مجاھد جو موت
نامعلوم شھيدن جي قربانيءَ تي ملت جي زندگيءَ جو دارومدار آھي. جنھن مسلمان جي دل ۾ شھادت جي تمنا نه آھي سو حيوان کان بدتر آھي. جو خدا جي واٽ ۾ لڙي مري ٿو، انسانيت ۽ عدل خاطر مري ٿو، وطن جي آزادي ۽ قوم جي حفاظت لاءِ مري ٿو، مظلومن ۽ مسڪينن جي مدد لاءِ مري ٿو، بدڪارين ۽ براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ مري ٿو ۽ خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ مري ٿو، سو شھادت جو درجو حاصل ڪري ٿو.
ھو مُئي کانپوءِ پنھنجي رب جو معزز مھمان ٿي رھي ٿو. بلبل مفتون ۽ مستاني ٿي وڃي ٿي تھڙي ريت ھي بھشت جو پرندو پنھنجي رب جي احسانن ۽ انعامن تي مستومست مدام رھي ٿو. ميزبان تي قربان، ھو فرشتن جي محفل ۾ رھي فرشتن وانگر پر لڳائي پرواز ڪري ٿو.
خدا خود قرآن ۾ ايماندارن، نيڪوڪارن، پرھيزگارن ۽ سچ تان صدقي ٿيڻ وارن سان پنھنجي محبت جو اظھار ڪيو آھي، خداوندي محبت جي مقناطيسي ڪشش ۽ اثر کان ھڪ معدنيات جو پتلو ڪھڙي ريت پاڻ بچائي سگھندو؟ آھي ممڪن پرواني لاءِ ته پاڻ کي باھه جي ڪشش کان بچائي سگھي؟ تون پنھنجي جھان جي رازن کي پوري طرح سان پروڙي نه سگھيو آھين، سو تون ڇان سمجھي سگھندين عشق ۽ محبت جي دنيا کي!
مولا جي واٽ ۾ بھشت به ھڪ منزل آھي ۽ دوزخ به ھڪ منزل آھي. ھڪڙي منزل آھي نيڪوڪارن ۽ ٻي بدڪارن لاءِ، تون آھين پنھنجي جنت ۽ جھنم جي بڻائڻ وارو، ھڪڙي منزل مولا کي قريب آھي ۽ ٻي دور آھي. ھڪڙي انعام جي جاءِ آھي ۽ ٻي سزا جي جاءِ آھي. انعام وٺي تون روحاني ترقي ڪندو رھندين ۽ آخرڪار مقربن ۽ فرشتن جي مجلس تائين پھچي ويندين ۽ سزا ڏيئي تنھنجي اصلاح ڪئي ويندي.
دنيائون خدا جون لکين ۽ ڪروڙين رات جو تنھنجي نظر اڳيان تارن وانگر چمڪنديون رھن ٿيون. انھن دنيائن جي وجود کان توکي انڪار نه آھي ڇاڪاڻ ته گھٽ ۾ گھٽ تون انھن کي اکين سان ڏسي سگھين ٿو. اگرچ اھا به حقيقت آھي ته انھن دنيائن جي اصلي حقيقتن ۽ حالتن جو توکي ڪو علم ڪونھي. اڙي نادان! تون يقين ڄاڻ ته انھن دنيائن جي پٺيان ڪي ٻيون به دنيائون آھن جن جي حقيقت به اڃا تائين توکان ڳجھي رکي ويئي آھي ۽ جي مئي پڄاڻان توکي ڏسڻ ۾ اينديون.
تون عجيب نادان آھين جو پنھنجي جھان جي انعامن ۽ سزائن ۾ ايمان رکين ٿو پر جو جھان تو اڃا نه ڏٺو آھي، ان جي انعامن ۽ اڪرامن، سزائن ۽ جزائن ۾ ايمان نٿو رکين.
