سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

مهاڳ: راز ڀٽو جو سفرِ عراق و ايران (الطاف شيخ)

دنيا جا مسلمان حج جي فرض هجڻ ڪري مڪي ۽ مديني يعني حجاز، جنهن کي گذريل صديءَ کان سعودي عرب سڏيو وڃي ٿو، اتي وڃن ٿا. حج کان علاوه سڄو سال عمري لاءِ پڻ وڃن ٿا. ان کان علاوه اسان جا ماڻهو ايران، عراق ۽ شام پڻ وڃن ٿا، جتي پڻ زيارت لاءِ ڪيتريون ئي جايون آهن. ڏٺو وڃي ته جيترا ماڻهو انهن پاڪ جاين تي وڃن ٿا اوترا سفرناما يا گائيڊ بوڪ نه آهن، خاص ڪري ايران عراق ۽ شام بابت. ايران جي سفر بعد مون سفرنامو “ايران ڏي اُڏار” لکيو هو، پر اهو ايڏو وڏو هو جو هڪ مسافر لاءِ گائيڊ بوڪ طور کڻي هلڻ بدران هڪ اڪيڊمڪ ٽائپ ٿي پيو هو، جنهن ۾ تاريخي، سياسي ۽ سماجي احوال به سمائجي ويو. جهاز جي عراق وڃڻ ڪري عراق جي ڪيترن ئي شهرن ۽ اتي جي ندين دجله ۽ فرات بابت ڳالهيون ۽ قصا پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن “دنيا رنگ رنگيلي”، “جيءُ اندر جھاتي” وغيره ۾ لکي چڪو آهيان، پر اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ڪارآمد آهن جيڪو اتي جي تاريخ کان واقف آهي ۽ جنرل ٽوئرسٽ آهي، جو ايران جي سفرنامي بعد ڪيترائي دوست خاص ڪري اهل تشيع ۽ ٽريول ايجنٽ مون کي صلاح ڏيندا رهيا ۽ ڪيترا ته سڄو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ حامي ڀري رهيا هئا ته آئون هڪ دفعو زيارتين جي قافلي سان عراق ۽ شام وڃان ۽ اهڙو احوال لکان جو اهو سفرنامو اتي جي پاڪ جاين ڏانهن ويندڙ ماڻهن لاءِ ڪارائتو هجي. هن عمر ۾ مون پاڻ ۾ سفر جي همت نٿي ساري پر اها ضرور خواهش رکي ٿي ته اسان جي ماڻهن مان ڪنهن کي ان قسم جو سفرنامو ضرور لکڻ کپي.
گذريل هفتي راز ڀٽو نالي ڪنهن صاحب ٽيليفون ڪري مون کي سندس لکيل ايران ۽ عراق جي سفرنامي لاءِ پيش لفظ لکڻ لاءِ چيو. آئون به ڪنهن اهڙي موڊ ۾ هوس جو ها ڪري ويٺس. يعني Commitment ڪري ويٺس. جيتوڻيڪ پوءِ ڏاڍو پڇتايم ته پنهنجي لکيل مضمونن جا پروف ڏسڻ لاءِ مون کي وقت نٿو ملي، ٻئي جو سڄو ڪتاب پڙهڻ جي ڪٿان آئي همت. ان سوچ ۾ ئي هوس ته ٻن ٽن ڏينهن بعد “راز” صاحب جو لکيل مسودو پوسٽ ذريعي ملي ويو. دل ۾ چيم ته هي ڪم ته منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو جو مواد ڪمپوز ٿيل هجي ها ۽ اي ميل ڪيو وڃي ها ته آئون پنهنجي مرضيءَ مطابق ان کي وڏي فونٽ ۾ پرنٽ ڪري آرام سان پڙهي سگھان ها پر پوءِ صفحن جو تعداد وغيره جانچڻ لاءِ عينڪ لڳايم ته واهه جا اکر نظر آيا، جن لاءِ موتيءَ داڻا چئبو آهي. منهنجي دوستن ۾ قمر شهباز هوندو هو جنهن جي سنڌي صورتخطي اهڙي سٺي هوندي هئي ۽ ٻيو شايد بشير مورياڻي هو، ٻئي چوندا هئا ته هو ماستر ٿي رهيا آهن، ان ڪري سندن هينڊ رائيٽنگ سٺي ٿي.
بي خياليءَ ۾ وچ وچ مان پڙهڻ لڳس ته ڇڏڻ تي دل ئي نه چوي. واهه جو روان سفرنامو لڳو. واهه جا مثال، چوڻيون ۽ ٺيٺ لفظ نظر آيا. مون ته هن همراهه کان پڇيو به نه ته عمر ڇا اٿس، نوڪري ڪهڙي ٿو ڪري وغيره. پر مون کي پڪ ٿي ته هي ٽيچر ماڻهو آهي يا قمر شهباز ۽ بشير مورياڻيءَ وانگر نوڪريءَ جي شروعات ماستريءَ سان ڪئي هوندائين. اهو پڻ سوچيم ته اهو ٿي نٿو سگھي ته “راز” ڀٽو صاحب جي هي پهرين لکڻي هجي. هونئن ته ڪيترن ئي اديبن جي پهرين لکڻي يعني ڪتاب وڌيڪ دلچسپ ٿيندو آهي پر هن سائينءَ جي لکڻيءَ ۾ پختگي ٿي لڳي.
ٻئي ڏينهن راز ڀٽو صاحب کي سندس مواد ملڻ جي اطلاع ڪرڻ سان گڏ سندس زندگيءَ جو احوال ورتم ته خبر پئي ته هو درس و تدريس جي ڪم سان واڳيل رهڻ بدران بينڪنگ ۾ رهيو آهي، نواڙو ليکڪ جي ڄم جو ڳوٺ آهي، جتي هن پهرين مارچ 1955ع تي اک پٽي. هن پرائمري تعليم نواڙي مان ۽ ڀر واري ڳوٺ سوڀو ديرو مان ميٽرڪ حاصل ڪئي ۽ بي اي سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۽ ايم اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. هن جو سبجيڪٽ انٽرنيشنل رليشنز هو. ماسٽرس بعد هن قانون جي ڊگري ايل ايل بي حاصل ڪئي ۽ نوڪري حبيب بينڪ ۾ ڪئي. 2015ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وقت هو سب سينٽر سکر ۾ “انچارج لٽيگيشن” هو. کيس پنج ٻار آهن: عابده راز جنهن انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ سندس گھر وارو ڊاڪٽر عبدالجبار ڀُٽو اسلام آباد جي پوليڪلينڪ ۾ آهي. ان بعد عابد حسين راز آهي، جيڪو پاڪستان ايئرفورس ۾ اسڪارڊرن ليڊر آهي ۽ ميانواليءَ ۾ پوسٽنگ اٿس. ان بعد ساجده راز آهي، جيڪا خيرپور ميرس جي مهراڻ يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ ڪمپيوٽر سسٽم جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندن چوٿين ٻار جو نالو شاهده راز آهي، جنهن ايم اي آءِ آر شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪئي. آخري ٻار ساجد حسين راز ڀٽو آهي، جنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾ بي ايس قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه مان ڪئي آهي.
