چار وڏيرا
عالمگير جنگين ۾ ڪروڙين مخلوق جا خون ٿي وڃن، شھر ۽ آباديون ويران ٿيو وڃن. پر جنگ کان پوءِ امن اچي، ۽ جي مقتول ٿين تن کان پنجوڻا وڌيڪ جنم وٺيو اچن. نوان شھر، نيون بستيون، ۽ نوان ايجاد ظھور ۾ اچن. انسان نه ڊڄي جنگين کان، نه انقلابن کان، نه ٻوڏن کان، نه وبائن کان، نه ائٽمي ھٿيارن کان، نه موت کان. ھر روز جھان ۾ نئون جھان ٺھي رھيو آھي. ستارن تائين پھچڻ جي جدوجھد جاري آھي. خدا ٿو ڄاڻي ڪيترا جھان اڃا تائين پوشيدہ آھن، جي انسان ڳولي ھٿ ڪندو.
” ملڪ خدا تنگ نيست پائي گدا لنگ نيست “
” ھر ملڪ ملڪ ماست “
جڏھن ڪائنات جا راز اڃا تائين ظاھر نه ٿيا آھن، تڏھن خدا جي ذات ۽ صفات جا راز ڪھڙي طرح قلندر کي معلوم ٿي سگھن ٿا. انسان اڃا تائين نه پاڻ کي سڃاتو آھي ۽ نه ڪائنات جي زندگيءَ کي. انسان جي عروج جي ڪا حد ڪانھي.
دنيا جا چار وڏيرا دعوى ڪرڻ لڳا ته اسان چوٽ تي چڙھي پنھنجي ڪانفرنس ٿا ڪريون، عالمگير امن ٿا آڻيون. پر چوٽيءَ تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا. ڪڪرن تي اچي اُڏند کٽولي جو ڪڙڪو نازل ٿيو. اُڏند کٽولي کي راڪيٽ ڪيرائي ھنيو پٽ، پر ان جو ماتم اڃا تائين ھلندو اچي.
” الله جو ڏمر اچي ته مَت کسي “
دل کوٽي عذر گھڻا. من ٽوٽي ماڻا گھڻا. چوٽيءَ تي چڙھي جي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندا سي پوندا اوڙاھه جي تري ۾. پاڻ سان گڏ عالمي امن ۽ انسانيت کي به غرق ڪندا. اھو آھي حال تھذيب ۽ تمدن، علوم ۽ فنون جي علمبردارن جو، عاقلن، بالغن، عالمن ۽ فاضلن جو.
چوندا آھن: تڪبر ڪنڌ ڀر• قومن کي گھمنڊ آھي پنھنجي ائٽمي ۽ آتشي، آبي ۽ خاڪي بم گولن جو، آرپار تيرن تفنگن توبن ۽ پربت جھڙن راڪيٽن جو، فرش تي ويھي عرش جو اندازو لڳائين ٿا، زمين تي ويھي آسمان تي حڪم ھلائين ٿا. پر اڃا تائين ته خلا جي انت ۽ انتھا جي ڪا خبر نه ٿي پوين. قلندر جو خدا ھڪ ڦوڪ سان طوفان ۽ زلزلو وجھيو ڇڏي جنھن سان انساني اڳ ڪٿيون ۽ رٿون، ڦندا ۽ قيد، وڏن جا ور ۽ پيچ، شيطاني ڦڏا ۽ ائٽمي اڏا، مڏا ۽ جڏا ٿيو پون. حقيقت م خدا بي پرواہ بادشاھه آھي. جو ڪري ٿو انسان پاڻ ڪري ٿو. جو ڪري ٿو سو ڀري ٿو. تاريخ جا ورق بني نوع انسان جي خون سان لکيل ۽ رنڱيل آھن. ھي جنگي جھان آھي. خدا سان جنگ، پيغمبرن سان جنگ، امامن سان جنگ، اصحابن سان جنگ، قومن جي قومن سان جنگ، گورن جي ڪارن سان جنگ، فرانس جي آلجيريا سان جنگ، ڪافر ۽ مسلمان جي پاڻ ۾ ۽ ھڪٻئي سان جنگ، روس ۽ امريڪا جنگ، ذات پات جي جنگ، رنگ روپ جي جنگ، سياسي پارٽين جي جنگ، اشتراڪيت ۽ جمھوريت جي جنگ، نظرياتي ۽ اصولي جنگ، اعصابي ۽ اقتصادي جنگ، نيٺ عالمي ۽ عناصري جنگ جي صورت اختيار ڪندي. نه رھندو فاتح نه مفتوح نه فتح. مڪمل تباھي ۽ بربادي. شايد تنھن کان پوءِ الله ميان ھڪ ڀيرو وري ” ڪن فيڪون “ سان نئون آدم وجود ۾ آڻي ۽ نئون نظام قائم ڪري!
