طالب علم
خدايا! تون منھنجي قوم کي ھر شيءِ جي حقيقت کان آگاہ ڪر، خدايا! تون منھنجي قوم کي علم جي درياءَ مان ٻه چار قطرا نصيب ڪر، خدايا! تون منھنجي قوم کي علم حاصل ڪرڻ جي اھڙي پياس ڏي جا ڪڏھن به پوري نه ٿئي، خدايا! تون ڪائنات جي علمي خزاني مان منھنجي قوم کي مالا مال ڪر، خدايا! تون زندگيءَ جي يوم اول کان وٺي يوم آخر تائين منھنجي قوم جي ھر فرزند ۽ ھر دختر جي علم ۾ اضافو ۽ ترقي عطا ڪر، تون اھو علم ڏي جو منھنجي قوم لاءِ سعادتمندي، اقبالمندي ۽ نقطه منديءَ جو باعث ٿئي، تون اھڙو علم عطا ڪر جو منھنجي قوم حقيقت شناس، حقيقت دين، عامل ۽ حقائق ۽ داناءِ راز ٿي وڃي پر اي برادر! ھي ڪھڙو علم آھي جو تون پڙھي رھيو آھين. پڙھندي پڙھندي تنھنجو قلب پٿر، دماغ ڪُند، اخلاق چٽ، دين خراب، دنيا برباد، خيال پريشان ٿي چڪا آھن. تون لکي لکي ڪاپيون ڪري چُور ٿي پيو آھين، جنھن پڙھڻ سان قوم جو ٻيڙو پار ٿيندو آھي، جنھن پڙھڻ فضل ۽ ڪمال حاصل ٿيندو آھي، جنھن پڙھڻ سان علم ۽ عمل حاصل ٿيندو آھي. ۽ تو فطرت شناس ۽ خدا شناس ٿي وڃين سو علم اور آھي، سو فھم ئي نرالو آھي، سو سبق ئي جدا آھي. سڀ ڪتاب پڙھي پورا ڪري ڇڏ، سڀ اکر لکي ڪارا ڪري ڇڏ، سڀ علم سکي حاصل ڪري ڇڏ، پر آخرڪار پڙھي ڪيترو پڙھندين، لکي ڪيترو لکندين؟ بيشڪ معلوم دنيا کي پنھنجو قلم ڪر، ۽ نامعلوم دنيا کي پنھنجي مس ڪر، پوءِ ڪتابن پٺيان ڪتاب لکندو وڃ ۽ پڙھندو وڃ، پر ڪل ڪائنات جا حرف صرف ھڪ اٿئي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي نظر ۽ پنھنجو عمل نيڪ رکندين ته تولاءِ بسم الله ئي بس آھي. نه ته تون جيڪو پڙھيو سو نه پڙھيو، جيڪو تو لکيو سو نه لکيو. علم کان سواءِ قوم زندہ نه ٿيندي . عمل کان سواءِ علم بيڪار آھي.
عِلم جي پاڻيءَ کان سواءِ تنھنجي زمين آباد نه ٿيندي، علم کان سواءِ تنھنجي قوم آباد نه ٿيندي، علم روح جي خوراڪ آھي، علم قوم جي نجات آھي. علم جي مطابق سڀني لاءِ درجا آھن. پر عمل اھو آھي جو نيڪ عمل ھجي، عمل اھو آھي جنھن ۾ نيت به نيڪ ھجي، عمل اھو جنھن ۾ اخلاص ھجي. اي سست ۽ ستل قوم! اي منھنجي ستايل ۽ غافل قوم! اي سنڌ جا مظلوم مسلمان! اي سنڌ جا مسڪين مسلمان! سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي، توکي زمانو لتون ھڻي بيدار ڪري رھيو آھي.
سجاڳ ٿي، ھوشيار ٿي، قومن جا قافلا گھڻو اڳتي وڌي ويا آھن! تنھنجو ڪاروان گپ ۾ گتو پيو آھي. تون قلندر جي پڪار ٻڌ، تون نيڪيءَ جي ميدان ۾ قدم رک، نه ته تنھنجو قافلو لُٽجي وڃڻ وارو آھي. اڃا دنيا کي تنھنجي ضرورت آھي. تو وٽ اخلاص آھي، ايمان آھي، دنيا کي تنھنجي اخلاق ۽ ايمان جي ضرورت آھي، توکي قسم آھي ان شخص جو، جنھن سڀ کان پھرين سنڌ جي سرزمين تي الله اڪبر جو نعرو بلند ڪري پنھنجي الله تي ايمان آندو ۽ ڪراچيءَ کان وٺي ڪلڪتي تائين اسلام جو نقارو وڄائي ڇڏيو، توکي قسم آھي اُنھن اصحابن جو جن سنڌ جي سرزمين تي جامِ شھادت نوش ڪيو، توکي قسم آھي شاھه عبداللطيف جو جنھن ڪلام الله کي سنڌ جي بيتن ۾ بيان ڪيو، ” ھي جي بيت ڀانئين سي آيتون آھين، نيو من لاھين پرين سندين پار ڏانھن“. اي اسلام جي وفادارن ۽ شيدائين، غازين ۽ شھيدن، عالمن ۽ فاضلن، اوليائن ۽ صالحين جا فرزندو! اوھان کي پاڪستان ۽ ھندوستان جو اسلام پڪاري ۽ سڏي رھيو آھي ته اُٿو ۽ ھميشہ لاءِ اُٿو ۽ پنھنجي پسماندہ قافلي کي سڀ کان پھرين قطار ۾ وٺي وڃو، ۽ اسلام جي حفاظت واسطي، پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ ھر قرباني ڪرڻ واسطي تيار ٿي وڃو.
روزانه سنڌ- ڪراچي 3 آڪٽوبر 1948ع