“نواڙي کان نيشاپور تائين” راز ڀٽو جي پهرين لکڻي ناهي. هو هڪ مشهور اديب ۽ شاعر آهي، جنهن جا ڪالم ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. ان کان علاوہ سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ “يادُن جي دولت” ۽ ٻيو مجموعو : “اڻ ڏٺو عشق.” شاعريءَ جو شوق مون کي ناهي، ڪالم مون نه پڙهيا هئا، باقي علي گل ڀٽو (تخلص راز) جو هي سفرنامو پڙهي آئون نه فقط سندس لکت پر لکڻيءَ مان بيحد متاثر ٿيو آهيان. جنهن دلچسپ انداز ۾ هن جيڪو هي ايران ۽ عراق جو سفرنامو لکيو آهي، اهو پڙهي مون ته کيس صلاح ڏني ته سيگھه ڪر، شام هليو وڃ، جيئن موٽڻ تي هڪ عدد ڪتاب شام جي پاڪ جاين تي به لکي سگھين ۽ اوڏانهن ويندڙ مسافرن کي اتي جي جاين جي معلومات ۽ سفر جي ڄاڻ ٿي سگھي. ڀلا شام جون اڄ ڪلهه حالتون صحيح نه آهن ته ڪنهن ويجھي هنڌ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي (سري لنڪا) ڏي هفتو کن وڃ. مون کي پڪ آهي ته تون جيڏانهن ويندين، اها جاءِ کڻي ڪيڏو به ڏور هجي پر تنهنجو سفرنامو پڙهندڙن کي دلچسپ لڳندو.
راز صاحب پنهنجي هن ايران ۽ عراق جي سفرنامي جو نالو “نِواڙي کان نيشاپور” به واهه جو رکيو آهي. هن پنهنجي ڳوٺ “نواڙي” کي ايران جي مشهور صوبي خراسان جي هڪ ڳوٺ “نيشاپور” سان ملايو آهي. بهرحال ڳوٺ ته هاڻ نه نواڙو رهيو آهي، نه نيشاپور؛ انهن کي شهر ئي سڏجڻ کپي، نه ته اتي جا ماڻهو دل ۾ ڪندا، جيئن اسان جو ڳوٺ هالا جيڪو اڄ کان 60 سال اڳ واقعي ڳوٺ هوندو هو، 1958ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ وڃڻ وقت اسان ڳوٺن کان آيل ٻارن ۾ شمار ٿيندا هئاسين ۽ اڄ به آئون هالا کي ڳوٺ چئي مخاطب ٿيان ٿو يا لکان ٿو ۽ ڪيترا پڙهندڙ ان تي اعتراض ڪن ٿا. بهرحال ڀلا ڀاڳ ڳوٺ نواڙو ۽ اتان جي رهاڪن جا جن جي نواڙي کي سندن ڳوٺ جي ليکڪ راز ڀٽو (علي گل) نيشاپور سان ملائي امر ڪري ڇڏيو آهي. ڀل سنڌ جي ماڻهن نواڙي جو نالو نه ٻڌو هجي پر مشهد (ايران) جي نيشاپور کان ڪير نه واقف هوندو، خاص ڪري خيرپور، روهڙي، سکر پاسي جا ماڻهو جيڪي سنڌ مان سڀ کان گھڻو ايران وڃن ٿا. نيشاپور- جيڪو شهر آتش پرست ساساني سلطنت جي بادشاهه شاهپور اول پنهنجي پيءُ ارد شير اول جي وفات بعد 240ع کان 270ع تائين ايران تي حڪومت ڪرڻ دوران ٻڌرايو. ساساني سلطنت جيڪا آخري ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم جي سال 651ع ۾ مرڻ تائين رهي. طاهري گھراڻي (طاهريان) جي دور حڪومت (821 کان 873ع) تائين نيشاپور گاديءَ جو شهر رهيو. هن سلطنت جو باني طاهر ابن حسين هو، جيڪو عباسي خليفي المامون وٽ فوجي جنرل هو. بعد ۾ هن جي پٽ عبدالله طاهر پنهنجي حڪومت ۾ 830ع ۾ نيشاپور کي خوب ٺاهيو جوڙيو. طاهريان بعد 1037ع ۾ هي شهر سلجوقن جي قبضي ۾ آيو. سلجوق گھراڻي جي باني تغرل بيگ نيشاپور کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ جو شهر ٺاهيو. 1153ع ۾ هن شهر کي نه فقط اوغوز ترڪن ڀيليو پر زلزلن به ستياناس ڪئي پر ان هوندي به نيشاپور پنهنجي بقا قائم رکي ۽ هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت ۾ رهيو. ساماني سلطنت (سامانين) جي دور حڪومت (جيڪو 819ع کان 919ع تائين رهيو) ۾ به نيشاپور انتظاميا ۽ واپاري لحاظ کان اهم شهر رهيو. عباسي گھراڻي کان وٺي منگولن جي حملن تائين نيشاپور اسلامي دنيا جو اهم ڪلچرل، ڪمرشل ۽ عالمن جو شهر رهيو. ان وقت جي خراسان ۾ نه فقط اڄ وارو ايران جو “رضوي خراسان” آيو ٿي پر ايران جا ٻيا حصا، افغانستان، ازبڪستان وغيره جا به وڏا حصا اچي ويا ٿي- جنهن خراسان جي چئن وڏن شهرن مان نيشاپور هڪ هو ۽ باقي ٽي شهر هئا: مرو (Merv)، هرات ۽ بلخ.
نيشاپور ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا عالم ۽ ٻوليون ڳالهائڻ وارا رهيا ٿي ۽ نيشاپور وچ ايشيا جي ملڪن ۽ چين، عراق ۽ مصر واري واپاري لنگھه (Route) تي هڪ خوشحال شهر هو. تان جو 1221ع ۾ چنگيز خان ۽ منگولن نه رڳو هن شهر جون عمارتون ۽ باغ بستان تباهه ڪيا پر خدا جي مخلوق جو عام ڪوس ڪري شهر جون گھٽيون ۽ چونڪ رت سان ڳاڙها ڪري ڇڏيا، بازاريون ۽ مارڪيٽُون ويران ڪري ڇڏيون، ان مٿان قدرت جو قهر زلزلن جي شڪل ۾ نازل ٿيو. ايتري قدر جو هتي جي ڪاشيءَ جا ڪارخانا ته هميشه لاءِ ختم ٿي ويا، جنهن هنر کان نيشاپور دنيا ۾ مشهور هو. ڪاشيءَ جو هي هنر هن شهر نيشاپور کان اسان جي شهر هالا، نصرپور ۽ ملتان ڏي به آيو. آئون ته اهو سمجھندو هوس ته “ڪاشي” نج سنڌي لفظ آهي پر مشهد کان نيشاپور بس ۾ سفر دوران رستي ۾ اڄ ڪلهه جي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانن جي ٻاهران “صنعت ڪده ڪاشي”جهڙا لفظ پڙهي نه فقط اها ڄاڻ ٿي ته اسان وٽ اهو لفظ ۽ هنر (ڪاشي) ايران مان آيو، جيئن جپان مان ڪيتريون ئي شيون چين کان آيون. بهرحال ان روڊ تي اهي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانا ڏسي هن شهر جي ماضيءَ کي ساريم جنهن جو تفصيلي احوال پنهنجي ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۾ لکيو اٿم. اڄ به ڪنهن کي ان وقت جي نيشاپور جي “ڪاشي” ڏسڻي آهي ته هو ان جا نمونا تهران ۽ مشهد جي “ميٽرو پوليٽن ميوزيم آف آرٽ”۾ ڏسي سگھي ٿو.
