تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
Title Cover of book نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

سنڌ سڪار

نعرہءِ مستانه لکڻ ڪو مست قلندر جي اختيار جي ڳالھه نه آھي، آئون دل جو تابعدار آھيان ۽ دل منھنجي تابعدار نه آھي. ڪڏھن دل ۾ ايندو آھي، خدا کي به سچ سڻائجي، پر پوءِ پنھنجي گناھن تي جڏھن نظر پوندي آھي تڏھن شرمساريءَ کان ڪنڌ جھڪي پوندو آھي. تنھن ھوندي به حقيقت تي پردو وجھڻ ناممڪن آھي، حقيقت ھيءَ آھي ته ساري دنيا جي حڪومت شيطانن جي ھٿن ۾ ڏيئي ڇڏي اٿس. شراب خورن، حرام خورن، رشوت خورن، سمگلرن کي. خوني جنگين جي تياري ڪندڙن جو راڄ آھي. جيڪڏھن خدا کي سچ چوان ته ڪافر ٿو ٿيان، جيڪڏھن سرڪار کي سچ چوان ته باغي ٿو ٿيان، جيڪڏھن دوستن کي سچ چوان ته ڏٺو ٿو ٿيان، ۽ جيڪڏھن پاڻ کي ٿو سچ چوان ته شرمسار ٿو ٿيان. اھڙي حالت ۾ مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ. ۽ ھاڻي ته دل ايتري قدر مردہ ٿي ويئي آھي جو زبان مان آواز نه ٿو نڪري، پر تنھن ھوندي به جيڪي رازدار آھن سي نعرو نه ڏسي ڏوراپا ڏين ٿا. دوستن جو ڏوراپو به محبت آھي ۽ محبت جو مھڻو آھي، جي اسان کي ياد ڪن ٿا، تنھن جي ياد اسان کي به ستائي رھي آھي. تنھن ڏينھن نوابشاھه مان ھڪ محب مليو جنھن خير سان ھڪ شاہ صاحب جو ذڪر ڪيو ته جيڪڏھن پرچي ۾ مستانه نعرو ھوندو آھي سو پاڻ وٺي پڙھندو آھي نه ته اخبار ويڙھي سيڙھي رکي ڇڏيندو آھي. پوءِ اسان جو يار ڳالھين ڪندي حضرت شيخ سعدي جا ڪي اشعار پڙھڻ لڳو جي مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ترجمي سميت ھيٺ ڏجن ٿا.
گلي خوشبويء در حسام روزي
رسيد از دست محبوبي بد ستم
بد و گفتم که مستکي يا عنبري
که از بوئي دل آويز تو مستم
به گفتا من گل ناچيز بودم
و ليکن مدني يا گل نشتم
جمال ھمنشين در من اثر کرد
وگر نه من ھمان خاکه که ھستم.

