نعره مستانه
(1) قلندر ته عالم نه فاضل، نه سالڪ نه مجذوب، نه مدبر نه معلم، نه مورخ نه منصف، نه شاعر نه اديب، نه مصور نه موسيقي دان. پوءِ به کيس حڪم مليو آھي مضمون لکڻ جو.
(2) سردارن جو حڪم نه مڃڻ بغاوت جي برابر آھي. دوستن جي دل نه رکڻ دل ڏکوئڻ جي برابر آھي. بلڪ سوين سال اڳي مولانا رومي صاحب فتوى ڏيئي ڇڏي آھي ته دل وٺڻ صبح - ڪبر جي برابر آھي پر قلندر سراپا ڦٽيل. سو لکي ڇا لکندو؟ ظاھري زخمن جو علاج آسان آھي پر دل جي دردن جو نڪو ويڄ نڪو طبيب. جنھن لکڻ مان ڪو کـڙ تيل نڪري يا علم ۽ معلومات وڌي يا روحاني سُرور ۽ سواد حاصل ٿئي يا رب جو رستو يا رب ملي، سو لکڻ ئي ٻيو آھي. قلندر جو مضمون ڦِڪو ۽ سڪو، رُکو بي تُڪو، جنھن ۾ نه مرچ نه مصالحو، نه رس نه رھاڻ، نه نظرياتي جھلڪ نه علمي ڄاڻ، نه نحوي ترڪيب نه منطقي ترڪيب، اھڙو مضمون جھڙو لکيو تھڙو نه لکيو.
(3) اسان ورق سڀ وساري ڇڏيا. پراڻا پنا سڀ ڦاڙي ڇڏيا. قلم ۽ ڪتاب سڀ درياءَ داخل. زندگيءَ جو ڦل لاحاصل. نيڪي برباد گناہ لازم. خانه بدوش، نه گھر نه گھاٽ، نه ٻني نه ٻارو، نه وڻج نه واپار، نه نوڪري نه چاڪري. آزاديءَ تان سڀ ڪجھه قربان، جان مال، ٻار ٻچا، مِٽ مائٽ، عيش آرام، سڀ قربان، ڏينھن ۽ رات، صبح ۽ شام، آڌي ۽ مانجھي، ديس ۽ پرديس ۾، سفر ۽ حضر ۾، فاقا ۽ فرياد، ھاءِ ھاءِ وائي وائي، منھنجو وطن، ماضي حال ۽ مستقبل ۾ ساڳي صدا ۽ ساڳي ندا. اھا فطرتي محبت آھي جا ھر انسان خواہ حيوان کي پنھنجي آزاد گھر لاءِ رھي ۽ رھندي، ته خدا آزاد سلامت ۽ خوش رکي. منھنجي مادري ۽ پدري وطن کي. شال غير جي غلاميءَ کان آزاد رھي منھنجو اباڻو وطن. شال ھر سال پنھنجن اباڻن پَکن ۾ آزاديءَ جو جشن ملھايو وڃي ۽ ھر روز نغمه قومي جو ناد وڄندو رھي. لاھين ۽ چاڙھين ۾ زندگيءَ جو لطف ۽ مزو آھي، قلندر جو ٻيڙو انشاءَالله ڪڏھن به نه ٻڏندو. لُڏي لُڏي پار پئجي ويندو ۽ منزل تي پھچي ويندو.
(4) انھيءَ چيخ ۽ پڪار ڪندي زندگيءَ جا ۷۳ سال نه پر ۷۳ ڏينھن پيا لڳن. ھڪڙو سال ھڪ ڏينھن جي برابر. جھڙيءَ ريت گذريل زماني جي ھزارھا صدين جو ڪو احساس ڪونه رھيو آھي، تھڙي ريت زندگي جي گذريل وقت جو به. سچ چيو اٿن ته ڪمان مان ڇٽل تير وانگر ويَل وقت به موٽي نه ايندو. قلندر جي يڪي توبھه. نه فقط ماضي کان پر حال ۽ مستقبل کان به آزادي حاصل ڪرڻ آسان پر سنڀالڻ تمام ڪٺن ڪم. زھر جو پيالو پيڻ، لوھه جا چڻا چٻڻ، دل جو خون چوسڻ، موت جو مقابلو ڪرڻ مشڪل نه آھي پر قومن جي خارجي ۽ داخلي آزادي قائم رکڻ مشڪل مسئلو آھي. جيئڻ جنجال آھي. زندگي وبال آھي. انسان ذات جو غوراب وچ درياءَ ۾ لڏي رھيو آھي. ڪنارو دور. وچ ۾ ڪُن. موسم ناموافق. طوفان تيز. خلاصي حواس باخته. مسافرن ۾ فساد ۽ تڪرار پر قلندر جي حياتيءَ جو ڏيئو اڃا وسامي نٿو. جيستائين موت جو پيغام نه آيو آھي تيستائين حياتيءَ جو آسرو آھي. اميدون ۽ آسون نٿيون ٽُٽن. اميد تي جياپو آھي. اميد حياتي جو وڻ آھي. زماني جا طوفان ڪا شيءِ نه آھن. اھي طوفان لڳي لڳي ازخود جھڪا ٿي ويندا آمين. دل ۾ ڪيتريون ئي مرادون موجود ۽ موجزن آھن.
(5) شال منھنجو وطن آزاد ۽ آباد ۽ خوشحال رھي ۽ ترقيءَ جي معراج تي پھچي وڃي. شال قوم جا نوجوان اعلى کان اعلى ڊگريون ۽ فضائل حاصل ڪن ۽ ھنرمند ٿين جن جي شرڪت ۽ صلاح مان قومي ۽ بين الاقوامي ادارا پنھنجو ڪم پورو ڪري سگھن.
