مھراڻ جون مائرون!
قلندر جي نزديڪ توھان قوم جو خزانو آھيو. توھان منھنجي ديش جو ڌن ۽ دولت، ھيرا ۽ موتي آھيو. انسان ذات جي عزت ۽ اسلام جي عظمت توھان سان وابسته آھي.
انسانيت ۽ شرافت، رحمدلي ۽ ھمدردي، توھان جون فطري خوبيون آھن. غمزدہ دل ۽ زخميل جسم لاءِ توھان جو ھٿڙو روحاني راحت ۽ مرھم جو ڪم ڏئي ٿو. توھان جي رفتار ۾ قدرتي نرمي ۽ شيريني آھي. قدرت جي ڪاريگر توھان کي اعلى مقصد لاءِ جوڙيو آھي. گھرن ۽ ڪٽنبن، جماعتن ۽ قومن جي ٺھڻ ۽ ڦٽڻ ۾ توھانجي تربيت جو وڏو دخل آھي. قومن جو مجموعو انسان ذات آھي. خاندان جو مجموعو قوم آھي. انھيءَ خاندان جو چشم و چراغ، عزت ۽ آبرو توھان جي ھستي آھي. ڏينھن جي روشني جھڪي ٿي رھي ٿي، رات جي اونداھي ڀيانڪ ٿي رھي ٿي. برسات جي موسم بدلجي رھي آھي، درياھه جو پاڻي گھٽجي رھيو آھي، ھوا جو رخ ڦري ويو آھي، گرميءَ جي شدت وڌي ويئي آھي، سردي سڏي رھي آھي، چوطرف لڏپلاڻ آھي، سنڌي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ٿي پيو آھي، اڳواڻ غدار آھي، عوام پريشان آھي، انصاف جو خون ٿي رھيو آھي، قوميت جو ڪال آھي، وطن جو نالو وٺڻ گناھه آھي، قَدرن ۽ معيارن جي مٽي پليد ٿي ويئي آھي، خيالن ۾ گندگي ڀرپور آھي، اصولن سان ڪنھن جو واسطو ڪونھي، اخلاق بگڙي چڪا آھن، مذھب ۽ سياست ۾ منافقي پيدا ٿي چڪي آھي، شرافت جو نالو ڪونھي، قومي عزت ۽ عظمت جي پٺيان چور ڪاھي پيا آھن، فتني ۽ فساد جو جھان آھي. زور ۽ زبردستيءَ جو دور آھي ۽ اھڙي دور ۾ سنڌو درياءَ جون ڌيئرون!
ﷴِؐ دين جون مڃڻ واريون!
وطن ۾..............................واريون!
تومان پيدا ٿيون آھن ۽ توھان کي، پاڻ کي، ۽ قوم کي فتنن ۽ فسادن کان بچائي ترقي ۽ عروج جي اعلى منزلن تائين پھچائڻو آھي.
ھزارين سالن کان وٺي زماني توھان تي ظلم ڪيو آھي ۽ توھان کي حقير سمجھيو آھي ۽ قيد ڪري ڇڏيو آھي ۽ اڃا به ڪيترن خاندانن جي روش ۾ تبديلي ڪانه ٿي آھي. اڃان به توھان ئي نگاھه ھدف آھيو، بدچالن جي ٺٺولين جو شڪار آھيو، سنھري پڃرن ۾ نظربند آھيو، جاھلن جي نڪته چينيءَ جو مضمون آھيو ۽ ڪيترن جي نزديڪ پيدائشي جنم ٽيپي ٿي رھڻ جي لائق آھيو.
ھر ڪنھن جي نظر توھان جي جسماني نزاڪتن ۽ ڪمزورين تي آھي ۽ نه توھان جي روحاني صلاحيتن ۽ اخلاقي اوصافن تي ۽ نه فطرتي خصوصيتن تي. اھو ڪير نه ٿو ڄاڻي ۽ وِيچاري ته ڪائنات ۾ توھان نه ھجو ته ڪير به نه ھجي. جيڪڏھن اھا ھڪ ناگزير حقيقت آھي ته پوءِ ھيءَ به حقيقت آھي آھي ته جيڪڏھن ڪنھن قوم ۾ توھان جي واسطي عزت ۽ احترام نه آھي ته پوءِ اھڙي قوم ھڪ بي عزت ۽ ذليل قوم آھي. پر ھيءَ به حقيقت آھي ته جھڙيون توھان ھونديون تھڙو جھان ٿي پوندو. جي توھان خداترس، خدا شناس، بااخلاق، سڌريل ۽ تعليم يافته، وطن ۽ قوم ۾ انسانيت سان محبت رکندڙ آھيو ته قوم توھان وانگر ٿي پوندي. قوم توھان جو آئينو آھي. توھان قوم جو لباس ۽ قوم توھان جو لبا، توھان قوم جي ناموس ۽ قوم توھان جي ناموس، توھان قوم جو آڌار ۽ قوم توھان جو آڌار، درحقيقت انسان ذات توھان جي ذات ۾ سمايل آھي. توھان جي ذات ڏاتر جي ذات آھي. خانه داري، وطن ساز ۽ قوم پروري توھان جو فطرتي شعائر آھي. ڪنھن سچ چيو آھي ته جو ھٿ ھندورو ھلائي ٿو سو جھان جي حڪومت ھلائي ٿو. غلط آھي اھو الزام ته توھان حضرت آدم کي جنت مان لوڌي ڪڍيو.