[مليو ھڪ ڏينھن سرھو ميٽ مونکي ڪنھن حمام ۾ محبوب ھڪ کان، چيم ان کي عنبر آھين تون يا مشڪ جو ٿي خوشبو اچي وھه وھه تو مان، چيائين آئون ھيس ناچيز مٽي مگر ويٺس ڏھاڙا ڪي آئون گل سان، اثر صحبت جو ٿيو مون ۾، وگر نه اھا ساڳي مٽي آھيان جا آھيان.]
سارو جھان ھڪ خوشبودار درخت آھي، ان درخت جِي انسان به ھڪ شاخ آھي، ھر انسان کي پنھنجي جدا خوشبوءِ، جدا رنگ، جدا خال و خط ۽ جدا روحاني نسبت آھي. جنھن کي بزرگن ۽ درويشن جي صحبت نصيب ٿئي ٿي، ھن جي خوشبوءِ نڪري نروار ٿئي ٿي، چؤطرف پکڙجي وڃي ٿي ۽ فضا کي به معطر ڪري ڇڏي ٿي. ھر انسان جي صحبت ڪنھن نه ڪنھن بزرگ سان، ھر بزرگ جي نسبت ڪنھن نه ڪنھن پيغمبر سان ۽ ھر پيغمبر جي نسبت نُور محمدي سان، ۽ نُور محمدي جو جمال يار سان. جيڪو جمال يار کان محروم رھندو سو جلال يار ۾ گرفتار ٿي ويندو، جن تي جمال يار جو عڪس پيو سي ايماندار ٿي ويا ۽ جن تي جلال جو پاڇو پيو سي غضب ۾ ڦاسي پيا. بارانِ رحمت عام آھي، پوءِ ھڪ زمين مان خوشبوءِ ۽ ٻي زمين مان بدبوءِ. لڳولڳ برسات پوڻ کانپوءِ آخرڪار اھا بدبوءِ به دور ٿي ويندي، بدبوءِ جي ھيٺان به خوشبوءِ لڪل آھي.
تنھنجي ھر ذرہ ۾ خوشبوءِ آھي، اھا ئي ته جنت جي ثابتي آھي. جيڪڏھن جنت نه ھجي ته پوءِ ھيءَ خوشبوءِ ڪٿان آئي آھي. تون خدا جي سامھون ڪڏھن اُڪير سان سجدو ڪيو آھي. تو الله وارن سان ڪڏھن نينھن نه لڳايو آھي. تو فرشتن کي ڪڏھن سلام نه ڪيو آھي، تو پنھنجي اصل تي ڪڏھن غور نه ڪيو آھي. پر خداوند عالم پنھنجو نظام اھڙي طرح قائم ڪيو آھي جو جنھن ۾ انسان کي ” احسن تقويم “ جو بلند درجو عطا ڪيائين. پوءِ جيڪو ان درجي کان ھٽي ٿو سو ” اسفل السافلين “ تائين پھچي وڃي ٿو سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، پوءِ انھن جي مرتبن جي بلنديءَ جي ڪا حد ڪانھي، الله پنھنجي سموري رحمت کي لفظ ” سواءِ “ ۾ لڪائي ڇڏيو. قلندر کان اھو راز نه کولاءِ. ” اسفل السافلين “ وارن کي به بشارت ڏني ويئي آھي. قلندر پنھنجي گناھن جي باوجود رحمت ۽ محبت جي دريا ۾ ٻڏي ويو. اھو عام مغفرت ۽ بخشش جو خداوندي اعلان آھي. اچو، اچو لکين گناھه ڪري به باز اچو، توبه جا دروازا کليل آھن. ايمان آڻيو ۽ نيڪ ڪم ڪريو، مايوسي ۽ نااميدي ڪُفر آھي.
سنڌ جو مسلمان ڇو حيران ۽ پريشان آھي؟ ھي زماني جا طوفان آھن، سي لڳي لڳي لنگھي ويندا. سنڌ جي سرزمين محمدي گلستان آھي. اھو گلستان ڪڏھن به ويران ٿيڻ وارو نه آھي. ان جي خاڪ کي خدا ڪيميا جي رونق بخشي آھي. ان جي خوشبوءِ سان اسلام جي دنيا آباد آھي. ان جي گلن ڦلن ۾ نورِ محمدي جو جلوو آھي. ان جي رنگت ۾ حسن احمدي پوشيدہ آھي. ان جي پاڻيءَ ۾ آب حيات جو لطف آھي. ان جو مستقبل سندس ماضيءَ کان ھزار ڀيرا وڌيڪ روشن آھي. ڪو ازلي بدبخت ھوندو جنھن کي سنڌ جي گلن مان خوشبوءِ نه ايندي. اي مادر وطن! تون اسلام جي فرزندن ۽ دخترن لاءِ پناھه گاھه ۽ سھارو آھين، مديني جي مولا جو توتي سدائين سايه رھيو آھي. توکي دلگير ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونھي، تنھنجو جھنڊو ساري جھان ۾ ڦڙڪندو رھندو، تنھنجي خوشبوءِ محمدي دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو.