شال اھي عالمي آزادي ۽ امن جا علمبردار ٿين. اڄڪلھه جڏھن قومن ۾ نفرت ۽ عداوت وڌي رھي آھي ۽ ائٽمي طاقت تي گھمنڊ آھي تڏھن منھنجي قوم به اھڙي طاقتور ٿئي جو پنھنجو بچاءُ ڪري سگھي ۽ پنھنجو پيدائشي حق محفوظ رکي سگھي. شال اھو اوج ۽ عروج اکين سان ڏسي پوءِ مران. پر پوءِ به مرڻ تي راضي ٿيندس يا نه، سا پڪ نه اٿم.
(6) انسان ويچارو ريسارو ۽ ويسارو، نفساني خواھشن جو پتلو، نسيان ۽ عضيان جو مرڪب آھي. ڏسي به پيو ته خدا جي زمين ھڪ وڏو قبرستان آھي. فرعون ، نمرود، شداد، سڪندر، دارا، نيپولين، چنگيز خان، ھلاڪو خان، ھٽلر، مسولني، لينن، اسٽالن، شھنشاھه سلاطين، ڪرزن ۽ ڪچنز سڀ زيرزمين دفن يا درياءَ ۾ غرق ٿي ويا. پيغمبرن ۽ پِيرن مان به ڪو ڪونه بچيو. قومن جون قومون، علائقن جا علائقا ۽ شھرن جا شھر، تمدن ۽ تھذيبن جا ڪيترائي مرڪز سڀ خاڪ ۾ مدفون. جو ڄائو آھي سو نيٺ مرندو. پر تنھن ھوندي به مون وانگر ڪو خوشيءَ سان مرڻ لاءِ تيار نه آھي. جڏھن زندگيءَ سان ايتري قدر محبت آھي تڏھن ڪير چوندو ته زندگي ھڪ خواب ئي خواب آھي جنھن جي ڪا حقيقت ڪانھي؟
(7) ڇا انسان پاڻيءَ مٿي ڦوٽو آھي جو پاڻي ٿي ويندو؟ يا مٽيءَ جو پتلو آھي جو مِٽي ٿي ويندو؟ يا ھوا جو غبار آھي جو ھوا ٿي ويندو؟ يا امر ربي آھي جو امر ٿي ويندو؟ انسان ڇا به ھجي پر ھن ڳالھه کان ڪير انڪار ڪندو ته اھي ئي ارڪان زندگيءَ جا ڪارپرداز آھن، ته پاڻيءَ ۾ زندگيءَ جا مڻيا موتي ۽ ماڻڪ آھن، ته مٽيءَ ۾ عجيب و غريب خصوصيات ۽ معدنيات موجود آھن، ته ھوا ۾ حيات بخش اوصاف آھن، ته آفتاب ۾ روشني ۽ حرارت آھي، ته جڏھن پاڻي، مٽي، ھوا ۽ روشني ھڪ ٿي ويا تڏھن انسان جو خمير تيار ٿي ويو ۽ امر ربيءَ سان حرڪت ۽ حيات حاصل ٿي ويئي. خواب وارا خواب ۾ مست، حقيقت شناس حقيقت ۾، سارو جھان پنھنجي خيال ۾ مست، جيڪڏھن ھڪ خسيس داڻو خاڪ ۾ ملي گلزار ٿي پوي ٿو تڏھن قلندر قبر جي خاڪ ۾ ملي زندہ ٿي پوي ته ڪھڙو تعجب آھي ۽ ھائو! قلندر جڏھن مرندو ۽ سارو جھان جڏھن مرندو تڏھن سجاڳ ٿي پوندو ۽ بھتر صورت ۾ ظاھر ٿيندو. ” ھو تشنکم في مالا تعلمون. “
موت زندگيءَ جو ھڪ خواب آھي. موت جي رات بعد نئين زندگيءَ جو صبح نمودار ٿئي ٿو.
موت کانپوءِ به حيات آھي، موت حيات جي نئين صورت آھي. جيئن خواب حيات ۾، ھڪڙو
جھان ڦِٽي رھيو آھي ته ٻيو ٺھي رھيو آھي. ڇاڪاڻ ته جو ماريندڙ آھي سو جياريندڙ به آھي.
ڪائنات ۽ ان جي ھر شيءِ ۾ جي حڪمتون ۽ اوصاف موجود آھن تن کي پروڙڻ ۽ سمجھڻ
کانپوءِ به جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته اھي حڪمتون ۽ اوصاف ازخود موجود ٿي
ويئون ۽ انھن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنھن حڪيم ۽ عليم جو ھٿ نه آھي ۽ ڪائناتي نظام
جو ڪو ناظم ڪونھي، ته پوءِ چئبو ته ھو عالم ۽ فاضل ۽ سائنسدان ھئڻ جي باوجود به
جاھل مطلق آھي. داڻي مان درخت جو پيدا ٿيڻ، قطرہ مان خود انسان جو پيدا ٿيڻ ۽ عالمي
نظام ۾ ارتقائي قانون جو موجود ھئڻ سڀ اتفاق ۽ حادثو آھي ۽ اھڙي قدرت جو ڪم آھي
جنھن جو قادر ڪونھي، ائين ڪري سمجھڻ بلڪل ناداني آھي.
ھر صنعت جو ڪو صناع ٿيندو آھي. ھرنقش جو نقاش. ھر تصوير جو مصور. ھر
ملڪيت جو ڪو مالڪ ۽ ھر خيال جو ڪو خالق. ساڳي ريت ھن خوبصورت ڪائنات
جو به حقيقي مانع ۽ بينظير نقاش، سچو پچو ۽ خالق موجود آھي جو احسن الخالقين آھي.
اول منزل ھئي ازل جي نقشي ۾ جنھن ۾ ڪائنات جو تصور موجود ھو.
ٻي منزل ھئي ڪن فيڪون جي.
ٽين منزل ھئي ارواح لاءِ قالوبلى جي.
چوٿين منزل ھئي شڪم مادر ۾.
پنجين ٻالاپڻ جي.
ڇھين تعليم ۽ تربيت جي.
ستين شادي مرادي روزگار ۽ خدمت خلق جي.
