تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
Title Cover of book نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

سنڌ جو سھڻو سرندو

اي سنڌ جا سھڻا سرندا! تنھنجي تارُن ۾ غضب جي ڪشش آھي. تنھنجو آواز آھي يا قيامت جو صور اسرافيل آھي. منھنجي تن جون تندون ٽٽڻ لڳن ٿيون، من مستيءَ ۾ مگن ٿيو پوي. ھي سرد آھون، درد ڀريون دانھون، اکين ۾ شور، دل ۾ سوز، روح ۾ بيقراري، طبع ۾ بيخودي، ھوش و حواس جو پرواز، پاڻ کان پري ٻنھي جھانن کان دور دور، نه زماني جو احساس نه ڪائنات جي خبر، بيان کان ٻاھر، خيالن کان مٿي، ھيءَ ڪھڙي ڪيفيت آھي، ڪھڙو حال آھي، وحدت ۾ جي وڍيا سي الله ڪيا اڌ. ڇا اھا به ڪا دنيا آھي يا حالت آھي يا منزل آھي. جڏھن سارو جھان نُور ئي نُور ٿي وڃي، انسان نُور جي فضا ۾ بنا پرن جي پکيءَ وانگر اڏامندو رھي ۽ نُور جي دريا ۾ مڇيءَ وانگر ترندو رھي، ڄڻ ته ھن جي سر تان تڪبير اچي ويئي، سسي ڌڙ کان ڌار ٿي ويئي، ساڳي ريت جھڙي ريت مولانا روم جي بانسري شڪايت جي حڪايت ڪرڻ لڳي ته جڏھن کان وٺي مونکي پنھنجي بنياد کان وڍي جدا ڪيو ويو آھي تڏھن کان وٺي نه فقط مون پي رنو پر مون سان گڏ سارو جھان منھنجي ماتم ۾ شريڪ آھي ۽ چئي رھيو آھي ته جڏھن ڪنھن کي سندس اصل کان جدا ڪيو ويندو آھي تڏھن ھو وري وصل لاءِ تڙڦندو رھندو آھي، تنھن پٽاندڙ ھي سنڌ جو سُريلو سُرندو پنھنجي تار جي ھر ھڪ ضرب سان ماري ٿو جياري ٿو، جدا ڪري ٿو ملائي ٿو. خوديءَ ۾ آڻي ٿو، بيخود ڪري ٿو، نشو لاھي ٿو ۽ چاڙھي ٿو. ۽ دنيا جو ٻيو ڪوبه واڄو سنڌي سُرندي سان مقابلو ڪري نٿو سگھي.
سُرندو نه فقط سڀني سازن جو سرتاج آھي پر فقيرن ۽ درويشن جو به استاد آھي ۽ انھن کي نفي ۽ اثبات جا سير ڪرائيندو رھي ٿو. ماري جياري ٿو ۽ جياري ماري ٿو. ھڪڙي نغمي سان ٻيڙو پار ۽ ست ئي افلاڪ ٽپندو بندو، بندہ نواز جي بارگاھه ۾ پھچي وڃي ٿو. جڏھن ساري ڪائنات رقص بي خودي ۾ چڪر لڳائندي رھي، تڏھن قلندر به بي ساختو بي اختيار ڪڏھن ڪامل فنا ته ڪڏھن ڪامل بقا ۾ پرواز ڪندو رھي ٿو.
آخرڪار زندگيءَ ۾ ھاڻي ڪھڙو لطف بچي ويو آھي جو باقي پنھنجي رب جي طرف به رجوع نه ٿجي. دوست احباب موڪلائي ويا، جن سان راز ۽ نياز جون ڳالھيون ڪبيون ھيون، جن سان دل جي احوال اورڻ ۾ ڪو عيب نه ھوندو ھو، جن جي دل اھڙي صاف ۽ شفاف ھئي جھڙو جام جسم يا آئينه سڪندري. ھو نھارين يا اسان نھاريون، ھو اشارا ڪن يا اسان اشارا ڪريون، ته دليون پيئون ڳالھائين، جن خاموشي به ھڪ گويائي ھئي، سي ساٿيئڙا ويا ۽ وڃڻ کي ويا ۽ اھڙي نظر ھڻي ويا آھن جو پٺيان ڪوبه رھجي نه ويندو. جن جي دم سان اسانجي دنيا قائم ھئي، سي ويا ۽ وري نه موٽندا. انھن جو وجود قوم لاءِ ۽ انسان ذات لاءِ سراسر رحمت ھو، قلندر قوم قوم ڪندو ھو ته ھو شريڪ ٿي ويندا ھوا، قلندر سان جنگ ۽ صلح ۾ شريڪ رھندا ھئا، سي موڪلائڻ کي موڪلائي ويا. انھن جي دم سان دنيا زندہ ھئي، قوم زندہ ھئي، سنڌ زندہ ھئي.