نيشاپور اهو شهر آهي جتي فريد الدين عطار جهڙو صوفي شاعر رهيو، جنهن جو “منطق الطير” جهڙو ڪتاب (The Conference of Birds) دنيا ۾ مشهور آهي. نيشاپور اهو شهر آهي، جتي محمد غفاري (ڪمال الملڪ) جهڙو پينٽر رهيو، جنهن تي ايران وارن 1984ع ۾ فلم پڻ ٺاهي. مطلب اهو ته اسان جي ليکڪ راز ڀٽو صاحب جنهن شهر جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي ۽ جنهن جي نالي کي هن پنهنجي سفرنامي جي عنوان ۾ هنيو آهي، ان ۾ اهم شخصيتن جنم ورتو آهي، جن جي ڪري دنيا نيشاپور کي صدين کان سڃاڻي ٿي. راز ڀٽو صاحب جي هن سفرنامي جي عنوان ۾ نيشاپور سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي يعني ڳوٺ نواڙي کي عزت بخشي آهي، مشهوري ڏني آهي، ڏيڻ به کپي. هاڻ هي ڪتاب پڙهڻ وارن کي گمبٽ، راڻيپور يا خيرپور ويندي راز (علي گل) ڀٽو ۽ ان جو ڳوٺ نواڙو ضرور ياد ايندو، جن شهرن کان نواڙو ٻارهن تيرهن ڪلوميٽرن کان 45 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. سچ ته اهو آهي ته ان کان اڳ آئون نواڙي کان سڏ پنڌ تي رهيل هوس پر نواڙو ياد نه آيو. اڄ کان 60 سال کن اڳ جڏهن آئون ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪري رهيو هوس ته اونهاري جي موڪلن ۾ پنهنجي خيرپور جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ سان گڏ هفتو کن سندس ڇتري چوڪ واري گھر ۾ اچي رهيو هوس ۽ پوءِ اسان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سوڀوديرو آيا هئاسين. جيڪو اسان جي مرحوم شاعر تنوير عباسي ۽ هن جي ڀائر انجنيئرن اي اين جي عباسي، اعجاز عباسي، مشهور ليکڪ الطاف عباسي ۽ پڻ تاجل بيوس ڪري سڀني سڃاتو ٿي. سوڀي ديرو کان نواڙو فقط چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ ايتري ئي فاصلي تي نواڙو سڳيون شهر کان آهي- يعني ڪياماڙيءَ کان ٽاور به گھڻو رستو ٿيو.
نيشاپور پهچڻ تي اوهان کي ڪيتريون ئي ماضيءَ جون شخصيتون ياد اچن ٿيون، انهن مان اسان لاءِ سڀ کان اهم شخصيت مسلم بن الحجاج آهي، جنهن کان هر مسلمان واقف آهي. ايران ۾ هو مسلم نيشاپوريءَ جي نالي سان به مشهور آهي. هو 815ع ۾ نيشاپور ۾ ڄائو ۽ 875ع ۾ وفات ڪيائين. توهان سڃاتو ته هي بزرگ ڪير هو؟ هي آهي محدث امام مسلم جنهن جي گڏ ڪيل حديثن جو ڪتاب “صحيح مسلم” سڏجي ٿو. جيئن حديث جو هڪ ٻيو ڪتاب “صحيح بخاري” سڏجي ٿو.
اهڙي طرح هن شهر نيشاپور جو “ابوالعباس ايران شهري” نائين صديءَ جو هڪ مشهور فيلسوف ، حسابدان، سائنسدان، مذهب جي تاريخ جو ڄاڻو، ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي جنهن جي ٽرگناميٽري ۽ تارن جي چرپر جي ڄاڻ مان اڄ به اسان جا جهاز هلائيندڙ لاڀ حاصل ڪن ٿا. 1048ع ۾ هن شهر نيشاپور ۾ جنم وٺندڙ ۽ 1131ع ۾ وفات ڪندڙ اسان جي اسڪول ڏينهن جي دلپسند شاعر عمر خيام جو مقبرو پڻ هن ئي شهر ۾ آهي، جنهن جي خوبصورت تصوير توهان يوسف سنڌيءَ جي ايران جي سفرنامي “ايران ۾ اڌ مهينو” جي پٺئين ٽائيٽل تي ڏسي سگھو ٿا. اڄ ڪلهه جي خبر نه اٿم جو اڄ ڪلهه سرڪاري طرح ملڪ ۾ جڏهن شراب تي ئي بندش آهي، سو درسي ڪتاب ۾ عمر خيام جون انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل رباعيون ڪيئن ٿيون رکيون وڃن، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ عمر خيام جي شراب جي شوق بابت ۽ ساقي ۽ جوٽ تي ليٽايل محبوبا بابت هونديون هيون ۽ اسان کي خوب ياد ڪرڻيون پونديون هيون. بليو نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي سِرن مان ٺهيل عمر خيام جي مقبري تي چوڌاري سندس ڪيتريون ئي اصل ٻولي يعني فارسيءَ ۾ رباعيون لکيل آهن. فارسيءَ کان آئون اڻ واقف آهيان پر ڪي ڪي لفظ پڙهي سمجھي سگھان ٿو ته هيءَ هيءَ رباعي اها آهي جيڪا اسان انگريزي ترجمي ۾ پڙهي، جيئن ته:

Whether at Naishapur or Babylon,
Whether the Cup with sweet or bitter run,
The Wine of Life keeps oozing drop by drop,
The leaves of Life keep falling one by one.


شايد هي به آهي جو مقبرو امام خمينيءَ جي انقلاب کان اڳ جو ٺهيل آهي، جڏهن ايران ۾ به شراب هليو ٿي ۽ خوب هليو ٿي. هينئر پراڻي مقبري جي جاءِ تي مزار مٿان جديد ننڍڙو چبوترو اڏيل آهي.
چندان بخورم شراب ڪاين بوي شراب،
آيد ز تراب چون روم زير تراب،
گر برسر خاڪ من رسد مخموري،
از بوي شراب من شود مست و خراب.

Drinking wine is my travail
Till my body is dead and satle
At may grave site all shall hail
Odor of Wine shall prevail .