جيڪڏھن اھو صحيح ھجي ھا ته پوءِ اسلام جو پاڪ ۽ پيارو پويون پيغمبر ائين ھرگز نه چوي ھا ته جنت ماءُ جي پيرن ھيٺان آھي. توھان آھيو قوم کي جنت ۾ موڪلڻ واريون ۽ جھنم کان بچائڻ واريون. توھان ماءُ ٿي کير پياريو، لوليون ڏيئي وڏو ڪيو، تربيت ڏيئي اخلاق سيکاريو، ڦڪيون پياري بيمارين کان بچايو، سموري گھر جو انتظام رکيو، ڪپڙا بڻائي انگ ڍڪايو، لکائي پڙھائي ڌنڌي تي لڳايو، قوم جي محبت ۽ وطن جي خدمت جو جذبو جاڳايو، بھادر ۽ مجاھد بڻايو، زندگيءَ جون منزلون طئي ڪرايون.
پر دنيا جي اميرن ھر زماني ۾ توھان کي پنھنجي حرص ۽ حوس جو رانديڪو بڻائي رکيو. ھٿن ۾ ڪنگڻ، نڪ ۾ نٿون، ڪنن ۾ جھومڪ، ڳچيءَ ۾ ھار، پيرن ۾ پازيب، ٻانھن ۾ ٻانھيون ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيترن قسمن جا زيور آھن، جن سان توھان جي دل ھوندي پر توھان جو سچو زيور توھان جو علم ۽ عمل آھي، عقل ۽ اخلاق آھي، قومي محبت ۽ قومي خدمت آھي، رحمدلي ۽ ھنر آھي، دينداري ۽ پرھيزگاري آھي، قوم جي ٻچن جي تربيت ۽ تعليم آھي، خانهء داري جو سليقو ۽ وطن جي زينت آھي. تعليم يافته زالون ۽ بيدار مغز زالون، تعليم يافته ۽ بيدار مغز قومون پيدا ڪنديون آھن.
اسان جي ميمبرن جي ميمبريءَ ممڻ مچايو آھي ۽ وطن وڪيو آھي. انھن توھان جي آئندہ نسلن سان نِسورو ناحق ڪيو آھي. شال اھڙا ٻچا توھان پيدا ئي نه ڪريو، جي پيدا ڪريو ته انھن جي نڙيءَ تي ننھن رکي نگھوسار ڪري ڇڏيو ھا، اھڙن وطن فروش ۽ ديش دشمنن، ظالمن ۽ ستمگرن، رشوت خورن ۽ حرام خورن کي اڃا به توھان ختم ڪري سگھو ٿيون. غيرت مند مائرون ۽ زالون، ڀينرون ۽ ڌيئرون، انھن پٽن ۽ مردن، ڀائرن ۽ ڀينرن تي ڦٽڪار وجھنديون آھن جي وطن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجيون جانيون قربان نه ڪندا آھن. پر ھي نامراد ته ٽڪي جي عارضي ميمبري ۽ وزيريءَ لاءِ پنھنجي وطن جو خانوخراب ڪري چڪا آھن. جي توھان گھُرو ته انھن کي سندن ڪرتوتن جي سزا ڏيئي سگھو ٿيون.
اِجھو عام چونڊون ٿيڻ واريون آھن، توھان کي به راءِ ڏيڻ جو حق حاصل آھي. قوم توھان جي طرف واجھائي نھاري رھي آھي ۽ درخواست ڪري رھي آھي ته توھان جا فرزند، ھرگز انھن اميدوارن کي ووٽ نه ڏجو جي پنھنجي ذاتي مفاد واسطي ظلم ڪيو ويٺا آھن ۽ وطن وڃايو ويٺا آھن.
روزانه ” الوحيد “ ڪراچي سنڌ 8 اپريل 1956ع