اٺين ٻڍاپڻ جي.
نائين موت يا حيات نؤ جي.
( 8 ) ڪو ڄمڻ شرط مري يا جوان ٿي مري يا ٻڍو ٿي مري يا ڪڏھن به مري پر مري وڃڻ سان
روح ھرگز نٿو مري، ۽ جسم جي حالت ۾ ھڪ تبديلي پيدا ٿئي ٿي. جھڙي ريت خود زندگي ۾ به انساني ڄمار جي ھر سال ۾ جسماني صورت ۽ حالت ۾ ھڪ حيرت انگيز تبديلي پيدا ٿيندي رھي ٿي. خاڪي بدن ختم ٿي وڃي ٿو پر اعمالي بدن روح سميت ھڪ لطيف حالت ۾ زندہ رھي ٿو. مرڻ جي معنى آھي لباس بدلائڻ. نيڪيءَ جي واٽ ۾ مري شھيد ٿيڻ وارا اڄ به پنھنجي عناصري لباس ۾ زندہ آھن ۽ روحاني درجات حاصل ڪري رھيا آھن ۽ برائيءَ جي واٽ ۾ مرڻ وارا به زندہ رھن ٿا پر پشيمان ۽ پريشان. جھڙيءَ ريت مکڙيءَ ۾ گل پوشيدہ آھي. جھڙيءَ ريت نانگ ھڪ کل لاھي ڇڏي ٿو ۽ ٻيءَ ۾ زندہ رھي ٿو تھڙيءَ ريت انسان ھڪ کل ڦِٽي ڪري ٻيءَ ۾ زندہ رھي ٿو. پر اھي آھن قلندري ڌُڪا. سھي سگھو ته پنھنجي مغز ۾ ھڻو نه ته ھڻو قلندر جي ڪنڌ تي.
(9) قلندر جي شباب ۽ رباب، شراب ۽ ڪباب، عيش ۽ عشرت جو زمانو ويو موڪلائي. دولت، حڪومت، جواني، حسن، علم، عمل، ھنر، ذات پات، خاندان، رنگ روپ، قوم، وطن ۽ نين ايجادات جو به ھڪ غرور ۽ نشو ٿيندو آھي. پر ھڪ ڏينھن نشا ويندا ٽٽي، آخري عمر ۾ نظر ڪمزور يا اکين تي پردا، ڪنن تي ڪٽ، طبيعت تي تالا، عقل چرخ، ذھن ڪند، حافظو خراب، ڏند ڀڳل، زبان ٻاتي، چپن تي مھر، دل تي دھشت، پوءِ لکجي ته ڇا لکجي؟ اھڙي حالت ۾ قلم ڏنگو ۽ ڦڏو، جڏو ۽ مڏو نه ٿي پوندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ افراد ۽ قومون پنھنجي موت مري وڃن سو ھڪ قدرتي قانون آھي پر جيئري جاڳندي انھن جي قوت فوت ٿي وڃي يا روح فنا ٿي وڃي سا ڳالھه خدائي ڏمر جي برابر آھي. شال منھنجي قوم جي اھڙي حالت نه ٿئي.
(10) اھڙي ڪشمڪش جي حالت ۾ لکڻ آھي لکڻ تي ظلم ڪرڻ. جڏھن ھوش ۽ حواس خطا، وايون بتال ٿي وڃن، جيئن افراد جي زندگي ۾ تيئن قومن جي زندگي ۾ به ساڳيو انقلابي اصول ڪم ڪندو رھي ٿو. چاڙھيون ۽ لاھيون. عروج کانپوءِ زوال ۽ زوال کانپوءِ عروج، زماني جي اندر دنيا يا دنيا جي اندر زمانو، قومن اندر حڪومتون يا حڪومتن ھيٺ قومون، دستور ۽ قانون، شريعتون ۽ سماجي رشتا، نظريه ۽ معيار، افڪار ۽ اقدار، ثقافتون ۽ فنون، زماني جون ضرورتون ۽ تمدني تقاضائون. سڀ ۾ حيرت انگيز تبديلي ۽ انقلاب. قومن ۽ قومي پارٽين ۽ حڪومتن جي ھڪ ھٽي ختم ۽ انقلاب زندہ باد. فوجي ھجي يا آئيني ھر انقلابي دؤر عارضي ھوندو آھي ۽ نه دوامي. ان جو بنياد جيتريقدر قومي مفادن ۽ صحيح اصولن جي عمل تي ھوندو آھي اوتريقدر ان جو اثر جاري رھندو آھي. عمل جي مفقود ٿي وڃڻ کانپوءِ اثر به ختم.
(11) ھيءَ ويھين صدي آھي ۽ انقلابي صدي آھي. ڪيتريون ئي قومون آزاد ٿي چڪيون آھن ۽ جي رھجي وييون آھن سي به آزاد ٿيڻ واريون آھن. پنجن ڏھن سالن جي اندر نه شھنشاھه رھندا نه سلطان، نه بادشاھه نه ڊڪٽيٽر ۽ اھڙي ڪابه قوم ڪانه بچندي جا خارجي خواھه در ملي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ کان رھجي وڃي.
آفريڪا ھجي يا ايشيا، يورپ ھجي يا امريڪا ھجي يا دنيا جو ڪو کنڊ ھجي ۽ انھن جو ڪو ملڪ ھجي سو پنھنجي موجودہ صورت ۾ ھرگز رھي نه سگھندو. ھر قوم ضرور پنھنجي سياسي ۽ اقتصادي آزادي حاصل ڪندي. مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آھي. عالمي آزاديءَ جو يوم جشن قريب آھي. اُٿو ۽ ان جي ملھائڻ لاءِ تياري ڪريو.
