خدا سان شڪوو
تون ڪٿي آھين؟
ڪٿي ٿو رھين؟
جھان جي اندر آھين؟
جھان کان ٻاھر آھين؟
يا نه اندر آھين ۽ نه ٻاھر آھين؟
نه ھِتي آھين نه ھُتي آھين؟
نه دڳ اٿئي نه ديرو؟
نه آشيانو نه آستانو!
پر بلڪل لامڪاني آھين!!
لامڪاني تون-
لازماني تون-
لاثاني تون-
لا مثالي تون.
*
تون خواب خيال کان مٿي،
تون وھم گمان کان مٿي،
تون چون و چران کان مٿي،
تون بيان ۽ ڌيان کان مٿي،
تون عقل ۽ قياس کان مٿي،
تون پاڻ ڄاڻين، تون ڇا آھين،
تون پاڻ سڃاڻين تون ڪير آھين.
تون پاڻ ٿو چوين،
ته تون آھين ۽
تون ھر ھنڌ آھين،
تون حاظر ۽ ناظر آھين،
تون دانا ۽ بينا آھين،
تون قادر ۽ طاقتور آھين،
تون قلندر جو فرياد ٻڌ،
ائين نه چئجانءِ ته قلندر،
نه ڪڇيو نه لڇيو،
اندر ئي اندر پچندو ۽ پوسرندو رھيو،
پر ڪا ٻاڦ به ٻاھر نه ڪڍيائين!
منھنجا مولا!
تنھنجي جھان ۾ اوندھه لڳي پيئي آھي، تنھنجي جھان ۾ انڌير آھي، انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو کيل آھي، نه داد نه فرياد، نه ڌڻي نه ڌوڻي، نه اوھي نه واھي، نه جان ۽ مال سلامت، نه عزت ۽ آبرو سلامت، نه امن ۽ امان سلامت، نه انسانيت ۽ شرافت، جيڏانھن نھار ائٽم ٺھي رھيا آھن، زمين تي ۽ زمين جي اندر ۽ ٻاھر، پاڻيءَ تي ۽ پاڻيءَ جي اندر ۽ ٻاھر، شيطان پنھنجو تخت وڇائي ڇڏيو آھي ۽ ظلم ۽ ستم جو راڄ برپا ڪري رکيو آھي، ھو تنھنجي تيرن کان پاڻ بچايو آسمان جا راز ۽ حڪمتون پروڙي زمين وارن کي آزمائي رھيو آھي. آخر ھن کي ڇيڪ ڇڏي ڏيڻ مان تنھنجي ڪھڙي مراد آھي؟ ھي سنسار جو ناٽڪ ڇو رچايو اٿئي؟ آخر ھي کيل ڪڏھن ختم ڪندين؟ اشراف بک مرن ۽ لُچ لک لُٽائيندا رھن! ايماندار لڪندا وتن لوڪ ۾ ۽ بدڪار تاجن ۽ تختن جا مالڪ، ملڪن جا والي! توکي ھي تماشو ڪھڙي طرح وڻي ٿو؟ جنگ جا ميدان قائم ڪيو ويٺو آھين. قتل جي گرم بازار آھي، زخميلن جي آھه ۽ پڪار، بيڪس بيمارن جي دانھن ۽ ڪُوڪ، يتيمن ۽ بيواھن جون چيخون، ڳوٺ ۽ شھر وارن، ڪروڙين مخلوق دربدر ۽ خاڪ بسر، چؤطرف ڀڄ ڀڄان ۽ پريشان حالي، نه خونن ۽ ڌاڙن جو انصاف، قيد و بند جو انصاف، ڪوڙ فريب چور بازاري جو چؤطرف شور، قاعدو ۽ قانون ويو لڏي، انسانيت ۽ شرافت ويئي ڇڏي، مصيبت ۽ موت پيو سڏي، اھو ٿيو آھي تنھنجي دنيا جو حال! مخلوق عذاب ۾ گرفتار آھي. زمانو سئو سال پٺتي ھٽي ويو آھي. آزاديءَ جي بدران حاصل ٿي آھي بربادي، ميراڻو ۽ پيراڻو راڄ موٽي آيو آھي. ساڳيا ڪاردار ۽ ڪوٽوال ۽ قاضي قھر ڪيو ويٺا آھن ۽ لاپا ۽ رسايون ۽ رشوتون وڃي چوٽ چڙھيون آھن. آبدار ۽ داروغا موجون ماڻين. پاڻي ھڪڙن جو، ڏين ٻين کي. زمينون ھڪڙا آباد ڪن ۽ ڍلون ٻين کان وٺن. چوريون ھڪڙا ڪن ۽ گرفتار ٻيا ٿين. ھر ھڪڙا ھلائين، مالڪ ٻيا ٿين. گھر ھڪڙن جا، مِلن ٻين کي. پوءِ نه دريون ۽ دروازا سلامت، نه ڪٻٽ ۽ شيشا سلامت، نه مال ۽ اسباب سلامت، نه سِرون ۽ ٽائلس سلامت. عمارتون تاراج آھن. چور شاھه آھن ۽ شاھه چور آھن!
چور نه مِلي ته چاڪي سھي، پوليس جو ٿاڻو نه آھي پر گھر ويٺي ناڻو! بدمعاش کِلندا رھن ۽ اشراف روئيندا رھن. بچو بادشاھه ۽ پيرو وزير، پخاليءَ جو پُٽ ڪڏھن دھليءَ جي تخت تي، ته ڪڏھن ڪابل جي تخت تي!
گرگ ميرو سک وزير و موش ديوان مي شود
زاغ ضابطه خرطبايه ملک ويران مي شود
آخر انھن گدڙن، ڪتن، ڪيئنِ، ڪانگن ۽ گڏھن کان منھنجي جھان کي ڪڏھن ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو؟
عدل ۽ انصاف جو تڏو کڄي ويو، حيا ۽ احسان جو ڏيوالو نڪري ويو، ظلم ۽ ستم جو اڏو اڏجي پيو، ملڪ سمورو ويران ٿي ويو، بجيٽ ۾ کوٽ، خرچ ۾ واڌارو، بدڪار زور، خلق ڪمزور، وڃي سو وڃي ڪيڏانھن. تنھنجي اشاري سان ڪايائون پلٽجي وڃن، سلطنتون مٽجي وڃن، مورتون ۽ سيرتون مٽجي وڃن، بيابان گلستان ٿي وڃن، مشڪلاتون آسان ٿي وڃن، سُڪار ۽ سعادتون موٽي اچن، رٺل يار پرچي پون، وڇڙيل ساٿي وري ملن، بيحال مالا مال ٿين، ڪريل قومون اٿي پون، ڦٽل بخت کلي پون، تنھنجي اشاري جي دير آھي. ھاڻي دير نه ڪر، فرشتن کي حڪم ڪر ته قلندر جي دعا تنھنجي عرش معلى تائين پھچائي ڇڏين، قلندر جي دعا قبول ڪر، اسان جو خطائون معاف ڪر، اسان جا گناھه بخش، اسان کي قومن جو امام ڪر، اسان جي سنڌڙيءَ کي ۽ اسان جي پاڪستان کي ساري جھان جو سرتاج ڪر، آمين، ثم آمين يا رب العالمين والرحم الراحمين.
روزانه ” سنڌ “ ڪراچي اڱارو 16 نومبر 1948ع