخ ۽ پڪار، پوليس ۽ عدالتن جون حاضريون، ضمانتون ۽ ڏنڊ، الزام ۽ بھتان، طعنا ۽ تنڪا، دوستن ۽ عزيزن کان وڇوڙو، آڌي ۽ مانجھي رولڙو، چاليھن سالن تائين دربدر ۽ خاڪ بسر، اھو سڀ ڇاجي واسطي؟
جھان جون خوشيون پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيوسين ڇاجي واسطي؟ ” قوم قوم “ ڪندا رھياسين، ڇاجي واسطي؟ آزادي آزادي جا نعرا بلند ڪياسين ڇاجي واسطي؟ بکن ۽ ڏکن ۾ زندگي ڪاٽيسين ڇاجي واسطي؟ خانه بدوش ٿي رھياسين ڇاجي واسطي؟ گوشه نشين ٿي گذاريوسين ڇاجي واسطي؟ ھزارن ماڻھن کي جيل ۾ موڪليوسين ڇاجي واسطي؟ ھاڻي وطن وائي وطن جو ماتم ڪيوسين ڇاجي واسطي؟ اڃا به خراب ۽ خوار آھيون ڇاجي واسطي؟ ڇا اھو سڀڪجھه ان لاءِ ته اسان جي قوم، قوم ڪشن ۽ وطن ڪشن، رشوت خورن ۽ حرام خورن، بي دينن ۽ منافقن کي پنھنجو سرتاج ۽ حاڪم بڻائي؟ قلندر قبر ۾ به قوم قوم ڪندو رھندو ۽ تڙپندو رھندو؟ پر ڪاش منھنجي قوم کي پاڻ تي قياس اچي، پر ڪاش منھنجي قوم کي پنھنجن ٻچن تي ڪو قياس اچي، ڪاش قومي رھبرن ۽ مدعين کي موجود ۽ آئندہ نسلن تي ڪو رحم اچي.
جن زندگيءَ ۾ اسان جي ڳالھه نه ٻڌي، نه سمجھي، نه عمل ڪيو، سي مُئي کان پوءِ به جيڪڏھن اسان جي آہ ۽ فغان تي ڪو عمل ڪري ڏيکارين ته پوءِ به قبر ۾ اسان جي سُڪل ھڏين ۾ ساھه ڦوڪجي ويندو، پر جي زندگي ۽ موت ۾ اسان سان ھم نوا نه آھن تن جي فاتحه خوانيءَ جا به اسان محتاج نه آھيون. اسان جي دلي تمنا پوري ٿي ويندي جڏھن پنھنجي وطن جي خاڪ ۾ ڪا جاءِ ملي ويندي. اھو عرض پنھنجن دوستن کي ضرور ڪنداسين ته قلندر ڪٿي به مري پر ھن کي دفن ضرور سندس وطن جي خاڪ ۾ ڪجي. جنھن پاڪ وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ساري زندگي ڦٿڪندي گذري ويئي ان جي خاڪ ۾ منھنجي لاش کي دفنايو وڃي ته ان کان مٿي ٻي ڪھڙي خوش نصيبي ٿي سگھي ٿي. قبر ۾ به روح جي اھائي صدا رھندي ته خدايا جن منھنجي وطن کي ڄاڻي واڻي پنھنجي ذاتي وڏائي ۽ خودغرضي خاطر ويران ڪيو آھي تن کي تون به ٻنھي جھانن ۾ ويران ڪر.
سنڌ غوطا کائي غرق ٿي رھي آھي. پاڻي مٿي کان مٿي چڙھي ويو آھي. ان کي جنھن ٻڏڻ کان نه بچايو، غريب سنڌڙي ۽ سنڌين کي مغلوب ٿي وڃڻ کان ڪنھن نه بچايو، منھنجي قوم کي ظلم ۽ رشوت خورين ۽ غلاميءَ کان جنھن نه بچايو تنھن لاءِ قلندر جي دل مان زندگي خواہ موت ۾ ڪھڙي دعا نڪري سگھندي؟ والله! جو سنڌ کي خوش نه رکندو سو ڪڏھن به خوشيءَ جي زندگي نه گذاريندو. خدا جي مخلوق آزمائش ۾ گرفتار آھي موت ۽ حيات جي وچ ۾ لٽڪي رھي آھي.