(12) اڄ ڪالھه مفڪرن جو ھي خيال آھي ته سڀني قومن جي آزاد ٿي وڃڻ بعد دنيا ۾ ھڪ واحد بين الاقوامي وفاق قائم ٿيندو جو عالمي امن قائم رکي سگھندو ۽ ھڪڙي قوم کي ٻي قوم جي دست درازين کان بچائي سگھندو. نه فقط دنيا جي ملڪن کي ھڪ ٻي سان ڳنڍڻ لاءِ عالمي وفاق ضروري آھي پر ھر ملڪ جي جدا جدا علائقن کي ھڪ ٻئي سان ھميشه لاءِ ڳنڍڻ لاءِ داخلي طرح وفاق جي ضرورت آھي. پوءِ بيشڪ عالمي ۽ داخلي امن ۽ انصاف جو عمارتون قائم ٿي سگھن ٿيون پر قومن ۽ حڪومتن کي ڪو اھڙو نڀاڳ وڪوڙي ويو آھي جو امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ شايد انھن جي اختيار کان ٻاھر ٿي پيو آھي. امريڪا ۽ روس جا اختلاف سڀني کي معلوم آھن. اختلافن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ۽ نه ڪمي. ساڳي طرح اشتراڪي ملڪن ۽ مغربي ملڪن ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ باھمي ۽ داخلي اختلاف به وڌي رھيا آھن. مغربي حڪومتن جا آفريڪا ۾ قھري ڪارناما ڪنھن کان به پوشيدہ نه آھن. فرانس، بيلجم ۽ پورچوگال قتل ۽ خونريزي تي ڪمر ڪشي بيٺا آھن. ڏکڻ آفريڪا ڪاري رنگ جي قومن کي مساوي حقن جو حقدار نه ٿي سمجھي، آفريڪا ۽ ايشيا جا اڃا تائين ڪيترائي ملڪ ۽ ٻيٽ يورپي قومن جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل آھن. خود امريڪا ۽ روس ۽ چين ۾ ڪي رياستون الڳ ۽ آزاد ٿي وڃڻ جون خواھشمند آھن. روس ۽ چين ۾ اڄ به جيڪڏھن بي ريائيءَ سان راءِ ورتي وڃي ته روس ۽ چين جون ٻه رياستون به پاڻ ۾ متحد نه رھنديون، عرب قومن جو پاڻ ۾ تڪرار، افغانستان ۽ ڀارت جا پاڪستان سان تڪرار، انھن ملڪن جي وچ ۾ باھمي عداوت ۽ روزافزون تلخيءَ جو باعث بڻجي پيا آھن. دنيا مان انصاف لڏي ويو آھي تنھن ڪري امن به موجود ڪونھي. انھن حالتن ھيٺ عالمي خواھه فوجي امن جو آھي خدا حافظ.
(13) قلندرن جو به آھي خدا حافظ. زندگيءَ جي ڊگھي سفر ۾ سدائين ڪيو اٿن مقابلو، نفس ۽ شيطان سان. سدائين ڏٺيون اٿن مصيبتون ۽ شڪستون. پنھنجو جھان لٽائي چڪا آھن ۽ وڏن جو ورثو به. پر تڏھن به شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن، ڪنڊ وٺيو ويٺا آھن ۽ پيا دعائون ڪن موجودہ ۽ آئندہ نسلن جي نجات لاءِ. لکن سو ڇا لکن.
(14) خدا خوش رکي اسان جي نؤنھالن ۽ نون اديبن کي، جي لکي به ڄاڻن ۽ لکائي به ڄاڻن. انھن جي تصنيف ۽ تاليف ۾ ترتيب ۽ ترڪيب آھي، قلم ۾ زور آھي، تقرير ۽ تحرير ۽ تنقيد ۾ جان آھي، فڪر ۽ نظر ۽ خيال ۾ بلندي آھي، جذبن ۾ جوش آھي، مضمون سان واقفيت آھي، مقصد ۾ پختگي آھي، نوع انساني ۽ قوم سان محبت آھي، وطني آزادي ۽ خوشحالي ۽ ڪڏھن ڪڏھن وقتي مصلحتن ۽ عارضي خودغرضين جو به خيال آھي.
شال خودي ۽ خودغرضي ۽ خودپرستيءَ جو فلسفو ختم ٿئي ۽ خدمت خلق جو خيال غالب ٿئي، شال قوميت جي بدران فڪر انسانيت، فرقه بنديءَ جي بدران اسلاميت، نفاق جي بدران وحدت، نفسانيت جي بدران للاھيت، خودغرضيءَ جي بدران خودقرباني، خودفروشيءَ جي بدران خود داري، منافقيءَ جي بدران راست گوئي، بزدليءَ جي بدران مردانگي ۽ ظلم جي مقابلي جون صفتون منھنجي قوم ۾ پيدا ٿين ۽ ان قسم جون تصانيف تيار ٿين.