سٺ سال وڏو عرصو آهي. جڏهن آئون سوڀو ديرو، نواڙو، سڳيون جهڙن سنڌ جي ڳوٺن مان ٿي ويو هوس، ان عرصي بعد ته هاڻي ملائشيا ۽ ٿائلينڊ جا ڳوٺ ته الائي ڇا پر ڪمبوڊيا، ويٽنام جهڙن ملڪن جا ڳوٺ به ڪارخانن ۽ فيڪٽرين کان، اسڪولن، ڪاليجن، پارڪن ۽ اسپتالن کان مانچسٽر ، سنگاپور ۽ سماترا جو ڏيک ڏين ٿا. رڳو سکر واري پاسي کان بارڊر ٽپ ته انڊيا جي گجرات ۽ راجسٿان رياست جا ڳوٺ به بيڪانير ٿيندا وڃن ۽ بيڪانير ته يورپ ٿو لڳي. سو، نيشاپور بابت لکڻ بعد نواڙي تي لکڻ لاءِ راز ڀٽو صاحب کان جڏهن سندس ڳوٺ جي اهم ماڻهن بابت پڇيم ته ڪيترن مختلف سبجيڪٽن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي. ڳوٺ جي ماڻهن جي روزگار لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪارخانا آهن، وغيره وغيره... پر افسوس، سندس پنهنجي ڳوٺ جي ترقيءَ بابت اهو ئي جواب هو جيڪو سنڌ جي گھڻن تڻن ڳوٺن جو آهي ته سائين! اتي ئي آهيون، جتي اوهان ڇڏيون... ٺهيو! اهو به شڪر جو راز صاحب هي سفرنامو لکيو جنهن جي عنوان سندس ڳوٺ کي ناليرو بڻايو. ڇا ڪجي، هر ڪو پنهنجي ڳوٺ کي پڏائڻ چاهي ٿو، پوءِ ڀلا ٻي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي ته ان کي ڪنهن ٻئي شهر يا ملڪ سان لاڳاپي ماڪوڙيءَ وارو ڪم ڪرڻو پوي ٿو: چرچو مشهور آهي ته بئنڪاڪ مان وهندڙ چائو فرا درياهه جو ڪو ڪئنال هڪ هاٿيءَ کي ٽپائي رهيا هئا. ڪاٺ جي ٺهيل پل بيحد پراڻي اڏوهي کاڌل هئي، جنهن تان هاٿيءَ جو پيلي بان هاٿيءَ کي آهستي آهستي ڪري درياهه ٽپائي ٻئي پاسي وٺي آيو. هاٿيءَ سان گڏ پٺيان پٺيان ڪا ماڪوڙي به اها پل ٽپي رهي هئي. پل ٽپڻ بعد ماڪوڙيءَ آسمان ڏي نهاري چيو ته شڪر آهي جو اسان ٻنهي (يعني هاٿي ۽ سندس) وزن سان پل ٽٽي ناهي! سو ڪڏهن ڪڏهن اسان اديبن کي به ماڪوڙي ٿيڻو پوي ٿو ۽ سفرنامن جا نالا “مڪليءَ کان ملاڪا”، “ڳوٺ جروار کان جپان”، “نيو هالا کان نيويارڪ” رکڻا پون ٿا. جيتوڻيڪ اها ٻِي ڳالهه آهي ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون سامونڊي سفر شروع ڪيا ته ملاڪا کان مڪلي ۽ نيويارڪ شهر جي هڪ حصي هارلم کان هالا تمام گھڻو سهڻو ۽ صاف سٿرو هو.
بهرحال اهو ضررو چوندس ته راز صاحب جو هي جيتوڻيڪ پهريون سفرنامو آهي، پر هن زائرين جي ڄاڻ ۽ رهنمائيءَ لاءِ بيحد ڪم جي شيءِ لکي آهي. هڪ ٽوئرسٽ جنهن کي ايران جي مذهبي جاين کان علاوه ٻين شهرن ۾ به جي وڃڻو آهي ۽ هن کي جي وقت ۽ دلچسپي آهي ته پوءِ هو ڀلي اسان جهڙن يعني يوسف سنڌي يا منهنجو لکيل ايران جو سفرنامو پڙهي پر ڪنهن کي ايران ۽ خاص ڪري عراق جي پاڪ جاين، مشهد، نيشاپور، قم، ڪربلا، نجف وغيره جي زيارت لاءِ وڃڻو آهي ته پوءِ آئون اهائي صلاح ڏيندس ته هو راز صاحب جو هي سفرنامو “نواڙي کان نيشاپور” نه فقط گھران پڙهي نڪري پر سفر ۾ به پاڻ سان گڏ رکي ۽ راز صاحب کي سفر ۾ آيل ڏکيائين، مونجھارن، مشاهدن ۽ تجربن مان رهنمائي حاصل ڪري.
اسان جي ليکڪ جو هي سفر ايران (جيڪو اسان جي ويجھو آهي) بدران عراق کان شروع ٿئي ٿو. جيئن ڪنهن زماني ۾ جڏهن جدي جو بندرگاهه ايڏو ماڊرن نه ٿيو هو ته سامونڊي سفر وارا حاجي سعودي عرب جي ينبوع بندرگاهه ۾ لهندا هئا، جيڪو پڻ بحر احمر (Red Sea) ۾ آهي پر 300 کن ڪلوميٽر وڌيڪ پري ۽ مديني جي ڀرسان آهي. مسافر ينبوع بندرگاهه ۾ لهي پهرين مديني ايندا هئا ۽ ان بعد باءِ روڊ، اٺن ذريعي مڪي ايندا هئا. بعد ۾ پاڻيءَ جا جهاز ماڊرن ۽ وڏا ٿيا ۽ جدو بندرگاهه وڌيڪ جديد ٺهيو ته ڪَل جا جهاز (Stream Ship) جدي اچڻ وڃڻ لڳا، جيئن بمبئيءَ جي بندرگاهه ٿيڻ تي گجرات پاسي جي پراڻي بندرگاهه سورت جي اها اهميت نه رهي. ينبوع اڄ به سعودي عرب جو مشغول بندرگاهه آهي پر ان بندرگاهه تي هاڻي فقط مصر ۽ سوڊان پاسي جا جهاز لنگر انداز ٿين ٿا، جن ملڪن کي ينبوع ويجھو آهي؛ يعني مصر ۽ سوڊان يا ويندي يورپ پاسي کان بحر احمر ۾ داخل ٿيندي ينبوع پهرين اچي ٿو ۽ جدو بعد ۾. اسان جي ملڪن پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سري لنڪا يا ايران، ملائيشيا کان بحر احمر ۾ داخل ٿيڻ تي جدو پهرين اچي ٿو، جنهن کان مڪو اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي مس آهي. ان ڪري اسان جي ملڪن جا مسافر پاڻيءَ جي جهاز ۾ ويندا هئا ته جدي لهي پهرين مڪي ويندا هئا، پر پوءِ جڏهن کان هوائي جهاز عام ٿيا ۽ پاڻيءَ جي مسافر بردار جهازن جو اچڻ وڃڻ تقريباً نه برابر وڃي رهيو ته پوءِ هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ کان مڪي يا ڪراچيءَ کان مديني وڃڻ واري رستي ۾ ڪو خاص فرق نٿو پوي ۽ حاجي يا عمري لاءِ ويندڙ پنهنجي سهولت موجب پهرين مديني وڃن ٿا پوءِ مڪي يا مڪي وڃي پوءِ باءِ روڊ مديني وڃن ٿا.