اوڙھه جي ڪنڌيءَ تي، ٻرندڙ جبل جي چوٽيءَ تي، طوفان جي تحت ۾، عالمگير ٻوڏ جي وچ ۾، زلزلي جي ضد ۾، واسينگ نانگن جي وات ۾، عالم سوز ڀنڀٽ ۾، وڪوڙيندڙ وڄ جي وڪڙ ۾، آتش زدہ ھوائي جھاز ۾، آبي آتشي خاڪي ۽ بارودي بمن جي اوٽ ۾، موت جي منھن ۾، پائيندڙ درياءَ جي پيٽ ۾، محشر خيز نفسانفسيءَ ۾، پڇڙ تارن جي پيچ ۾، شيطاني اعمال جي شامت ۾، نه آھي واٽ ڀڄڻ جي، نه آھي بچڻ جي، نه فرصت ساھه پٽڻ جي، نه جاءِ مرڻ جي.
انسان ذات کي امن جي ضرورت آھي، پر امن ويو آھي اڏامي، امن رھيو آھي امن سوز ائٽمي بمن ھٿيار جي ڪارخانن قائم ڪرڻ ۾، امن رھيو آھي رشوت خورن کي راضي رکڻ ۾، جنھن شاندار تمدن جي قائم ڪرڻ ۾ سوين ملڪن جو صدين تائين خزانو خرچ ٿيندو رھيو آھي، سو تمدن صفحهء ھستيءَ تان ميٽجي وڃڻ جي خطري ۾ آھي. انسان ذات پنھنجو سمورو علم، عقل، خزانو ۽ پورھيو، ظاھر سجاوٽ ۾ سيڙايو آھي. جيڪڏھن ان جو پنجاھون حصو باطني ۽ اخلاقي ۽ عوامي اصلاح تي خرچ ٿئي ھا ته انسان انسانيت ۽ روحانيت جي اسرارن سان مالا مال ٿي پوي ھا. انھن حالتن ۾ جھان کي ” پيغامِ لطيف “ جي ضرورت آھي. دنيا کي قلندري دعوت جي ضرورت آھي. پر منھنجو جھان پائمال ٿي رھيو آھي. ھزارن ورھين جي مٺڙي تھذيب ۽ ٻولي ختم ٿي رھي آھي. قومي رھبرن کي ميمبري ۽ وزارت جي ضرورت آھي ۽ نه سنڌ جي. اي جاھلو ۽ ظالمو! جڏھن سنڌ نه رھندي تڏھن وزارت ۽ ميمبري توھان کي ڪھڙي ڪم ايندي؟ مڪاني ۽ غير مڪاني دربدر ٿي رھيا آھن، ۽ پاڻ کي تباھه ڪري رھيا آھن. رحم ڪريو رحم ڪريو.
مخلوق کي ظلم کان ڇڏايو، پاڻ کي بچايو. ڪراچيءَ ۾ ميزبان مھمان ٿي چڪو آھي. پنھنجي ديس ۾ پرديسي ٿي ويٺو آھي. ڇا سنڌ ۾ به توھان غير سنڌي ٿيڻ ٿا گھُرو؟ سنڌ نه رھندي ته ڪير رھندو. جنھن گھر ۾ پنج ماڻھو رھي سگھن ٿا تنھن ۾ پنجاھه رھي نه ٿا سگھن. جنھن شخص کي پنجن ڄڻن کي کارائڻ جيتري آمدني آھي سو ساڳي آمدنيءَ مان پنجاھه ڄڻن کي ڪھڙيءَ ريت کارائي سگھندو؟ جو پرڳڻو پنجاھه لکن جي بک ۽ بيڪاري، بيماري ۽ دک درد، جھالت، بدامني، اٽي لٽي ۽ اجھي جو تدارڪ ڪري نه ٿو سگھي سو وڌيڪ آباديءَ جو ڪھڙو بندوبست ڪري سگھندو.