(15) باقي قلندرن جي قيل ۽ قال جو نه آھي منھن نه مٿو، نه منطق نه فلسفو. قوم کي ضرورت آھي: جديد علوم ۽ فنون ۾ ماھرن جي، با اخلاق ۽ خدا ترس خواص ۽ عوام جي. جفاڪش محبان وطن جي. پر اسان آھيون سراپا جذبات ۾ مجذوب، سرشار آھيون شعر ۽ شاعري جي محفلن ۽ شغلن ۾، راڳ ۽ روپ جي رنگ رلين ۾، ساز ۽ سُرندي جي سوز ۽ گداز ۾. روحاني رقص جي لذتن ۽ لطافتن ۾، بي خودي جي عالم ۾ وصال جي واٽن ۾ گم ۽ غلطان، فراق جي آہ ۽ فغان ۾. بخدا! دل ٿي چوي ته شال اھو ذوق ۽ شوق، اھا لطيفي لئؤن ۽ سنڌي سُرندي جو سوز بني نوع انسان جي ھر قوم ۽ ھر فرد جي رڳ رڳ ۾، نه فقط موجودہ نسلن ۾ پر آئندہ جي نسلن ۾ به، پيدا ٿي پوي ته پوءِ قومي ۽ بين الاقوامي امن جو مسئلو ھميشہ لاءِ حل ٿي ويندو. رٺل يار پرچي پوندو ۽ ٻيڙو پار ٿي ويندو. دنيا ۾ امن قائم نه ٿيندو جيستائين مخلوق پنھنجي حالتن جي طرف راغب نه ٿي آھي ۽ انسان ۾ روحاني سوز و سرود ۽ سرور پيدا نه ٿيو آھي. پر خدايا! قلندر ويچارو ڇا ڪري؟ اسان توکي خوش ڪرڻ جي خيال ۽ خبط ۾ زندگي صرف ڪئي، پر تون اسان جي خواب ۽ خيال کان مٿي، تنھنجو پوي ٿو نه پار نه پتو. نه مڪان نه اھڃاڻ، پر تنھن ھوندي به چون ٿا ته تون ساہ کان به ويجھو آھين ۽ ڪائنات جي پردي پٺيان پوشيدہ آھين يا پڌرو پيو آھين. جيئن:
خوشبوءِ گلن ۾، رنگت گلزارن ۾، لطافت نظارن ۾، حيات برسات ۾، بجلي پاڻيءَ ۾، برق بادلن ۾، تجلي نارن ۾، موتي مھراڻ ۾، ھيرا جواھر کاڻين ۾، ائٽم ماديات ۾، محبت يارن ۾، حسن دلدارن ۾، عشق پروانن م، عقل دماغ ۾، بصارت اکين ۾، بصيرت باطن ۾، ميزان عالمي نظام ۾، ڪشش مقناطيس ۾، ڳالھائڻ جي قوت زبان ۾، صبح رات ۾، ڪمالات قدرت ۾، ايجادات کوجنا ۾، حيات نيستي ۾، موت ھستي ۾، روح بدن ۾، ساہ سرير ۾، جذبات سيني ۾، فراست ذھن ۾، جنت ۽ دوزخ اعمال ۾، خوشي ۽ غم طبيعت ۾، حڪومت ۽ حرڪت زمين ۽ آسمان ۾، نُور مخلوقات جي قلوب ۾.
(16) تون زمين ۽ آسمانن جو نُور آھين ۽ ھر رنگ ۽ روپ ۽ دل ۾ تون جلوہ گر آھين پر تنھنجي ھستي ۽ حڪمت دھرين جي دل ۾ سمائجي نه ٿي سگھي. تون ساھه جي رڳن کان قريب ھئڻ جي باوجود به انھن کي پنھنجي ھستي جو قائل نه ٿو ڪرين، جن جو ايمان چٽ آھي ۽ عقل انڌو آھي. ممڪن آھي ته انڪار کان پوءِ انھن لاءِ اقرار جي منزل اچي، نفيءِ کان پوءِ اثبات. اول ” لا “ تي زور پوءِ ” الاالله “ تي استقامت ۽ انجام. پر انديشو اھو ئي آھي ته متان ” لا “ جي منزل تي ئي دنيا جو خاتمو نه ٿي وڃي. اھڙائي آھن آثار جي نظر اچي رھيا آھن.
(17) ايماندار مرندا وڃن پر شيطان اڃا تائين حيات آھن. ڀلا جنھن کي تو خود فرصت ۽ مھلت، آزادي ۽ زندگي ڏني ھجي سو ڪھڙي طرح مري سگھي ٿو؟ انھي شيطان تي ايتريقدر لعنتن جو وسڪارو وُٺو آھي جو لعنتي لعل ٿي پيو آھي ۽ آھي به ھيءَ حقيقت ته اسان واري شيطان ڪڏھن به تنھنجي ھستي ۽ وحدت، عبادت کان انڪار نه ڪيو آھي. ھو پاڻ کي آدم ذات کان افضل سمجھي ٿو ۽ سجدي ڪرڻ کان انڪاري آھي ڇاڪاڻ ته توسان عشق ۽ عبادت جو غرور اٿس. اھو آھي سندس ڏوھه. پر موجودہ زماني جو شيطان ته ڪل شيطانن جو ابو آھي. ھو نه فقط پاڻ کي افضل سمجھي ٿو پر تنھنجي ذات جو به علي الاعلان منڪر آھي. نمرود خدا سان جنگ جو اعلان ڪري منارن جي برجن ۾ ويھي آسمان ۾ تير ھڻڻ لڳو ھو پر ھن جا تير فقط ڪن پکين کي ماري سگھيا ۽ بس.
(18) پر اڄوڪي زماني جا نمرود پنھنجن آسماني راڪيٽن مان ائٽمي بمن اڇلائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ملڪن ۽ قومن کي ناس ڪرڻ جا پھه پچائي رھيا آھن. ھڪڙو بم ھڪ ٽن جو نه پر ميگا ٽن، جو جنھن جي قوت لکن ٽنن جي ۽ اھڙا بم به پنجاھه ميگا ٽنن وارا. اھو آھي روس جو ڪارنامو. ھوڏانھن امريڪا وارن پنج سو ميگا ٽنن جي توانائي وارن بمن ٺاھي سگھڻ جي دعوا ڪئي آھي. پنجاھه ميگا ٽنن واري بم جي تجربي مان طوفان برساتون ۽ بمباريون ۽ آب و ھوا ۽ اشياءَ ۾ تباھه ڪندڙ تبديليون پيدا ٿيڻ واريون آھن. اھا جنگ نه آھي پر رڳو بمن جي آزمائش ٿي رھي آھي. جنگ ۾ الاجي ڇا ٿيندو؟ اڃا رڳو چئن پنجن وڏين قومن کي ائٽمي بمن ٺاھي سگھڻ جو علم آھي ۽ پئسو آھي پر ٻن ٽن سالن اندر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ساڳئي قسم جا ڪارخانا قائم ٿيندا. اڄوڪا انسان، انسان نه پر حيوان نه، پر ديو ۽ راڪاس ببر باڪاس آھن. انھن حالتن ھيٺ مخلوق کي ڪھڙي طرح بچائي سگھجي ٿو.