آھي ڪو قلندر جي آہ ۽ زاري ٻڌڻ وارو؟ ڪير آھي جو قلندرن کان وڌيڪ مظلوم ھجي. خسته حال ۽ خانه بدوش لڪندا وتن لوڪ ۾. ٽرين ۾ مليو اول ھڪ نوجوان عالم سڳورو، چي وڃان ٿو لواريءَ جي جھاد تي. قلندر چيس ته جھاد ۾ فتح جو خواھشمند آھين ته جھاد ڪر پنھنجي نفس سان ۽ پوءِ قوم جي جھالت ۽ افلاس جي خلاف. پوءِ نه رھندا مصنوعي حج ۽ مصنوعي ميلا. پوءِ رجال الغيب مان ھڪ درويش اچي پاسي ۾ ويٺو، چوڻ لڳو ته ڪورٽ ۾ وڃي مسٽر کھڙي کي چاليھه چماٽون ھڻي جيل مان جند ڇڏائي مانس. قلندر غرض جو بندو، تنھن چيس ته بندو به چماٽن کائڻ لاءِ حاضر آھي ته ھن جا ڪم به راس ٿي وڃن.
درويش ڇڏيو قلندر کي به ڪين ڪي. وڄائي ڪڍيائينس ويھارو کن پٺيءَ تي ٿڦڙون، ۽ چيائين ته تنھنجو به ٻيڙو پار پئجي ويو. پوءِ فرمائڻ لڳو:-
قال رابگذارو مرد حال شو،
پيش مرد ڪامل پامال شو.
قلندر چيس ته تلاش جي باوجود به ڪو ملي ڪونه ٿو. اوھين ڪٿي ٿا رھو. چيا ئين ته لي مارڪيٽ جي ويجھو. سنڌ جي ولايت حضرت خواجه اجميري کان اسان کي مليل آھي ۽ ان جون وزارتون به، مون چيو ته غضب آھي ته اھا ولايت اسان جي ھٿن مان ته نڪري ويئي پر توھان جي ھٿن مان به. خير! درويش لھي ويو ملير ۾ ۽ قلندر پھچي ويو حيدرآباد جي عبرتڪدہ ۾. ھتي وري ڪو ٻيو درويش قلندر کي ڪنڌ کان وٺي چوڻ لڳو لک نعرہ قلندري. گھٽ ۾ گھٽ مھيني ۾ ھڪ مضمون. قلندر نه آھي اديب ۽ نه مضمون نويس. ھن ڪيتروئي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بابا:-
آن قدح بشکست و آن ساقي نماند.
پر ھو به مڇڏ ٿي پٺيان پئجي ويو. قلندرن جي حالت کان ڪو واقف ڪونھي، انھن کان وڌيڪ ڪو مظلوم ڪونھي. ھو جھان مان پرواز ڪري عالم الارواح يا رجال الغيب ۾ شامل ٿي وڃن. پر ماڻھو انھن جي قبرن کي به نه ڇڏيندا آھن. ھو گوشه گمنامي ۾ گذارين يا دريائن ۾ ٽٻيون ھڻي غرق ٿي وڃن يا بيابانن جي دامن ۾ پناھه گزين ٿي وڃن. پر حيدرآباد جي عبرتڪدہ ۾ انھن لاءِ ڪو اَجھو ڪونھي. ساري دنيا جو بنيادي حق آھي اجھو اٽو ۽ لٽو. پر اسان جي ملڪ ۾ قديم رھاڪوءَ جو آھي خدا حافظ- حيدرآباد جي در و ديوار مان عبرت ۽ حسرت ٽپڪي رھي آھي، اھو شھر قديم ۽ جديد علوم ۽ فنون ۾ ۽ سياسي آزادي ۽ ادبي تحريڪات ۾ ساري سنڌ ۽ ھند جو پيش امام ٿي رھيو آھي.
