تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
Title Cover of book نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

قلندر جي سزا

اڄ دنيا ۾ ائٽم بم جي دھشت ڇانيل آھي. آمريڪا جي ڀُورن جپان جي فرعون کي ڪنڌ ڀر ڪيرائي ڇڏيو ۽ ھن کي ماري مات ڪيو. ۽ اڄ آمريڪا فرعون کان به زور آھي ۽ نمرود کان به طاقتور آھي. جنھن قوم وٽ ٻه بم گولا آھن. ھڪ دولت جو بم ۽ ٻيو ائٽم جو بم- تنھن قوم جي دروازي تي سڀ قومون سوالي ۽ سلامي آھن. زمين پنھنجا خزانا کولي ڇڏيا آھن. آفريقا ۽ ايشيا ۾ سون ۽ چانديءَ جو فرش وڇائجي ويو آھي. نه فقط يورپ ۾ پر ايشيا ۾ به فلسطين کان وٺي نجد تائين سارو ميدان ھيرن ۽ جواھرن سان ڀرجي ويو آھي. ڪو مٺ ڀري گرم ڪري، ڪو کيسا ڀري پر ڪري، ڪو صندوق ڀريو وڃي، ڪو خرزينون لڏيو وڃي، ڪو موٽر ھلائي ٿو، ڪو ھوائي جھاز اڏائي ٿو، ڪو ٽرين ۾ سوار آھي، ڪو آبدوز ڪشتيءَ ۾، ڪو آگبوٽ ۾، ڪو فولادي ڪوٽن ۾، ڪو ھوائي قلعن ۾، ڪو شاندار محلن ۾، چانديءَ جا برتن، سون جا پلنگ، موتين ڀريا تاج، ھيرن سان سينگاريل تخت، زربفت جا رومال ۽ جبا، پئرس جون حورون، مارميلز جون وسڪيون، عطر ۽ خوشبويون، مسلم ملڪن جون کاڻيون ۽ خزانا، پر چاٻيون آمريڪا ۽ برطانيا جي ھٿن ۾. اسلامي دنيا اسان جي، پر ان جو خزانچي فرنگي آھي، پيٽرول اسان جو پر پيٽرول جي زور تي بحر و بر ۽ فضا ۾ جھازن ٺاھڻ، ڦٽائڻ ۽ ھلائڻ وارا فرنگي، زمينون اسانجون، ڪچو مال اسانجو، پر ڪارخانا فرنگيءَ جا. فوجون اسانجون پر عملدار فرنگيءَ جا. پرڳڻا اسانجا پر گورنر فرنگيءَ جا. آھيون آزاد پر برٽش ڪامنويلٿ ۾. آھيون ھزمئجسٽي پر ھوائي اڏا فرنگي جا آھيون. اسلام جا شيدائي پر لڇڻ فرنگيءَ جا آھيون. مجاھد في سبيل الله پر ھٿيار فرنگيءَ جا. آھيون عالم ۽ فاضل پر ڪاليج فرنگيءَ جا، آھيون اندر ۾ مسلمان پر ظاھر ۾ فرنگي.
ڏسو! اھي زماني جا عجيب انقلاب، ڪڏھن اسان استاد ھئاسين ۽ يورپ شاگرد ھو. اڄ اسان شاگرد ۽ ھو استاد آھن. حڪمت مسلمانن جو ورثو آھي. حڪمت مسلمانن جي وڃايل ملڪيت آھي، جنھن کي ھوا ۾ اڏامي ۽ دريا ۾ تري وڃي ھٿ ڪري. علم اسانجو مقصد آھي. چين ۾ حاصل ٿئي ته چين ۾ وڃون. اھي محمدي فرمان آھن جنھن جا قلندر تابعدار آھن.
قلندر نه ڏکوئين نه رنجائين نه مارين، نه پنھنجي قدم کي مرڻ مارڻ ڏين. اسان تششد کان پري ڀڄون، خونريزيءَ کان پرھيز ڪريون، مخلوق جا ڏک درد پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ٻنھي جھانن جو سير ڪندا رھون. ڪڏھن جبلن جي غارن ۾، ڪڏھن بيابانن جي پڌر ۾، ڪڏھن اوليائن جي درگاھن تي، ڪڏھن سنڌ ۾، ڪڏھن پاڻي پٽ ۾، ڪڏھن مسجدن ۾، ڪڏھن ميخانن جي دروازن تي، لڪندا وتون لوڪ ۾. اسانجي نه ڪنھن سان دوستي نه