(19) ھڪڙو طريقو ھي آھي ته:
1. سائنسدان پنھنجي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ گڏ ٿي اتفاق راءِ سان ھي فيصلو ڪن ته ائٽم بم، ھائڊروجن بم ۽ ان قسم جي ٻين ائٽمي بمن جي ٺاھڻ کان انڪار ڪندا خواہ کين سندن حڪومتن جي پاران ڪيتري به تڪليف ڏني وڃي.
2. ائٽمي حڪومتن جو پاڻ ۾ ٺاھه ٿئي ۽ ائٽمي بمن جي ساخت ۽ استعمال تي بندش وڌي وڃي.
3. ائٽمي جنگجو قومن ۾ ائٽم سازي جي برخلاف انقلاب اچي ۽ جنگي حڪومتن جو خاتمو ڪيو وڃي.
4. مٿين ٽن طريقن تي عمل ڪرائڻ لاءِ بين الاقوامي تحريڪ جاري ڪئي وڃي جنھن جون شاخون دنيا جي ھر ھڪ ملڪ ۾ قائم ڪيون وڃن ۽ جنھن ۾ ھر امن پسند حڪومت ۽ جماعت ۽ شخص کي شامل ٿيڻ جو حق رھي.
يا سائنسدانن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي يا غرق ڪيو وڃي ڇاڪڻ ته ھڪڙي پاسي بني نوع انسان جي خاتمي جو خطرو آھي ۽ ٻئي پاسي ٻن چئن سون ماڻھن کي ختم ڪرڻ جو سوال آھي. گھٽ ۾ گھٽ انھن ماڻھن کي نظربند ڪري رکيو وڃي ۽ انسان ذات کي تباھيءَ کان بچايو وڃي. آھي ڪو خدا جو بندو جو قلندر جون اھي رٿون اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ ۾ غور ڪرڻ لاءِ پيش ڪري سگھي.
(20) منھنجا رب! تو سندرو ٻڌو آھي صبر تي، نه ته تنھنجي زمين جو ھڪ لوڏو ۽ ڌڌڪو دريائن جي ھڪ اٿل، طوفان جو ھڪ جھٽڪو، بادل جو ھڪ ڪڙڪاٽ، ھڪڙي پڇڙ تاري جي پڇاڙ، زمين ۽ آسمان ۾ تنھنجي بيشمار لشڪرن مان رڳو مکيون، مڇر ۽ جيوڙا نه فقط دنيا جي نمرودن ۽ فرعونن کي پر ڪل ظالمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. پر تو سڀني کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو آھي ته تنھنجي صور اسرافيل جي بدران ڀل پنھنجي ائٽم بمن سان پاڻ کي ختم ڪري ڇڏين. پوءِ تون نئون جھان جوڙين يا نه سا تنھنجي مرضي؟ بلڪ تنھنجي صور اسرافيل جي معنى ئي اھا آھي ته انسان ذات پنھنجي ھٿن جي ڪمائي ۽ ڪڌن ڪرتوتن سان پاڻ تي قيامت ۽ تباھي آڻيندو.
(21) موجودہ زمانه جي ايجادات انسان ذات کي حيران ۽ پريشان ڪري رکيو آھي. پيغمبري اعجازات ۽ اوليائي ڪرامات ۾ انھن ايجادات جو تصور موجود آھي. فرق فقط ھي آھي ته پيغمبرن ۽ اوليائن ظاھري اسباب کان سواءِ حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا آھن، جن کي پيغمبرن جي حالت ۾ معجزو، اوليائن جي حالت ۾ ڪرامت ۽ غير مسلم درويشن جي حالت ۾ خرق عادات ڪري سڏيو ويو آھي. ظاھري اسباب کان سواءِ ھوا ۾ اڏامڻ، باھه ۽ پاڻيءَ تي ھلڻ، رات وچ ۾ ھزارين ميلن جي مسافت طئي ڪندي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچي وڃڻ، ھزارن ميلن تان ڏسي سگھڻ ۽ ڳالھائڻ، بيمارن کي دوا کان سواءِ تندرست ڪرڻ، غيب مان تيار ٿيل کاڌي ۽ پاڻيءَ جو ملڻ، بي موسمي برسات جو پوڻ، مٽيءَ جي ٻڪ ڦٽي ڪرڻ سان ڪاھيندڙ فوج جو بدحواس ٿي ڀڄي وڃڻ، انڌن کي اکين جي روشني ڏيڻ، آسمانن جو سير ڪرڻ، مردہ جسم ۾ ساھه ڦوڪڻ، ھڪڙي چنڊ مان ٻه چنڊ ڪرڻ، اھل ممات سان ڳالھائڻ ۽ ملاقات ڪرڻ ۽ انھيءَ قسم جون سوين ڳالھيون آھن جي معقولات پرست انسان جي عقل ۽ اعتبار ۾ اچي نٿيون سگھن پر جن ڳالھين تي ڪروڙين ماڻھن جو ايمان ۽ عقيدو ھو ۽ آھي، دنيا ۾ اھي خيال مذھبي ڪتابن ۽ پيغمبرن ۽ اوليائن پيش ڪيا. موجوده زماني جي سائنسدانن ۽ عالمن انھي قسم جا ڪي ڪم پنھنجي علمي کوجنا ۽ علمي طريقن موجب ڪري رھيا آھن. پر انھن خيالن جي پيش ڪرڻ وارا دنيا جا پيغمبر ۽ اولياءَ ھوا ۽ انھن جي پوئلڳن ذريعي اڄ مادي ۽ علمي طريقن سان انھن خيالن کي عملي جامو پھرايو پيو وڃي. ” پر چہ نسبت خاڪ را با عالم پاڪ “ پيغمبرن ۽ اوليائن جيڪي ڪم ڪري ڏيکاريا تن جي ڪري خدا جي مخلوق باخدا، بااخلاق ۽ انسان ذات جي خدمت گذار ٿي ويئي. پر اڄوڪي دور ۾ علم جي زور تي جو ڪجھه ٿي رھيو آھي تنھن ۾ انسان ذات جي تباھي ۽ بربادي صاف نظر اچي رھي آھي.