اهڙي طرح ايران وڃڻ وارا به هوائي جهاز ۾ تهران پهچي پوءِ پهرين قم وڃن ٿا يا پهرين مشهد ۽ پوءِ ٻين شهرن ۾ وڃن ٿا. اسان وٽ ايڏي ايئر سروس ناهي، نه ته جيڪڏهن اسان وٽ پشاور جو هوائي اڏو بين الاقوامي اڏامن لاءِ ٿي پوي ته پشاور کان مشهد ته ڄڻ سڏ پنڌ تي ٿي پوي ۽ ڪي پي ڪي جا ماڻهو ته هميشه پهرين مشهد وڃن پر اها هوائي سروس نه هجڻ ڪري هنن کي سڄو ملڪ لتاڙي ڪراچي اچڻو پوي ٿو، جتان پوءِ ايئر ايران جي هوائي جهاز ۾ سڄو ايران لتاڙي مشهد پهچڻو پوي ٿو. جيئن سنڌ جي ماڻهن کي خاص ڪري عمر ڪوٽ، مٺي، ميرپور خاص جي ماڻهن کي کوکرا پار واري ٽرين نه هلڻ ڪري پهرين لاهور وڃڻو پوي ٿو، جتان واگھا بارڊر وٽان ٽپي انڊيا جي شهر امرتسر ۾ پهچي، پوءِ دهلي ۽ اڳتي ڏکڻ طرف احمد آباد، بڙودا وڃڻو پوي ٿو.
بهرحال اڳي ائين ٿيندو هو جو هرڪو پهرين ايران ويندو هو، پوءِ ان جي ڀر واري ملڪ عراق روانو ٿيندو هو ۽ پوءِ اڳتي شام جي زيارتن لاءِ ويندو هو. پر هاڻ ايڏي ته هوائي سروس ٿي وئي آهي ۽ ٽڪيٽن جا اگھه ۽ سهولتون ايڏيون مختلف ٿي ويون آهن، جو هر هڪ پنهنجي حساب ۽ سستائيءَ کي نظر ۾ رکي ان Sequence ۾ سفر ڪري ٿو.
اسان جي مسافر راز گل جو هي سفر ڪجھه هن ريت رهيو: هي ڪراچيءَ کان پهرين دبئي پهتو، دبئيءَ ان ڪري جو هن کي اتي ڪي زيارتون ڪرڻيون نه هيون پر دبئيءَ وارن جا هوائي جهاز (Air Emirates) جپان، شام، عراق، ملائشيا وڃڻ کان اڳ دبئي وڃن ٿا، جتي ٻين ڀر وارن ملڪن جا به گڏ ٿيل مسافر ملي هڪ وڏي جهاز ۾ منزل واري ملڪ ڏي وڃن ٿا. اسان جو مسافر دبئيءَ ۾ ڪجھه ڪلاڪن جي انتظار بعد عراق جي شهر نجف روانو ٿيو جيڪا هن جي پهرين منزل هئي. ڪيترائي زائرين عراق ۾ پهرين ڪربلا ۾ اچن ٿا يا عراق جي گاديءَ واري شهر بغداد ۾، ان بعد هو باءِ روڊ ٻين شهرن ڏي وڃن ٿا، بهرحال اهو مدار مسافر يا ان قافلي جي سهولت تي آهي، جنهن ۾ هو شامل ٿي اچي. عراق ۾ ته ڪافي سالن کان جنگي حالتون يا امن امان ۾ رخنو هجڻ ڪري زائرين کي سوچي سمجھي پروگرام ٺاهڻو پوي ٿو ۽ پاڻ کي محدود جاين تائين رکڻو پوي ٿو، جتي حالتون سلامتيءَ واريون هجن.
اسان جو ليکڪ راز ڀٽو پهرين نجف شهر ۾ اچي ٿو، جتي هو چار ڏينهن گذاري ٿو. هي شهر حضرت علي ابن ابي طالب جي مزار ۽ امام علي مسجد کان مشهور آهي. بغداد کان 160 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ فرات نديءَ جي ڀرسان آهي. سمجھو ته ڪراچيءَ کان حيدرآباد جيتري فاصلي تي آهي. بغداد عراق جي ٻِي مشهور ندي دجله جي ڪناري تي آهي، جيڪا انگريزيءَ ۾ Tigris سڏجي ٿي. هي شهر نجف شريف جيڪو النجف ۽ النجف الاشرف کان علاوه بانيقيا (Baniqia) به سڏجي ٿو. مڪي ۽ مديني بعد بيحد احترام وارو شهر سڏجي ٿو. سندس آدم شماري کڻي 10 لک ٿيندي پر محرم ۽ چاليهي جي ڏينهن ۾ زائرين جي وڏي تعداد ۾ پهچڻ ڪري ٽيڻي چؤڻي ٿيو وڃي. هي شهر صدين تائين تعليمي ادارن ۽ لئبريرين کان پڻ مشهور رهيو آهي. 1964ع کان 1978ع تائين امام خمينيءَ هن شهر ۾ ليڪچر ڏنا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي عراق، ايران ۽ لبنان جهڙن ملڪن ۾ اسلامي تحريڪون هليون، انهن جي سربراهن شهر نجف مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي.
هتي اهو به لکندو هلان ته دنيا جو آڳاٽو شهر بابل (Babylon) جتي سڪندر اعظم وفات ڪئي، ان جي لوڪيشن نجف کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن شهر النجف لاءِ چيو وڃي ٿو ته عباسي خليفي هارون رشيد 791ع ۾ اڏرايو.
سورهين صديءَ ۾ نجف تي ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جو قبضو ٿيو. سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ هن شهر تي سختيون آيون. هڪ طرف عربن جا قبيلا ته ٻئي طرف ايراني فوجون نجف تي حملا ڪري ڦر لٽ ڪنديون رهيون. مڪاني ماڻهن جي ايڏي لڏپلاڻ ٿي جو هي شهر ويران ٿي ويو. ان تباهيءَ جو وڏو سبب فرات نديءَ جي وهڪري جي تبديلي پڻ چون ٿا. ماڻهو پاڻيءَ لاءِ سِڪي ويا. پورچوگالي سياح پيڊرو ٽيڪسرا جيڪو 1604ع ۾ هن شهر ۾ آيو، اهو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته نجف شهر هن کي ويران ۽ کنڊرن جي حالت ۾ نظر آيو، جتي ڪي 500 ماڻهو به مس ٿي رهيا. فرات نديءَ جي وهڪري بدلجڻ ڪري نجف ۽ ڪوفي جا باغ بستان ۽ زرعي زمينون خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿي ويون. نجف ۾ هڪ دفعو وري خوش حالي تڏهن آئي جڏهن 1803ع ڌاري فرات ندي وري هن شهر وٽان وهڻ لڳي.