ادبيات جو امام مرزا قليچ بيگ، تعليمات جو امام حسن علي آفندي، سياسيات جو امام رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، تبليغ دين جو امام شيخ عبدالرحيم، خلافت تحريڪ جو امام مابدولت، انقلاب جو امام مولانا عبيدالله سنڌي، پھريون مسلمان ميونسپل پريزيڊنٽ قاضي عبدالقيوم، پھريون لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ خان بھادر محمد احسان، پھريون اسيمبلي جو پريزيڊنٽ سيد ميران محمد شاھه، شھر جو پھريون چونڊيل قاضي سيد اسدالله شاھه، پھريون بمبئي (ممبئي) جو وزير سر غلام حسين ھدايت الله، پھريون ھاءِ اسڪول جو باني نورمحمد وڪيل، وعظ ۽ خطبہ جو امام مولوي عبداللطيف، پھريون قطع تعلقاتي وڪيل ميان عبدالجبار، پھريون مست قلندر منگواڻو فقير، پھرين مسلم پريس ۽ اخبار الحق جو باني شيخ محمد سليمان، مشھور شاعر ۽ صحيفہ نگار ميان محمد ھاشم مخلص، قيد فرنگ ۾ پھريون وڃڻ وارو پير آغا غلام مجدد سرھندي، ڪائونسل آف اسٽيٽ جو پھريون ميمبر مير الله بخش خان ٽالپور ٽنڊي محمد خان وارو، حيدآباد ضلع ۽ شھر جي ميرن ۽ پيرن، مرزائن ۽ آخوندن، قاضين ۽ شيخن ۽ مشائخن ۽ ساداتن ۽ صوفين جو ذڪر ويھي ڪبو ته دفتر لکجي ويندا، اھي ته ٿيا مسلمان. پر ھن شھر مان جي ھندو پيدا ٿيا تن ساري سنڌ ۾ موجودہ علوم جي روشني ۽ آزاديءَ جو پيغام گھر گھر پھچايو. نالا وٺي ڪيترن جا نالا وٺجن. ڪن کي مون ماري ڇڏيو. ڪي زندہ درگور. اھو ھڪ دور ھو، ڇو ٿا قلندر جا ستل سور جاڳايو، ڇو ٿا ڦٽيل جگر ۽ دل جي ڦٽن تي لوڻ ڇڙڪايو، ڇو ٿا دٻيل جذبات کي جنبش ۾ آڻيو. اي حيدرآباد جا شھر! قلندر ڏينھن قيامت ۾ توتي دانھين واري دانھن ڪندو، آھي تو ۾ طاقت قلندر جي آہ ۽ زاري ٻڌڻ جي. منھنجو سڄو سينو داغدار آھي، فريادن سان معمور آھي. جڏھن رھبر رھزن ٿي وڃن، وطن جا رکپال وطن فروش ٿي وڃن؟ تڏھن قلندر ڪٿي وڃي پناھه وٺي. ڪنھن وڃائي وطن جي آزادي پھريائين اوڻيھين صديءَ ۾ ۽ پوءِ ويھين صديءَ ۾ حيدرآباد جي شھر ۾. شدت جي گرمي ۽ تپش جي باوجود ھن وقت حيدرآباد جي شھر ۾ نه حيدر جي حرارت آھي ۽ نه حسيني حريت آھي. قلندر جي مذھب ۾ مايوس ٿيڻ حرام آھي ۽ ھي شاندار مستقبل جا خواب ڏسي رھيو آھي پر جنھن شي جي ضرورت آھي سا ھيءَ آھي ته رھبر سونھارا پنھنجون وقتي نفسياني مصلحتون ڇڏي صداقت ۽ جرئت سان انساني ۽ قومي ۽ وطني مفاد جا پاسبان ٿي وڃن. پوءِ انشاءَالله ٻيڙو ئي پار آھي.
نگہ بلند، سخن دلنواز، جان پر سوز،
يھي ھي رخت سفر، مير کاروان کيلئي.