(22) انساني تاريخ ۾ ويھين صدي عيسوي جا واقعات ۽ ايجادات ھميشہ لاءِ ياد رکڻ جي قابل آھن بشرطيڪ ياد ملھائڻ جي واسطي آدم جي اولاد مان ڪي افراد رٿيل ائٽمي بربادين کان بچي ازسرنو دنيا کي آباد ڪري سگھيا. ٻه عالمي جنگيون ٿي گذريون آھن جي سفيد رنگ قومن جي خوني ڪارنامن ۽ انسان ڪش ڪارواين تي قيامت تائين ماتم ڪنديون رھنديون ۽ ھاڻي آخري تباھي ڪندڙ عناصري جنگ جون تياريون تڪميل تي پھچي رھيون آھن جن بابت ببانگ دھل دعوى ڪئي وڃي ٿي ته نه رھندو فاتح نه مفتوح، نه ڪاھه ڪرڻ وارو نه بچاءَ ڪرڻ وارو، نه طرفدار نه غيرطرفدار. نه رھندي بانس نه وڄندي بانسري. الله سان جنگ آسمان تي ۽ سرمايه دارن سان زمين تي.
اھو سڀ ڇاجي واسطي؟ چون ٿا ته وڏا نظرياتي اختلاف آھن ۽ اختلاف ڪھڙا.
(23) خانگي دولتمندي جو خاتمو ڪيو وڃي. مال ۽ دولت جي پيداوار جا ذريعا حڪومتن جي ھٿن ۾ ھئڻ گھرجن ۽ نه افراد جي ھٿن ۾. ڪائنات جو ڪو خالق ڪونھي. مذھب ھڪ وھم آھي. اٽو اجھو لٽو سڀني کي ملڻ گھرجي. جئن اشتراڪي ملڪن ۾ آھي ۽ نه جئن غيراشتراڪي ملڪن ۾ آھي. ملڪ جي حڪومت اھڙي پارٽيءَ جي ھٿن ۾ ھئن گھرجي جنھن جو مٿين اصولن ۾ ايمان آھي.نتيجو اھو نڪتو جو اشتراڪي ملڪن ۾ فقط واحد اشتراڪي پارٽي جي حڪومت آھي ۽ ٻي ڪابه پارٽي زندہ رھي نه ٿي سگھي. حڪومت جو فولادي چرخو آھي نوڪر شاھي پوليس جي ھٿن ۾.
اھي آھن نظرياتي ۽ اصولي اختلاف، تنھن کان سواءِ تاريخي تڪرار، نسل نفاق، ڪارن ۽ گورن جا ڪارا ڪڪر، دانسيات جا ضد، سياسي سازبازيون، باھمي بد گمانيون، مدافعت جا معاھدا، اقتصادي امدادون، فوجي ھٿيارن ۾ فوقيت، ائٽمي بم سازيون ۽ آزمائشون، واپار جا وير وروڌ، ايجادن ۾ افضليت، فضا تي فرمانروائي، طاقتور قومن جي قبضي مان مقبوضه ملڪن جي آزادي، طرفدار حڪومتن جي تلاش ۾ وڏين طاقتن جي وچ ۾ ڪشمڪش، دين ۽ ڌرم جي نالي ۾ تعصبات. اھي ۽ اھڙا ڪي ٻيا اختلاف آھن. تازو ممڻ متو آھي جرمني ۽ برلن تان. اھي آھن تڪرار انھن قومن جي وچ ۾ جن جي دعوى آھي ته انھن جا نظريا افضل ۽ اعلى آھن. ته انھن ساري دنيا جي تمدن ۽ تھذيب ۾، علوم ۽ فنون ۾، آئين ۽ قانون ۾، عدل ۽ انصاف ۾، جمھوريت ۽ آزاديءَ ۾، امن ۽ انسانيت ۾، ۽ سائنسي ترقيءَ ۾ رھنمائي ڪئي آھي پر دنيا کي ورھائي ڇڏيو اٿن ٻن بلاڪن ۾: ھڪڙي بلاڪ جو رھبر روس ۽ ٻئي بلاڪ جو اڳواڻ امريڪا. وچ ۾ ويچارو قلندر، جو ڏينھن رات خدا جي بارگاہ ۾ پيو ٻاڏائي ته خدايا منھنجي توبھه. بچاءِ پنھنجي مخلوق کي انھن ائٽمي علمبردارن جي سرد خواہ گرم يا آزمائشي جنگ کان.
چلتي چاڪي ديکھه ڪر ديا ڪبيرا روئي،
دو پاٽن ڪي بيچ مين ثابت رھا نه ڪوئي.
(24) معلوم ته ائين پيو ٿئي ته چڪيءَ جي ٻن پڙن ۽ پاسن جي وچ ۾ سارو جھان پيسجي ويندو ۽ ڪوبه سلامت نه رھندو. اھي آھن قيامت جون علامتون. جبل ڦاٽي پرزا پرزا ٿي ويندا، درياءَ ۽ سمنڊ پنھنجون حدون ٽپي ۽ بند ٽوڙي آبادين کي غرق ڪري ڇڏيندا، پرندا، درندا ۽ چرندا، انسان ۽ حيوان پنھنجا آشيانه ۽ گھر گھاٽ ڇڏي پنھنجا ٻار ٻچا ڦٽا ڪري مجنوئن ۽ مجذوبن وانگر حواس باخته ٿي نفسي نفسي پڪاريندا موت جي منھن ۾ ڪاھي پوندا، زمين جي تپش يا آفتاب جي گرمي ھر جاندار کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي، تھذيب ۽ تمدن جون فلڪ بوس عمارتون زمين دوز ٿي وينديون، نه حڪومتون رھنديون نه حاڪم، نه سلطنتون رھنديون نه سلطان، نه رھندو ظالم نه ھن جو ظلم، نه رھندو مظلوم نه ھن جي مظلوميت، پوءِ منھنجا مولا! پيو پيدا ڪجائين نئون آدم ۽ نئين مخلوق.