توھان جي بزدلي ۽ خودغرضي سنڌ ۾ قيامت برپا ڪندي، ڏڪار آڻيندي، بدامني ڦھلائيندي، بداخلاقي پيدا ڪندي، وبائون نازل ڪندي، سنڌ ۾ جديد باشندن جي تباھيِءَ جو باعث ٿيندي، جيڪڏھن کوکرا پار وارو دروازو بند نه ڪندؤ؟ توھان شخصي خودمطلبيون ۽ نفاستيون ڇڏي ڏيو ۽ متفق ٿي ھاڻوڪين حالتن جو مقابلو ڪريو، ۽ موجودہ مسائل جو حل تلاش ڪريو. قلندر کي اطمينان سان مرڻ ڏيو ۽ مرڻ کان اڳ خوشخبري ڏيو ته سنڌ زندھه آھي، سنڌي مسلمان زندھه آھن، پر افسوس- صد افسوس.
اڄڪلھه ڪنھن جو نقارو وڄي ٿو ۽ ڪنھن جو سِڪو ھلي ٿو؟ رياست ۽ سياست ۾، وزارت ۽ حڪومت ۾، صحافت ۽ تجارت ۾، بازيگرن ۽ مدارين جو زور آھي. صبح شام نئون ناٽڪ ۽ نئون کيل، يٽن شٽن ۽ ڏٽن سٽن، جي دور ۾، وسوڙيل عوام حيران ۽ پريشان، امن ۽ آسودگي، انصاف ۽ خوشحاليءَ جو نالو وڃي بچيو آھي. غريب سنڌڙي لوڏن ۾ آھي. ڪير آھي ان کي بچائڻ وارو؟ حاڪمن جو بازار ۾ ھڪڙو ويس ته درٻار ۾ ٻيو ويس. سانڊي وانگر نت نئون روپ ۽ چاپلوسيون ۽ پلٽ بازيون. نوان ڏٽا ۽ نوان فوٽا. سير ڪري وٺو ۽ ٻه روپي ٿيو، ٻِچاپڙائي ڪريو، ڇاڙتا ڌاريو، دلال رکو، ڪلال ٿيو، ڪاردار ۽ وزير ٿيو. صلاح ڪار رکو، پارليامينٽري سيڪريٽري رکو، پرائيويٽ سيڪريٽري رکو، پروپيگنڊہ سيڪريٽري رکو، پوليس پھريدار رکو. دعوتون کائو، ايٽ ھوم وٺو، ايڊريس وٺو، گلن جا ھار پايو، اٿندي، ويھندي، بيھندي، سمھندي، ھلندي چلندي، کلندي ڪڏندي، عيش ڪريو، شڪار ڪريو، درٻار ڪريو، سلاميون وٺو، ڌٻڌٻا رکو، جيڪي وڻيو سو ڪريو، اڳيان به ائين ڪري ويا، توھان به موجون ۽ مزا ماڻي وٺو..
پر خدارا! سنڌ کي بچائڻ جو ڪو پھه پچايو، جي سنڌ نه ھوندي ته ڪير ھوندو. ڪھڙو عيش توھان ڪندؤ ۽ ڪھڙو عيش توھان جا پويا نسل ڪري سگھندا؟
جيڪڏھن سنڌ کي نه بچائيندؤ ته اھا حڪومت ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندي؟
ھڪ ڏينھن ويٺا ھوندؤ ٽواٽي تي، جھڙي ريت توھان جا اڳرو ۽ ھمعصر ويٺا آھن.
روزانه ” ڪاروان “ حيدرآباد سنڌ 4 اپريل 1954ع