سائين سدائين ڪرين ، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

تون ٻڌاءِ ته تو گلزار محمدي جي گلن ڦلن ۽ ٻوٽن کي ڪڏھن ڪو پاڻي به ڏنو آھي، يتيمن ۽ بيواھن جي پرورش ڪرڻ، فرزندان اسلام کي تعليم ڏيئي ھنر سيکاري تيار ڪرڻ، قرآن ۽ حديث جو درس ڏيڻ، محتاجن ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ، ھر انسان لاءِ ذريعه روزگار مھيا ڪري ڏيڻ، مصيبت زدن سان ھمدردي ڪرڻ، ڪمزور کي طاقتور کان انصاف وٺي ڏيڻ، عام مفاد ۽ خيرات جا ڪم ڪرڻ، نيڪي ۽ امن قائم ڪرڻ. تون ائين ڪندين ته تنھنجي خاڪ خوشبودار ٿيندي، ڪيميا ۽ ڪندن ٿي پوندي، تون ائين ڪري ڏس ۽ پوءِ جيڪڏھن ھن جھان ۾ توکي جنت جي خوشبوءِ نه اچي ته پوءِ قلندر کي جيڪي وڻئي سو چوندو رھه.
قلندر کي ان خدا جو قسم آھي جنھن پنھنجي نالي جي خوشبوءِ پنھنجي موجودات جي قالب ۽ قلب ۾ سمائي ڇڏي آھي ته تون نوراني پتلو آھين. تون خوشبوءِدار شاخ آھين. تون پيدائش جو مقصد آھين، لکن، بلڪ ڪروڙن سالن تائين مادہ کي انقلابي گھاڻن ۾ پيڙيو ۽ پيسيو ويو آھي تڏھن وڃي تنھنجي خاڪ تيار ٿي آھي، جھڙيءَ ريت پٿر تي پيسجڻ کان پوءِ حنا ۾ رنگ پيدا ٿيندو آھي، جھڙيءَ ريت گلن کي سماوار ۾ وجھي انھن جو جوھر ۽ عرق ۽ عطر تيار ڪيو ويندو آھي، تھڙي ريت تنھنجي خاڪ تيار ٿي، خاڪ مان تنھنجو خمير تيار ٿيو، خمير تي محبت جو بوندون وسڻ لڳيون، محبت جي قطرن مان تون پيدا ٿيو آھين، پوءِ جھڙي زمين ھوندي تھڙي ان مان خوشبوءِ يا بدبوءِ پيدا ٿيندي، جن ۾ يار جي جمال اثر ڪيو ته خوشبوءِ اچڻ لڳي، جن ۾ يار جي جلال اثر ڪيو ته ٻي بوءِ اچڻ لڳي. چون ۽ چران جي ڪنھن کي مجال آھي؟ فطرت جي ڪارساز کان اھو نه پڇ ته ھن جدا جدا نسبتون، جدا جدا رنگ ۽ روپ ڇو جوڙيا آھن، تون ھڪڙي آدم جي قبيلي جو فرد آھين. ھن اھڙا لکين قبيلا ٺاھيا ۽ ڦٽايا آھن ۽ ھن کان پوءِ به جئن وڻندس تئن ڪندو رھندو. تنھنجي واسطي اھو معلوم ڪرڻ ڪافي آھي ته جھڙا تون يار رکندين تھڙو تون ٿيندين. تون آزاد آھين پنھنجي ھم نشين جي منتخب ڪرڻ ۾، مُئي کانپوءِ به انھن سان گڏ رھندين جن سان تنھنجي ھن جھان محبت ھوندي. جنت ۽ جھنم تو ۾ پوشيدہ آھن، خوشبوءِ ۽ بدبوءِ تنھنجي عملن سان پيدا ٿيندي. تون مشڪ آھين، تون عنبر آھين، تون نسورو عطر آھين، خدا تنھنجي خاڪ کي نوازيو آھي، توکي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آھي، توکي مڪرم ۽ معزز ڪيو آھي، پر اي مسلمان! تنھنجي خلاف مونکي سوين شڪايتون آھن! تنھنجي آھه ۽ فرياد سان عرش عظيم جون ديوارون ڏڪي ويئون. تنھنجي حق نواز نعرن سان باطل جا ڪوٽ ڊھي پيا، ڪيڏانھن ويئي تنھنجي صديقي صداقت ۽ نوڙت، ڪيڏانھن ويئي فاروقي بصيرت ۽ حريت، ڪيڏانھن ويئي تنھنجي عثماني سخاوت ۽ شرافت، ڪيڏانھن ويئي تنھنجي حيدري شجاعت ۽ رياضت، اويس قرنيءَ جو عشقِ رسول، ابوذر جو جھاد اڪبر، سليمان فارسيءَ جي شھنشاھي ۽ فقيري، بلال جون فلڪ شگاف صدائون، خالد جون سيفي صفايون، عبيدہ جون معرڪه آرايون، عمرو جون مصري چڙھايون، سعد جون ايراني فتوحات، قتيہ خراسان ۾، طارق اسپين ۾، موسى فرانس ۾، محمد بن قاسم سنڌ ۾، سلطان محمد استنبول ۽ يورپ ۾، آخر دنيا جي ڪھڙي کنڊ ۾ تو الله اڪبر جون صدائون بلند نه ڪيون. زمين جو ڪمزور ملڪ تو پنھنجن سجدن سان منور نه ڪيو، ڪھڙو جبل ڪھڙو بيابان، ڪھڙو دريا ڪھڙو سمنڊ، تو پنھنجن پيرن ھيٺ نه لتاڙيو؟ تون ھڪ ڀيرو وري قلندري نعرہ بلند ڪر ۽ سنڌ جي آفتاب ۽ مھتاب سان جھان کي روشن ڪر.

روزانه ” سنڌ “ ڪراچي خميس 11 نومبر 1948ع