(25) خدايا! تنھنجي دنيا تمام پراڻي ٿي ويئي آھي. سرمايه دارن ۽ اشتراڪين کي نئين دنيا جي ضرورت آھي. پراڻي دنيا ماضيءَ جون حدون ٽپي ۽ سڀ ليڪا لنگھي مستقبل جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري رھي آھي، في الحال تنھنجي مخلوق حال ۾ گرفتار آھي ۽ مستقبل جي حقيقت کان واقفڪار ٿيڻ لاءِ بيقرار آھي، جڏھن دروازو کوليندين ۽ پردو چاڪ ڪندين تڏھن وڃي نامعلوم اسرار معلوم ٿيندا. روسي وزير اعظم ٽھڪ ڏيئي ٽوڪ سان چيو ته سندس راڪيٽ جو خلاصي فضا ۾ 24 ڪلاڪن تائين زمين جي ارد گرد 17 چڪر ھڻي موٽي آيو پر ھن کي ڪٿي به دوزخ ۽ جنت نظر نه آيو. ھو مرڻ کان اڳي جيئري جاڳندي جنت يا گھٽ ۾ گھٽ دوزخ ڏسڻ جو خواھشمند آھي. اجائي تڪڙ چئبي. سائنس جا ھيترا ڪتاب پڙھيا اٿن پر اڃا تائين صبر ڪرڻ نه سکيا آھن ۽ نه ايترو عقل پرايو اٿن ته ھر ڪو ڪم مقرر وقت تي ٿيندو آھي. سارو جھان انتظار ڪري رھيو آھي توھان به ڪجھه انتظار ڪريو. انسان ڪيتري قدر نه احمق آھي؟ ڪائنات جا ٻه چار راز ھنکي معلوم ٿين ٿا ته سمجھي ٿو ته مون جھڙو ڪو اڪابر ڪونھي. آپي کان ٻاھر، ڪپڙن ۾ نٿو سمائجي.
(26) انسان اڃا تائين طفل مڪتب آھي. ڪائنات جو ڪتاب پڙھي پورو ڪرڻ ۽ پوري طرح سان پروڙڻ ڪار دارد- تڪميل جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيتريون صديون لڳنديون ۽ پوءِ ھنوز روز اول وارو حساب رھندو. پر جن جو پيٽ ڦوڪجي ويو آھي ۽ دماغ چڪرائجي ويو آھي، سو نيٺ ھڪ ڏينھن ڦاٽندو. پر منھنجا مولا! قلندر انھن جي ڪھڙي شڪايت ڪري جي تنھنجا انڪاري آھن. تون ڄاڻين ۽ اھي ڄاڻن، شال نه تنھنجو غضب جوش ۾ اچي، پوءِ سڪن سان گڏ ساوا به چٽ ٿي ويندا. قلندر انھن جو به ڏکايل آھي، جي تنھنجا اقراري ۽ دعويدار آھن. مونکي ٻڌاءِ ته سھي ته پرستار ۽ پوڄارين ۾ ڪو ھڪڙو بندو به اھڙو رھجي ويو آھي جو تنھنجي خيال ۾ منشاء ، حقيقت ۽ ھدايت جو حامل ۽ عامل ھجي. قلندر گناھه گار آھي، ھنکي ڪامل مرد ۽ رھبر جي تلاش آھي جو قومن جو امام ٿئي ۽ انھن کي تنھنجي طرف ۽ عالمي امن ۽ ترقيءَ جي طرف وٺي وڃي، جي توکي نه ٿا مڃين، سي ته ظاھر پيا آھن پر جي توکي مڃين ٿا ۽ اسلام جو نالو وٺن ٿا، تن کي نه توسان نسبت ۽ نه اسلام سان ڪو واسطو.
(27) قلندر امن جو طالب آھي ۽ عالمي امن لاءِ دعاگو آھي پر چون ٿا ته امن تڏھن قائم ٿيندو، جڏھن دنيا کي تباھه ڪرڻ لاءِ ائٽمي بم ۽ آتشي بم گولا وڏن اندازن ۾ ٺھي تيار ٿيندا ۽ تنھن کان سواءِ فضا ۾ چنڊ ۽ مشتري ۽ زھرہ تي ھوائ اڏا قائم ٿيندا. رب رسي ته مت کسي. مخلوق جو ساھه مٺ ۾ آھي. قيامت جو انتظار آھي. جن جو يوم آخرت تي ايمان ڪونھي سي به ببانگ دھل اعلان ڪري رھيا آھن ته آخر زمانو قريب آھي ۽ ساري مخلوق ائٽم بمن سان تباہ ٿيڻ واري آھي جنھن ۾ قاتل کي خبر نه پوندي ته ھو ڪنھن کي قتل ڪري رھيو آھي ۽ مقتول کي خبر نه رھندي ته کيس ڇو قتل ڪيو ٿو وڃي. اِھا آھي پيغمبري پيشنگوئي. بچاءِ مولا! تون ڪو پنھنجو فضل ۽ ڪرم ڪر ۽ قومن کي ھدايت ڪر. قلندر پنھنجن ۽ پراون کان مايوس آھي پر تنھنجي رحمت کان مايوس نه آھي. نه فقط منھنجو اعمالنامه داغدار آھي پر سڄو پنو داغدار آھي. تون نه فقط منھنجي وطن کي پر ساري عالم کي امن ۾ رک ۽ آزاد ۽ آباد ۽ خوشحال رک ۽ ھن آخري زماني ۾ عالمي شاعرن جي سرتاج شاھه عبداللطيف ۽ قلندر جي اِھا آخري دعا قبول ڪر.
آمين- ثم آمين- يا رب العالمين.