1915ع ۾ سلطنت عثمانيه جو نجف تان قبضو ختم ڪرايو ويو ۽ شهر جون واڳون برطانيا سلطنت حوالي ٿيون. 1918ع ۾ نجف جي عالمن انگريزن خلاف بلوو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيا. انگريزن هنن جي وڏي تعداد کي نجف مان ايران ڏي ڀڄائي ڪڍيو، جن اتي اچي قم شهر ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيو.
ڪربلا نجف شهر کان 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. چاليهي کان هفتو اڳ نجف ۾ گڏ ٿيل زائرين مان هزارين پيرين پنڌ هي فاصلو طئي ڪري ڪربلا پهچن ٿا. رستي تي مڪاني ماڻهن طرفان هنن لاءِ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست اڪثر مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو. ڪربلا اهو شهر آهي جتي حضرت امام حسين کي شهيد ڪيو ويو ۽ سندن روضو مبارڪ آهي. ڪربلا جو هي قضيو 10 محرم سال 61 هجري (10 آڪٽوبر 680ع ) ۾ پيش آيو، جيڪو عاشوري جو ڏينهن سڏيو وڃي ٿو. هن حق ۽ باطل جي لڙائيءَ ۾ امام حسين سان گڏ سندس 72 ساٿي شهيد ٿي ويا، جن ۾ ڇهه امام حسن جا ڀائر (عباس عليه سميت جن جو روضو مبارڪ پڻ ڪربلا ۾ ئي آهي) ٻه فرزند، ٽي امام حسين جا فرزند، ٽي جعفر ابن ابي طالب جا فرزند ۽ عقيل ابن ابي طالب جا ٽي فرزند ۽ ٽي پوٽا به شامل هئا. مڪي، مديني ۽ يروشلم وانگر ڪربلا پڻ مسلمانن لاءِ پاڪ جاءِ سمجھي وڃي ٿي، جتي جي زيارت لاءِ دنيا جا مسلمان ٻارهوئي ايندا رهن ٿا. عاشوري ۽ چاليهي وارن ڏينهن ۾ ته زائرين جو تعداد ڪروڙن ۾ پهچيو وڃي.
هن سفرنامي (نواڙي کان نيشاپور) جو ليکڪ راز ڀٽو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ نجف ۾ چار ڏينهن رهڻ بعد باءِ روڊ ڪربلا پهتو، جتي هن پنج ڏينهن گذارڻ بعد باءِ روڊ سفر ڪري هڪ ڏينهن سامراءِ (Samarra) ۾ ۽ هڪ ڏينهن بغداد ۽ ڪاظمين ۾ گذاريو. سامراءِ شهر بغداد جي اتر ۾ 125 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪپ تي آهي. عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ هي شهر گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو. هي شهر پڻ شيعن لاءِ مقدس آهي، جتي العسڪري مسجد ۽ شيعن جي ڏهين امام علي الهادي ۽ يارهين امام حسن العسڪريءَ جو مقبرو آهي. هي شهر “جنگ سامراءِ” کان به مشهور آهي، جيڪا عثمانيه ۽ ايرانين وچ ۾ 1730ع کان 1735ع تائين هلي، جنهن ۾ اڌ لک ترڪ ۽ يراني مارجي ويا يا سخت زخمي ٿيا جنهن بعد عراق سلطنت عثمانيه جي قبضي ۾ رهڻ جو فيصلو ٿيو. هن شهر جي مشهور مسجد العسڪري 944ع جي ٺهيل آهي يعني هن کي ڏهن کان به وڌيڪ صديون گذري چڪيون آهن.
اسان جي ليکڪ پنهنجي سفرنامي ۾ هڪ ڏينهن بغداد ۽ ڪاظمين شهر ۾ رهڻ جو لکيو آهي. ڪاظمين در اصل بغداد جو اتراهون حصو ئي سمجھجي، جيئن ملير، ماڙيپور يا منگھوپير ڪراچيءَ جا آهن. ڪاظمين بغداد شهر جي مرڪز کان ڪو 5 ڪلوميٽر به مس آهي. ڪاظمين شريف ٻن شيعا امامن جي مقبرن ڪري مشهور آهي، جن جي زيارت لاءِ اسان جا زائرين بغداد وڃن ٿا يعني بغداد جي هن حصي ڪاظمين ۾ وڃن ٿا. انهن مان هڪ امام موسيٰ الڪاظم آهي ۽ ٻيو هن جو پڙپوٽو امام محمد الجواد ابن علي الرضا. امام موسيٰ الڪاظم شيعن جو ستون امام هو. پاڻ ڇهين امام، امام جعفر الصادق جا فرزند هئا. سندن ڄم جو سال 744ع آهي ۽ سندن ڏينهن ۾ عباسي سلطنت جا المنصور ۽ هارون الرشيد خليفا هئا، جن هن امام تي مديني ۾ رهڻ دوران ڪيتريون ئي پابنديون مڙهي رکيون هيون. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هن کي بغداد جي قيد ۾ رکيو ويو، جتي 799ع ۾ وفات ڪيائون. هن امام بعد وقت جي خليفن ٻين امامن کي به مديني ۾ رهڻ بدران پنهنجي ويجھو بغداد يا سامراءِ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي.
ڪاظمين شريف ۾ مٿين ستين امام موسيٰ الڪاظم کان علاوه ٻيو مقبرو هن جي پوٽي يعني اٺين امام علي الرضا جي فرزند نائين امام محمد الجواد جو آهي. پاڻ 811ع ۾ ولادت حاصل ڪئي. کين ان وقت جي خليفي المامون پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائي پاڻ وٽ بغداد ۾ رکيو پر پوءِ پاڻ المامون جي حڪومت جي خاتمي تائين مديني ۾ ئي رهڻ ۾ ڪامياب رهيو. پوءِ جيئن ئي المتعصم نئون خليفو ٿيو ته هن امام محمد الجواد کي واپس بغداد گھرائي ورتو. جتي 835ع ۾ سندن وفات ٿي ۽ ڪاظمين ۾ دفنايو ويو.
عراق جي ٻن مشهور ندين: فرات ۽ دجله مان دجله ندي بغداد شهر جي وچ مان لنگھي ٿي جيئن چائو فرا بئنڪاڪ شهر مان ۽ ٽيمس ندي لنڊن مان. دجله نديءَ جي ڪري بغداد شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ الرصافه (Al-Rusafa)، دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪناري پاسي ته ٻيو الڪرخ (Al-Karkh) اولهه ڪناري پاسي. بغداد جي آدمشماري ڪراچيءَ جي اڌ جيتري ٿيندي يعني اسي نوي لک کن، جنهن مان 23 سيڪڙو سني آهن. بغداد نه فقط شيعا ۽ سنين جو شهر سڏيو وڃي ٿو پر ٻنهي فرقن جي مسلمانن ۾ شاديون پڻ عام ٿين ٿيون. ان کان سواءِ بغداد ۾ يهودين ۽ بهائين جو به وڏ تعداد رهي ٿو ۽ دنيا جا سک ياتري به سڄو سال بغداد ايندا رهن ٿا، جو هتي گرونانڪ جو هڪ آڳاٽو گورد وارو آهي، جيڪو پهرين جنگ عظيم دوران سک سپاهين کي بغداد مان لنگهندي نظر آيو، جيڪو ٻي جنگ عظيم دوران مرمت ڪيو ويو. چون ٿا ته گرو نانڪ سورهين صديءَ ۾ اٽڪل 1511ع ڌاري دنيا جي سير دوران مسلمانن جي پاڪ جاين جو ديدار ڪرڻ دوران هتي بغداد ۾ به آيو ۽ هي گورد وارو ٺهرايو.
