ڪک ھيٺان لک
مسلمانن کي خدا، ڪھڙي خدا وندي مشن جي پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آھي؟ شاہ عبداللطيف سنڌ ۾ ڇو پيدا ٿيو؟ قلندر سنڌ ۾ ڇو پنھنجو ديرو ڄمايو؟ انڊس ماٿريءَ جي ڪھڙي علائقي ۾ اصحابن سڀ کان اول قدم رکيو؟ ھندوستان کي اسلام جو فيض ڪٿان حاصل ٿيو؟ بايزيد بسطاميءَ کي روحاني فيض ڪٿان نصيب ٿيو؟ عبدالقادر جيلانيءَ جو پوٽو ڇو سنڌ ۾ مدفون ٿيو؟ قرآن جا مفسر ڇو ھتان اٿيا؟ مذھبي درس ۾ ڪنھن جا ڪتاب داخل ٿيا؟ تصوف جا چشما ڪٿان جاري ٿيا؟ ڇو اڪبر سنڌ ۾ ڄائو؟ ڇو شيرشاھه سوري ملتان مان نڪري نروار ٿيو؟ ڇو بلگرامي سادات سنڌ ۾ وارد ٿيا؟ بيربل ۽ ملافيضي ڪٿي جا رتن ھوا؟ شاھه اسماعيل دھلوي ڇو سنڌ مان جھاد جاري ڪئي؟ حرمين شريف، بغداد، دمشق ۽ قاھرہ جي مدرسن ۾ ڪنھن درس ڏنو؟ ڇا سنڌ جي سرزمين عرب جو حصو آھي يا ايشيا جو مرڪز آھي؟ ڇو خلافت جو غلبو سنڌ مان اٿيو؟ ڪنھن ھجرت جي ھل چل ھلائي؟ ڪنھن ترڪ موالات جي تجويز پيش ڪئي؟ ڪنھن پاڪستان جي صدا بلند ڪئي؟
اي سنڌ جا مسلمان! تون ٻڌاءِ ته سھي ته ڇا تون به مسلمان آھين؟ڇا تنھنجي روح به حجازي ھير جي وچ ۾ پرورش پاتي آھي؟ تنھنجي من ۾ محمدي محبت جي ڪارتي بچي ويئي آھي؟ ڇا تنھنجو وجود به تصوف جي خزانن جو امين آھي؟ ڇا تون به عملي ڪمال ۾ دنيا ۾ ڪو نالو ڪڍيو آھي؟ ڇا وڏن جي ورثي مان توکي به ڪو حصو مليو آھي؟ ڇا اڄ به تون دنيا جي ڪنھن يونيورسٽي جو استاد ۽ پروفيسر آھين؟ آھي تنھنجو ڪو لکيل ڪتاب دنيا جي ڪنھن درس ۾ داخل؟ اڄوڪي لٽريچر ۾ توکي به ڪو حصو حاصل آھي؟
پريشان نه ٿي اي برادر! تنھنجو مستقبل اڃا به روشن ٿي سگھي ٿو. اڄ مان تون پنھنجو سڀاڻي ٺاھي سگھين ٿو. امروز کان تنھنجو فردا مون کي وڌيڪ عزيز آھي، دنيا ۾ بادخزان جي حملن کان ڪوبه پاڻ کي بچائي نه سگھيو آھي، پر تنھنجي بھار اچڻ واري آھي، تنھنجو ستارو روشن ٿيڻ وارو آھي،تنھنجو خمير ۽ ضمير ٻئي فطرت تي قائم آھن. تو ۾ اڃا تائين سادگي ۽ سچائي ۽ اخلاص جون صلاحيتون موجود آھن، تو ۾ ھيرا موتي لعل لڪل آھن. جيڪڏھن پاڪستان کي ڪراچي جي ضرورت آھي ته سموري مشرق کي سنڌ جي ضرورت آھي. تنھنجي زبان فطرت جي ترجمان آھي، تنھنجو قلب فرشتن جي منزل گاھه آھي. تون منزل جي ويجھو پھچي ويو آھين، تون سستي نه ڪر، ھمت نه ڇڏ، حوصلو ڌار، وک وڌاءِ، منزل مقصود بلڪل قريب آھي، بخل نه ڪر، بي ايمان نه ٿي، جھالت ڇڏي ڏي، اخلاق درست ڪر، علم حاصل ڪر ۽ عمل به ڪر، اخلاق پيدا ڪر، پوئتي نه پؤ، پٺيان نھار، واٽ تي جبل اچي، ٿڏيندو وڃ، بيابان اچي لتاڙيندو وڃ، دريا اچن پار لھندو وڃ، لالچون اچن ته ڌيان نه ڏي، فولادي ارادو ڌار، عزم راسخ رک، نظر بلند رک، پنھنجي قوم جي دل وٺ ۽ ھن کي غار مان ڪڍي ٻاھر ڪر، سنڌ جي ريگستان کي گلستان بڻائي ڇڏ ۽ تون ان گلستان جو ھڪ گل گلاب جو آھين. تون پنھنجي خوشبوءِ سان ساري پاڪستان کي خوشبودار ڪري ڇڏ. تون مرد مجاھد آھين. جنھن نفس کي ماريو تنھن دشمن کي ماريو، جنھن نفس کي سڃاتو تنھن رب کي سڃاتو، جنھن نفس کي تابع ڪيو تنھن شينھن ۽ ھاٿين کي به تابع ڪيو، جنھن نفس سان جنگ ڪئي تنھن فرعون ماري مڃايو. جنھن نفس کي شڪست ڏني تنھن شيطان کي شڪست ڏني، جنھن نفس کي مطيع ڪيو تنھن جنن ۽ فرشتن کي مطيع ڪيو، جنھن نفس تي قبضو ڪيو تنھن سڀني عناصرن تي قبضو ڪيو.
اھڙو اڪيلو مجاھد فوجن کي ڀڄائي ڪڍندو، ھوا جو رخ ڦيري سگھندو، بندوقن جون گوليون، توبن جا گولا، ائٽم بم جا شعلا، ھن جي حڪم سان پاڻي ٿي پوندا، محمدي محبت جا ماريل ھرگز ڪين مرندا، اھي جُڳ جُڳ جئرا رھندا. ھي جھان به انھن جو آھي، تون توبھه ڪر، سجاڳ ٿي، قلندري دعوت قبول ڪر، ۽ مرد مجاھد ٿي وڃ، اي سنڌ جا مسلمان!
روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، آچر 29 آگسٽ 1948ع