تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
Title Cover of book نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

قيامت

خبر نه آھي ته توکي ڪھڙي ڳالھه قيامت کان منڪر ڪيو آھي؟
آفتاب جي حرارت گھٽجي رھي آھي، چنڊ جي روشني ذرد ٿي رھي آھي، ائٽم بم جا ٺاھيندڙ دعويٰ ڪري رھيا آھن ته ساري انسان ذات کي ختم ڪري سگھن ٿا، عالمگير جنگ جون تياريون ٿي رھيون آھن، سورج جي ڪرڻن جي مدد سان ساري جھان کي فنا ڪرڻ جي کوجنا ٿي رھي آھي، قومن کي برباد ڪرڻ لاءِ ھيبتناڪ ھٿيار ايجاد ٿي چڪا آھن، بارودي ھوائي جھاز ھڪڙي ھفتي جي اندر ساري زمين جي جاندارن جي جان وٺڻ لاءِ تيار آھن، برقي عناصر تي انسان جو قبضو قائم ٿي چڪو آھي، پاڻي ۽ ھوا ۽ زمين ۾ بجليءَ جا بادل ۽ بخار ۽ غبار انساني حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آھن، ڪٿي ٻوڏون ، ڪٿي زلزلا، ڪٿي ٻرندڙ جبل، ڪٿي طوفان، ڪٿي وچڙندڙ بيماريون آباديون ويران ڪري ڇڏين ٿيون. انسان تھذيب جي دعويٰ جي باوجود خونخوار حيوان بڻجي چڪو آھي. قومن جو ڪاروبار شيطان جي حڪمن موجب ھلي رھيو آھي، پر تون عجيب نادان آھين جو اڃا تائين قيامت کان بي خبر بلڪ انجو منڪر ٿيو ويٺو آھين.
توکي عجب لڳي ٿو ته مردا ڪيئن زندھه ٿيندا؟ اڙي نادان! جنھن ڳالھه کي تون سائنس جي خلاف سمجھين ٿو اھا سائنس ته توکي سبق سيکاري ٿي ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ فنا نه ٿي ٿئي، پر پنھنجي صورت بدلائيندي رھي ٿي. تنھنجو آواز محفوظ ۽ فوني جي رڪارڊ ۾ ٻڌي ۽ ٻڌائي سگھجي ٿو. تون سينيما جي پردي تي پنھنجو روئڻ، کلڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ نقل ڪرائي ڏسي سگھين ٿو، بلڪ ھزارن ميلن تي جو ڪجھه ٿي رھيو آھي سو ٻڌي ۽ ڏسي ۽ جيڪڏھن گھرين ته پنھنجو فوٽو به ڪڍائي سگھين ٿو. اھي سڀ انساني ايجادن جون ڪرامتون آھن جنھن کان توکي انڪار نه آھي. اڙي بيوقوف! جيڪڏھن انسان کي اھا طاقت آھي جو تنھنجي زندگيءَ ۾ تنھنجي نقل و حرڪت، تنھنجي رفتار ۽ گفتار کي محفوظ رکي سگھن ٿا ۽ تون مري وڃين تنھن کان پوءِ به تنھنجا رڪارڊ، تنھنجا ڪارناما پردن تي ڏيکارندا رھن ٿا، ته پوءِ ڇا تون خدا ۾ ايتري طاقت به نٿو سمجھين جو تنھنجي نقل و حرڪت جو رڪارڊ پاڻ وٽ محفوظ رکي سگھي جھڙي ريت تنھنجي قول ۽ فعل جو جسم سينيما جي پردن تي حرڪت ڪندو رھي ٿو تھڙي ريت تنھنجي اعمال جو جسم قبر ۽ قيامت ۾ به محفوظ رھندو ۽ رب جي حضور حاضر ٿيندو.
تنھنجو ھمزاد توسان گڏ آھي. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين تنھنجي اعمال ۽ افڪار، حرڪات ۽ سڪنات جو جسم تنھنجي ظاھري جسم جي اندر ٺھي رھيو آھي جو توکي ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي خواب ۾ به نظر ايندو آھي ۽ تنھنجي مُئي پڄاڻا ٻين کي به خواب ۾ نظر ايندو.
تون انب کائي ڇڏيندو آھين پوءِ به انب جو ڪوئلو ڳٽلي سميت سلامت رھندو آھي. تون زردالو کائي ڇڏين ٿو پر پوءِ به زردالو جو بادام پنھنجي بادامي سميت محفوظ رھندو آھي. ساڳي ريت تنھنجي مُئي پڄاڻان تنھنجي اعمال ۽ حرڪات ۽ سڪنات جو لطيف جسم پنھنجي روح سميت زنده رھي ٿو. حقيقت ۾ اھوئي لطيف جسم آھي جنھن جا نادري حڪم ظاھري عضون کان ادا ٿين ٿا. اھوئي جسم آھي جو عذاب ۽ ثواب جو مستحق آھي.
” و ھو تشنکم في مالا تعلمون “