عباسي خليفن جي دور حڪومت ۾- اٽڪل 762ع ڌاري هي شهر بغداد گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ ايندڙ 500 سالن تائين هي شهر نه فقط عرب تهذيب جو پر سڄي دنيا جو شاندار شهر مڃڻ ۾ آيو. 1258ع ۾ منگول چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان هن خوشحال شهر بغداد تي حملو ڪري لٽيو ڦريو ۽ نه رڳو عام ماڻهن جو ڪوس ڪيو پر وقت جي عباسي خليفي المتعصم کي به گھوڙن جي سنبن سان لتاڙي ماري ڇڏيو. ان سان گڏ عباسي سلطنت جو خاتمو ٿي ويو. بغداد هڪ دفعو وري ڌارين طرفان سخت تباهيءَ جو شڪار بڻيو. 1401ع ۾ تيمور لنگ بغداد تي حملو ڪري شهر جي تباهي آندي ۽ عوام جو قتل عام ڪرايو. ايتري قدر جو هن پنهنجي فوجين کي حڪم ڏنو ته هر سپاهي بغداد جي ٻن ماڻهن جو قتل ڪري، هنن جي سسين سان حاضر ٿئي، جن جو ڍير ڪري اهرام ٺاهيو ويو. بغداد جو اهو ئي حال 1258ع ۾ هلاڪو خان ڪيو هو. انهن ڏينهن تائين بغداد دنيا ۾ قلمي ڪتابن جي لائبريرين جو شهر هو. چون ٿا ته بغداد جي لائبريرين ۾ ايترا ته ڪتاب هئا جو هلاڪو خان جڏهن بغداد جي تباهيءَ وقت اهي ڪتاب دجله نديءَ ۾ ڦٽا ڪرايا ته انهن جي مس ڪري درياهه جو پاڻي ڪارو ٿي ويو. ان بعد جڏهن ٽي ڏينهن ماڻهن جو ڪوس جاري رکيائين ته دجله جي پاڻيءَ جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.
1534ع ۾ بغداد تي سلطنت عثمانيه جي ترڪن جو قبضو ٿيو. بغداد کي پليگ (وبا) ۽ ڪالرا به وڏو نقصان رسايو. بغداد ۾ هڪ ٻئي پويان سال 1689ع ۽ 1690ع، 1772ع، 1773ع ۽ 1831ع ۾ وبا پکڙي ۽ اٽڪل پنج لک ماڻهو مري ويا. فقط 1831ع واري پليگ ۾ بغداد جي سٺ سيڪڙو آبادي ختم ٿي وئي. اهڙو ئي حال 1821ع ۾ ڪالرا ڪري بغداد ۽ بصري جو ٿيو.
1917ع تائين بغداد سلطنت عثمانيه جي ئي قبضي ۾ رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيٽرول جي نڪرڻ ڪري عراق ۾ خوب پئسو آيو ۽ بغداد وڏي ترقي ڪئي، پر 1980ع ۾ ايران ۽ عراق جي جنگ ۾ عراق تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا جو ملڪ جي حاڪم صدام حسين ملڪ جي دولت فوج تي خرچ ڪرڻ شروع ڪئي يا پنهنجي ذات تي. صدام جي تهران تي بمباري ڪرڻ جي بدلي ۾ ايران بغداد شهر تي ميزائيل هنيا جنهن ۾ بغداد کي وڏو نقصان رسيو. ان بعد 1991ع ۽ 2003ع ۾ گلف جي لڙائي ۽ ان بعد عراق تي آمريڪا جي حملي ڪري بغداد شهر جو ٽرانسپورٽ سسٽم، روڊ رستا، نيڪال نظام، اليڪٽرسٽي ۽ ٻين سهولتن جي ستيا ناس ٿي وئي.
هونئن ته بغداد وڏو شهر آهي، تاريخي ۽ آڳاٽو شهر آهي جيڪو اڃا تائين قائم دائم آهي. هڪ ٽوئرسٽ کي هي شهر گھمڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن کپن پر مذهبي جاين جي زيارت ڪرڻ وارا زائرين بغداد جي فقط هڪ حصي الڪاظمين ۾ اچن ٿا جتي ٻن امامن جون مزارون آهن. ٿورن ڏينهن ۾ سڄو سفر مڪمل ڪرڻ خاطر ايندڙ زائرين هتي (بغداد ۾) فقط هڪ يا ٻه ڏينهن گذارين ٿا، جيئن هن سفرنامي “نواڙي کان نيشاپور” جي ليکڪ به 24 ڪلاڪ کن رهڻ بعد اڳتي جي سفر جو سانباهو ڪيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته بغداد جي هن علائقي الڪاظمين واري زمين دراصل عباسي خليفي هارون الرشيد پنهنجي عربن يعني قريش خاندان جي ماڻهن جي قبرستان لاءِ منسوب ڪئي هئي. 1258ع ۾ هلاڪو خان منگول جي بغداد تي ڪيل حملي ۾ الڪاظمين واري علائقي ۾ موجود شيعا امامن جي مزارن کي به نقصان رسايو ويو. بعد ۾ سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ جڏهن مدحت پاشا جي حڪومت هئي ته بغداد کان ڪاظمين تائين ٽرام هلائي وئي، جيئن زائرين هن سواريءَ ذريعي سک سان امامن جي مزارن تائين پهچي سگھن. 1938ع تائين هي ٽرام وي قائم رهيو، ان بعد بس سروس قائم ڪئي وئي. مدحت پاشا (ڄم جو سال 1822ع ) بغداد جو 1876ع کان وفات 1883ع تائين گورنر ۽ وڏي وزير جهڙن عهدن تي رهيو. انهن ڏينهن ۾ سلطنت عثمانيه جو 32هون سلطان عبدالعزيز ترڪيءَ جو حاڪم هو جنهن جي حڪومت ۾ عراق ۽ سعودي عرب به اچي ويا ٿي. اسان جا ٽوئرسٽ يا شاگرد جيڪي ترڪيءَ ۾ رهن ٿا اهي مدحت پاشا کان ضرور واقف هوندا جو هن جو انقره ۽ استنبول شهرن جي وچ ۾ هڪ وڏو مجسمو لڳل آهي. انهن شهرن مان ايندي ويندي نظر ان تي پوي ٿي.
درياهه دجله بغداد جي وچ مان وهي ٿو، جنهن جي هڪ ڪناري تي بغداد جو هي علائقو ڪاظمين (الڪاظمين) آهي. درياهه ٽپڻ لاءِ مختلف هنڌن تي پليون آهن، جن مان هڪ الثائم پل ڪاظمين وٽ به آهي، جنهن تي سال 2005ع ۾ زائرين جي ڀڄ ڊڪ ۾ هو چپجي ۽ چيڀاٽجي پيا ۽ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. هن علائقي ڪاظمين تان اها خبر به ڌيان ۾ اچي رهي آهي ته هتي آمريڪن طرفان قيدين جي سهولت لاءِ Camp Justice آهي، جتي عراقي آفيسن صدام حسين کي قيد رکي مٿس ڪيس هلايو هو.