انساني زندگي پنھنجي سفر جي آخرين منزل جي قريب پھچي چڪي آھي ۽ اھو وقت پري ڪونھي جڏھن زمين تي ڪابه جاندار شيءِ زندہ نظر نه ايندي. جھڙي ريت ھر انسان ۽ حيوان جي عمر مقرر آھي تھڙي ريت ھر قوم جي به عمر جو فيصلو ٿي چڪو آھي ۽ ساڳي ريت انسان ذات جي به عمر مقرر آھي. لڪل قوم اصل غير رواجي حالتن کي ڇڏي باقي رواجي حالتن ۾ ھر جاندار اول ٻاراڻي اوستا، پوءِ ڇوڪراڻي ٽھي، پوءِ نوجواني، پوءِ ٻڍاپڻ وارين منزلن مان گذري موت جو لقمو ٿيندو آھي. انھن ساڳين منزلن مان ھر قوم کي گذرڻو پوندو آھي ۽ مجموعي طور سان انسان ذات کي، ۽ ساڳي ريت ھر ساھه واري شيءِ جو خاتمو ٿيڻ وارو آھي.
ڇا تون نٿو ڏسين ته زمين تي، زمين جي اندر ۽ زمين کان ٻاھر، پاڻيءَ تي، پاڻيءَ جي اندر خواھه پاڻيءَ کان ٻاھر، ھوا تي، ھوا جي ھيٺ، خواھه ھوا کان مٿي، اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولھه ۾، ماديات ۽ عناصر ۾، غيب جي عالم ۾ جيڪي حيرت انگيز تبديليون ٿي رھيون آھن تن جو رخ ۽ رجحان اھوئي آھي ته ڪل ڪائنات کي مڪمل طور سان تباھه ۽ برباد ڪيو وڃي ۽ وجود جي عالم ۾ ڪنھن ھڪ شيءِ کي به زندھه نه ڇڏيو وڃي.
انسان ذات جو سمورو وجود مريض ٿي چڪو آھي، ڪو ھڪڙو مريض ھجي جنھن جو علاج ڪيو وڃي. ھي قيامت جون علامتون آھن. قيامت ڪبريٰ جي ڏينھن انسان ذات ٽن ٽولن ۾ تقسيم ٿي ويندي. ساڳي ريت قيامت صغريٰ يعني ننڍي قيامت دنيا ۾ ٿيڻ واري آھي. ھندوستان جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، پاڪستان جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، فلسطين جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، جزيرة العرب جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، بنگال ۽ پنجاپ ۽ آسام جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، سنڌ جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، ڪشمير جي رٿيل تقسيم جي ڇا معنى آھي، جرمنيءَ جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، ترڪي ۽ ايران کي تقسيم ڪرڻ جي ڌمڪين ڏيڻ جي ڇا معنى آھي، انڊونيشيا کي تقسيم ڪرڻ جي ڇا معنى آھي، آفريڪا جي تقسيم ڪرڻ جي ڇا معنى آھي، انسان ذات ٽن وڏين طاقتن ۾ تقسيم ٿي وڃي، ان جي ڇا معنى آھي، رنگ روپ جي تڪرارن ۾، ذات پات جي عداوتن ۾، دين ڌرم جي قتل و غارت ۾، ٽن وڏين طاقتن جي حسد ۽ بغض ۾، ائٽم بم، زھريلي گيس ۽ وبائن پکيڙيندڙ جراثيم جي ايجاد ڪرڻ ۾، يھود ۽ عرب جي خوني جنگين ۾، ڪشمير ۽ حيدرآباد دکن جي ويڙھه ۾، چين، برما، ملايا، يونان ۽ حيدرآباد دکن جي سرحدن تي ڪميونسٽن جي ڪارواين ۾، ڏڪارن، ٻوڏن، زلزلن، بلئڪ مارڪيٽن ۽ رشوت خورين ۾، تقرير، تحرير ۽ خيال جي آزادگيءَ کي نابود ڪرڻ ۾، ڪمزور انسانيت کي ڏکويل، بکايل ۽ غلام ڪري رکڻ ۾. اھي سڀ واقعات ۽ حادثات جيڪڏھن قيامت قائم ڪرڻ جون علامتون نه آھن ته ٻيو ڇا آھي؟؟

*