اصلي انسان پنھنجي جسم جي اندر رھي ٿو ۽ نه ان کان ٻاھر. اصلي پنج حواس تنھنجي باطني جسم جي اندر آھن ۽ نه ان کان ٻاھر. نانگ پنھنجي ظاھري کل جي لاھي ڇڏڻ کان پوءِ مري ويندو آھي، پر زنده رھندو آھي. ساڳي ريت تون به پنھنجي ظاھري جسم جي دفن ٿي وڃڻ کانپوءِ مري نٿو وڃين پر افعالي جسم ۾ زندہ رھين ٿو ۽ قبر ۽ قيامت ۾ سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ موجود رھندين.
اي قبر ۽ قيامت، حساب ۽ ڪتاب جا منڪر! توکي تنھنجي فتويٰ موجب سزا ڏني ويندي. سائنس جي تحقيقات موجب دنيا جي ڪابه شيءِ قطعي طور فنا نٿي ٿئي پر پنھنجي صورت بدلائيندي رھي ٿي. تون جنھن سائنس جو دلدادہ آھين تنھن سائنس جي تحقيقات موجب تنھنجو ڪوبه فعل تنھنجي ڪابه حرڪت تنھنجو ڪلام فنا نٿو ٿئي پر فضا ۾ لطيف غبار جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ ھٿرادو جوڙيل مشين ۾ پنھنجي اصلي ماھيت ۽ روپ ۾ محفوظ رکي سگھجي ٿو. توکي ڀڄڻ جي ڪا واٽ ڪانھي. تون پنھنجي بدن جي اندر قيد ۽ نظربند آھين. تنھنجو ظاھري بدن فقط ھڪ ڦوڳ جي برابر آھي يا انب جي سواد جي برابر آھي جو کاڄي فنا ٿي وڃي ٿو. پر تنھنجو اصلي وجود انب جي ڪوڪلي وانگر محفوظ آھي. تون ڦوڳ تي ڦنڊجي ويٺو آھين. اھو ڦوڳ دريا جي حباب يا ڦوڪڻن يا بد بدن وانگر آھي جي ھوا جي نڪري وڃڻ کانپوءِ وري دريا ۾ ملي وڃن ٿا. ۽ اھو دريا ئي آھي جو حباب جو اصلي وجود آھي. ساڳي ريت تنھنجو ھي جسم پنھنجي اصلي وجود جو حباب يا ڦوڪڻو آھي ۽ پساھن جي ھوا نڪري وڃڻ کانپوءِ تون پنھنجي اصلي وجود جي اندر سمايل رھين ٿو. اصلي جسم ساڳي طرح ظاھري جسم جي پٺيان پوشيدہ آھي جھڙي ريت روح اصلي جسم جي پٺيان پوشيدہ آھي.
پنھنجي قول ۽ فعل ۽ تحرڪ سان انسان پنھنجي زندگيءَ جو احوال خود لکندو رھي ٿو. ھن جي اعمال جو ڪتاب ساڳي ريت محفوظ آھي جھڙي ريت ڪنھن مصنف جي تصنيف ۽ ھنجو پنھنجو لطيف بدن ان ڪتاب جي ھر واقعي جي تصديق ڪندو، نه فقط قبر ۾ پر قيامت ۾ به.
اڙي نادان! تون منھنجو وڌيڪ وات نه کولاءِ تنھنجي اقرار مان انڪار تعبير يا ترديد تي خدا جي قدرت يا قدرت جي قوانين جو دارومدار نه آھي. گل جي ھر ھڪ پتي، وڻ جو ھر ھڪ پتو، برسات جي ھر ھڪ بوند، آفتاب جو ھر ھڪ ڪرڻو، چنڊ جي چمڪاٽ، ھوا جو سوساٽ، دريا جي لھر، بادل جي گجگوڙ، تارن جي چلڪاٽ، بيابان جو ھرھڪ ذرو، گلستان جو ھر ھڪ ٻوٽو، کيت جون لڏندڙ شاخون، نسيم سحر، باد صباح، شام جي ھير، خزان جو تاراج منظر، بھار جون سرسبزيون ۽ گلڪاريون، ٻوٽن جون تباھ ڪاريون، طوفان جون برباديون، ٻرندڙ جبلن جون آتش فشانيون، اونداھي رات جون لطافتون، گرمي جون شدتون، سردي جون سختيون، بلبل جو سوز و گداز، ڪوئل جو مٺو راڳ، سرندي جون نوا ساڙيون، رباب جون دلربايون، حيوانات ۽ نباتات جا نرالا رنگ، انسان ۽ حيوان جون نراليون ٻوليون، دريائن جي اٿل، ڇولين جي اڇل، قلندر جي عشق جا شعلا، من جون مستيون، چيخ و پڪار، دل جي دانھن رسول عربيءَ ڏانھن، دوستن کان جدائي يا وصال، مرادن جو پورو ٿيڻ يا نه ٿيڻ، عالمگير ھاءِ ھاءِ ھو ۽ صدا ۽ تون ئي تون، انھن سڀني صدائن ۽ ندائن، اميد برآورين ۽ نامرادين، حادثن ۽ اتفاقن، رنگن ۽ روپن، راڳن ۽ گيتن، چيخن ۽ پڪارن، نظارن ۽ تماشن جي پٺيان ڪا ھستي پوشيدہ آھي يا نه!
جواب ڏي اي نادان ۽ شاھدي ڏي ته آھي ۽ ضرور آھي ۽ توکي ضرور ھڪ ڏينھن ان جي اڳيان پنھنجي اصلي ۽ حقيقي بلڪ نقلي ۽ ظاھري وجود سميت حاضر ٿي پنھنجي اعمال جو جواب ڏيڻو آھي.

روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، اربع 18 آگسٽ 1948ع
*