تون انڌو آھين ۽ زندہ در گور آھين. تنھنجو جھان ھڪ شاھي قبرستان آھي. تنھنجو اصلي جھان ٻيو آھي، جتان تنھنجي ڏاڏي آدم کي قيد ڪري ھيڏانھن موڪليو ويو آھي. تنھنجو مثال ان قيديءَ وانگر آھي جنھن کي جڏھن جنم ٽيپ جي سزا ختم ڪرڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو تڏھن ھو زارو زار روئي چوڻ لڳو ته مونکي جيل مان ٻاھر نه ڪڍو. تنھنجي واسطي به سزا جو مدو مقرر آھي ۽ ان جي ختم ٿيڻ کانپوءِ توکي موٽي پنھنجي وطن وڃڻو آھي. تون ۽ تنھنجا عزيز پنھنجو اصلي وطن وساريو ويٺا آھن، ھن جھان جي جيل سان انھن جي دل لڳي ويئي آھي پر مجاھد في سبيل الله پنھنجي اباڻي وطن ۾ موٽي وڃڻ لاءِ سدائين بيقرار رھي ٿو. ڇا تو پيغمبري ارشاد نه ٻڌو آھي ته ”دنيا ايماندارن لاءِ قيدخانو آھي“ ڇا تو ھي قول به ٻڌو آھي يا نه ته ”وطن جي محبت ايمان جي علامت آھي.“ مجاھد جو موت ھن جي شھادت آھي. شھادت ھميشہ جي حيات آھي. سنڌ جو مسلمان، نوجوان مرد، ۽ نوجوان خاتون مسلمان نه ٿيندا جيڪڏھن انھن ۾ شھادت جي تمنا موجود نه آھي. سنڌ لاءِ، پاڪستان لاءِ، مسلم قوم لاءِ، انسان ذات لاءِ، اسلام جي عزت ۽ وحدت لاءِ جو مرڻ لاءِ تيار نه آھي سو ھرگز مسلمان جي موت نه مرندو. ھي جھان ڪانئرن ۽ بزدلن لاءِ نه آھي. ڪانئر جھڙا ڄاوا تھڙا نه ڄاوا. ڪانئر قومون ھڪ ٻئي پٺيان صفحه ھستيءَ تان مڪي ويون، انھن جي برباديءَ تي نه آسمان کي ڪو درد ٿيو نه زمين کي، نه زمين رُني نه آسمان رنو. خدا جا ازلي ۽ ابدي قاعدا آھن جي سڀني قومن سان ھڪجھڙا لاڳو آھن. ھي جان جان آفرين جي آھي جنھن ڏني آھي وٺي ڇڏي آھي، جو خوشيءَ سان نه ڏيندو تنھن کان زبردستيءَ سان ورتي ويندي، جو خوشيءَ سان ڏيندو سو فرمانبردار ۽ مجاھد آھي، جو زبردستيءَ سان ڏيندو سو نافرمان ۽ مردود آھي.
سنڌ جو مسلمان ساري جھان کان نالان آھي، الاجي ڇو؟ عزيز من! جڏھن تون اھڙن ماڻھن کي پنھنجو رھبر چونڊيو آھي، جي اول درجي جا چور ۽ رشوت خور ھجن، جي ڌاڙيل ۽ بلئڪ مارڪيٽر ھجن، جي بداخلاق ۽ بدچال ھجن، جي مظلومن کي پناھه ڏيڻ جي بدران خونين ۽ ڌاڙيلن کي پناھه ڏيڻ وارا ھجن، جي منافق ھجن، جن جا وڏا پيٽ ڏيکاري رھيا ھجن ته انھن جا چارئي پاسا حرام سان ڀرپور آھن. الاماشاءالله، جن کي سندن سموري زندگيءَ ۾ اسلام يا قوم يا وطن جي نالي ۾ ڪڏھن ھڪ ڪنڊو به پير ۾ نه لڳو، پر تنھن ھوندي به سنڌ جي مسلمانن انھن کي پنھنجو امام، رھبر ۽ عيوضي ۽ مرشد ڪري ورتو پوءِ اھڙي حالت ۾ جڏھن تون پاڻ پنھنجو دشمن آھين تڏھن توکي ساري جھان کان نالان ٿيڻ جو ڪھڙو حق حاصل آھي.
مونکي معلوم آھي ته تون مجاھد ۽ غازين، اوليائن ۽ عالمن جي اولاد آھين پر ٻڌاءِ ته سھي تون ڇا آھين ۽ جنھن کي تو پنھنجو اڳواڻ چونڊيو آھي سي ڇا آھن؟ جيڪڏھن پنھنجن بزرگن وانگر تو ۾ اڄ به علمي ڪمال پيدا ٿي پوي ۽ تون پاڪستان ۽ دنيا جي يونورسٽين ۾ نمايان حصو وٺين، جيڪڏھن تو ۾ اڄ به مجاھدن ۽ نمازين وارو ايمان پيدا ٿي پوي ۽ تون پاڪستان ۽ دنيا جي فوجي ڪاليجن ۾ داخل ٿي وڃين، جيڪڏھن تو ۾ اڄ به حجازي لئي لطيفي لئون ۽ قلندري قرب ۽ قرابت پيدا ٿي پوي، تون روحانيت ۽ معرفت ۾ استاد ٿي پوين ته قسم آھي ان رب جو جنھن جي ھٿن ۾ قلندر جي جان ۽ عزت آھي ته تون اڄ به نه فقط پاڪستان جو پر ساري ايشيا کنڊ جو بلڪ سموري دنيا جو دلبر ۽ دلدار، مقبول ۽ محبوب ٿي سگھين ٿو. تون نااميدي پست ھمتي، سستي، بخل ۽ بداخلاقي ڇڏي بيدار ٿي وڃ ۽ الله جو نالو وٺي اڳتي وڌ، قمه باذن الله!!
روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، خميس 2 سيپٽمبر 1948ع