روزي جو فلسفو
ھو منھنجو راز آھي ۽ آءٌ ھن جو راز آھيان. گل بيڪار ٿي ويندو آھي جيڪڏھن راز جي خوشبوءِ ھن مان اڏامي وڃي: جڏھن قوم ھمنوا نه ھجي، جڏھن فضا بي نُور ھجي، جڏھن انسانيت جو زوال ھجي، جڏھن قوميت جو ڪال ھجي، جڏھن وطن جي محبت ايمان جو جزو نه ھجي، جڏھن عالم مان اخلاق اڏامي وڃي، جڏھن دل ۾ ھمدردي نه ھجي، جڏھن عقل جو ڏيوالو ھجي، جڏھن مردم شناسي ۽ قدر شناسيءَ جا معيار اونڌا ۽ ابتا ٿي وڃن، جڏھن علم ۽ حلم جي عالم ۾ خلل پيدا ٿي وڃي، جڏھن اشرفين، سون ۽ چانديءَ جي صندوقن ۾ رھبرن ۽ مرشدن جي تلاش ڪئي وڃي، جڏھن خزانن ۽ ناڻن تي ڪارا نانگ ڦڻ ڪڍيو ويٺا ھجن، ٻوڏون ڪروڙن جو نقصان ڪن، زلزله عاليشان عمارتن جا نشان مٽايو ڇڏين، باھيون شھرن جا شھر چٽ ڪيو ڇڏين، چور ۽ ڌاڙيل لکين لُٽيندا رھن ۽ منھنجي قوم جي دولتمندن کي اھو سڀ ڪجھه منظور ھجي پر الله جي واٽ ۾، قوم جي نالي ۾، مون قلندر کي ڪو ڪوڏي به نه ڏيندو ھجي، تڏھن آئون سال جا ٻارھن مھينا روزا نه رکان ته ڇا ڪريان؟ اسان پنھنجي ھستي مٽايو ويٺا آھيون ته قوم جو مرتبو بلند ٿئي. اسان آزاد ملڪ ۾ به قيد ۽ نظربند آھيون. جھڙي ريت داڻو خاڪ ۾ بند ٿي گل ۽ گلزار ٿئي ٿو تھڙي ريت اسانجي قوم جو بخت بالا ۽ بلند ٿئي، جنھن قوم ۾ ڪو قلندر نه آھي سا مسڪين، ڪنگال ۽ خدا کان ڏور آھي. خاتون جنت کان ڪنھن زڪوات جو مسئلو پڇيو. جواب ڏنائين ته مالدار تي چاليھه سيڪڙو ۽ اسان تي سؤ سيڪڙو! ساڳي ريت اي عيد جي خوشين ڪرڻ واري قوم! توھان تي ٽيھه روزا فرض آھن پر حقيقي قلندرن لاءِ سال جا ٻارھن ئي مھينا روزا آھن. اسان پنھنجي ديس ۾ پرديسي آھيون، آزادي ۾ قيد آھيون. اوھانجي واسطي عيد آھي، اسانجي واسطي پنھنجي يار کان جدائيءَ تي غم ۽ ماتم آھي، ڪراچي ڪالھه ديس ھو اڄ پرديس آھي ۽ مست قلندر پرديس مان سڀني سنڌ واسين کي بانسي عيد مبارڪ چويٿو:
هماري شام غربت پہ بھي دو آنسو بھا دينا
يہ صبح عيد ياران وطن تم ڪو مبارک ھو.
روزانه ” سنڌ “ ڪراچي 13 آگسٽ 1948ع