دشمني، پر تنھن ھوندي به آھيون پنھنجي خدا ۽ قوم جا وفادار، جي حڪم ٿئي ته ائٽم بم جي مقابلي لاءَ تيار آھيون. سنڌ اسانجي آھي، پاڪستان اسانجو آھي، ھندوستان اسانجو آھي، سارو جھان اسانجو آھي، مشرق اسانجو، مغرب اسانجو، اسان خدا جا، ملڪ خدا اسانجو. پنھنجو فرض پورو ڪندا رھون ٿا. نه دوزخ جو خيال، نه جنت جي تمنا، نه ڊالرن جي طمع نه ائٽم بم جو الڪو.
قلندر بنا ھٿيارن جي جنگ ڪندا آھن ۽ تيرن ۽ تفنگن کانسواءِ ملڪن جا ملڪ فتح ڪري وٺندا آھن. قلندري فتوحات تا قيامت قائم رھنديون. دريا اسانجو لشڪر آھي جنھن ۾ فرعون فنا ٿي ويو. فارڊ ڪچنر به لڙھي ويو. زلزلو اسانجي پلٽڻ آھي، جنھن قارون کي سندس خزانن سميت دفن ڪري ڇڏيو. مڇر اسانجو چوبدار آھي، جنھن نمرود کي ڪيرائي پٽ تي ھنيو. اسانجي الله جي حڪم سان دريا خشڪي ٿي پوي ۽ خشڪي دريا ٿي وڃي، ھوا طوفان ٿي دشمن کي ڀڄائي ڇڏي، خاڪ ھوا ۾ اڏامي دشمن کي انڌو ڪري ڇڏي. اسان خاڪي به آھيون ۽ نُوري به آھيون، ھر ھنڌ پھچي وڃون ٿا. قلندرن جي اشارن سان قيصر ۽ ڪسرائن جي محلاتن ۾ شگاف پئجي ويا، ڪوٽ ۽ قلعا ڊھي پيا. ڇا توھان جو خدا ۾ ايمان آھي، ڇا توھان جي روح ۾ روحانيت آھي، ڇا توھانجي نيت ۾ اخلاص آھي، ڇا توھان جي اخلاق ۾ پاڪيزگي آھي، ڇا توھان جي دل ۾ خدا جو گھر آھي، ڇا توھان ۾ عدل ۽ انصاف آھي، ڇا من ۾ محمدي محبت آھي، ڇا الله سان عشق آھي، ڇا ظلم ستم ۽ حرام کان پري آھيو، ڇا يتيمن، بيواھن، غريبن، مسڪينن جو دل ۾ درد آھي.ڇا توھان وٽ صديقي صداقت آھي، عثماني سخاوت آھي، حيدري فقر آھي يا فقيريءَ ۾ اميري آھي. ڪٿي آھي مساوات ۽ اخوت، ڪٿي آھي حريت ۽ عدالت؟
اي خوبصورت محلاتن ۾ عياشين ڪرڻ وارؤ! درد وندن جي چيخ ۽ پڪار کان بي خبر بي پرواھه رھڻ وارو!! قلندر ڏسي رھيا آھن ته توھان جا تاج ۽ تخت اونڌا ٿيڻ وارا آھن. توھان جا قلعا ۽ محل ڊھڻ وارا آھن، توھان پنھنجي ائٽم بم سان پاڻ کي ختم ڪندؤ. توھان پنھنجي ظلم سان پنھنجي ڪنڌ تي ڪاتي وھائي رھيا آھيو، توھان پنھنجي شرابي تھذيب ۾ غرق ٿيڻ وارا آھيو، توھانجي بي حيائي توھان کي انسان مان حيوان بڻائي ڇڏيو آھي. ترسو! ترسو! باز اچو، باز اچو، توبه ڪريو، رجوع ٿي وڃو پنھنجي خدا جي طرف، رشوتون بند ڪريو، ڪوڙ ۽ ٺڳي ڇڏي ڏيو، قلندر جي صدا سُڻو! الله جا ٿي وڃو، پوءِ الله توھانجو ٿي ويندو. پوءِ جنھن واسطي الله آھي، تنھن واسطي سارو جھان آھي. پوءِ نه توھانکي باھه ساڙي سگھندي، بلڪ توھان لاءِ گلزار ٿي ويندي، نه ائٽم بم توھانجو وار ونگو ڪري سگھندو، بلڪ قلندر جي دعا سان موٽي انھن تي پوندو جي توھان تي ظلم ڪرڻ ٿا گھرن! قلندر مست مست قلندر.

روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، اڱارو 24 آگسٽ 1948ع