ان کان علاوه ڪاظمين ويندڙ زائرين جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هي علائقو هو جيڪو پهرين جنگ عظيم بعد عراقين جو انگريزن خلاف انقلاب آڻڻ جو مرڪز ثابت ٿيو. هتي ڪاظمين جي مسجد ۽ امامن جي مزارن بابت اهو پڻ لکندو هلان ته 1534ع ۾ جڏهن سلطنت عثمانيه جي ترڪ حاڪم سلطان سليمان (جنهن کي انگريز The Magnificent به سڏين ٿا) بغداد فتح ڪيو ته ان جي چڱي طرح مرمت ڪرائي ۽ خوبصورت بڻايو، جن کي اڄ تائين بهتر کان بهتر حالت ۾ رکيو پيو وڃي.
عراق جي مٿين شهرن کان علاوه ڪيترائي زائرين ڪوفي ۽ موصل ۾ به ڪجھه ڏينهن گذارين ٿا. ڪوفا يو ڪوفو نجف شهر جي ڀرسان فرات نديءَ جي ڪناري تي آهي ۽ نجف سان ڄڻ مليو پيو آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي آهن يا راڻيپور ۽ گمبٽ آهن. سامراءِ، ڪربلا، ڪاظميه ۽ نجف سان گڏ ڪوفو انهن پنجن شهرن مان آهي جن جي شيعن وٽ خاص اهميت آهي.
هي شهر ڪوفيٰ خلفاءِ راشدين جي آخري خليفي حضرت علي ابن ابي طالب جي ڏينهن ۾ دارالخلافه (گاديءَ جو هنڌ) هو. هي شهر ٻئي خليفي حضرت عمر 639ع ۾ قائم ڪيو، هتي جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ دوران حضرت عليءَ کي شهيد ڪيو ويو هو.
عراق جو هڪ ٻيو مشهور شهر جتي دنيا جا ٽوئرسٽ وڃن ٿا موصل آهي، جيڪو بغداد کان 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ دجله نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس سامهون آڳاٽو شهر نينويٰ (Nineveh) آهي. موصل موسم جي لحاظ کان توڙي تاريخي جاين، مسجدن ۽ گرجا گھرن کان به مشهور آهي ۽ آڳاٽي وقت کان اڄ تائين دنيا جا سياح هتي ايندا رهن ٿا.
ڪنهن زماني ۾ ابن بطوطا به هتي رهي ويو، جنهن جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور ناول نگار اگاٿا ڪرسٽي پڻ هتي موصل ۾ وڏو عرصو رهي وئي آهي، جو سندس انجنيئر مڙس هتي جي ڪنهن آرڪيالاجي جي کوٽائيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. اهڙي طرح عراق ۾ ٻيا به ڪيترائي شهر گھمڻ جهڙا آهن، جن لاءِ وقت جو هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙي سياح کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو هڪ وقت تي هڪ ملڪ عراق، شام، ترڪي يا ايران گھمڻ لاءِ نڪري ته هن لاءِ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو.
عراق بعد ايران وڃڻ لاءِ ڪجھه زائرين باءِ روڊ وڃن ٿا جيڪا سواري سستي به آهي ته رستي تي ڏسڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ملي به ٿو. پر مشغول ماڻهو بغداد يا موصل کان ايران پهچڻ لاءِ هوائي جهاز جي سواري پسند ڪن ٿا. اسان جو ليکڪ راز ڀٽو باءِ روڊ ايران اچي ٿو. هتي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته عراق کان باءِ روڊ ايران اچڻ وارن کان جڏهن توهان پڇندؤ ته هو ايران ڪيئن آيا ته اهي اڪثر اهو چوندا آهن ته اسان مهراڻ واري روڊ کان ايران آياسين يا اسان مهراڻ شهر کان آياسين وغيره وغيره ... ۽ اسان جا ماڻهو هڪ ته مهراڻ جو نالو جيڪو اسان سمجھون ٿا ته اسان جو ٺيٺ سنڌي لفظ آهي، ٻڌي منجھي پوندا آهن ته اهو ڪهڙو شهر آهي ۽ ڪٿي آهي. هتي ان مونجهاري کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجھه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيئن نون زائرين يا ٽوئرسٽن لاءِ آساني رهي.

مهراڻ دراصل ايران جو شهر آهي جيڪو ايران جي مغربي صوبي ايلام ۾ آهي، جيئن اسان جو بلوچستان صوبو ايران جي بارڊر تي آهي، تيئن ايران جو صوبو ايلام عراق جي بارڊر تي آهي. صوبي يعني Province کي فارسي ٻوليءَ ۾ استان سڏين ٿا. 1950ع تائين ايران ٻارهن صوبن (استانن) ۾ ورهايل هو، جيئن اردلان، فارس، گيلان، (جتان جا ماڻهو عرب دنيا ۾ جيلاني- جو عربي ٻوليءَ ۾ گ اکر ناهي پر اسان وٽ گيلاني سڏجن ٿا)، بلوچستان (ايران ۾ به بلوچستان نالي صوبو آهي، جيڪو اسان جي بلوچستان جي ڀر ۾ آهي) آذربائيجان (الڳ ملڪ به آهي ته ايران جو صوبو به، ٻئي هڪ ٻئي ڀرسان آهن) خراسان، خزيستان، ڪرمان، لارستان، لورستان ۽ مزندران. وقت سان گڏ انهن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. آذربائيجان صوبي مان ٻه صوبا ٺاهيا ويا: اوڀر آذربائيجان ۽ اولهه آذربائيجان. خراسان صوبي جا ٽي حصا ڪيا ويا: اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ جنهن ۾ مشهد، طوس ۽ نيشاپور جهڙا شهر آهن، اهو “رضوي خراسان” سڏجي ٿو. بلوچستان صوبي کي ڪجھه وڏو ڪري “سيستان ۽ بلوچستان” هڪ صوبو بڻايو ويو. ان کان سواءِ تهران، قم، يزد، زنجان، سيمنان وغيره- جملي 31 صوبا هن وقت ايران ۾ آهن. ايلام صوبو عراق سان 425 ڪلوميٽر جو بارڊر ٺاهي ٿو. يعني 425 ڪلوميٽرن تائين هڪ پاسي عراق آهي ته ٻئي پاسي ايران جو هي صوبو ايلام. صوبي جو وڏو حصو جابلو آهي يا وارياسو. ان ڪري ايران ۾ سڀ کان گھٽ آدمشماري (6 لک کن) هن صوبي جي آهي. جيتوڻيڪ ايراضيءَ ۾ خيرپور ضلعي کان ڪجھه وڏو (19000 چورس ڪلوميٽر) آهي. خيرپور ضلعي جي پکيڙ 16000 چورس ڪلوميٽر آهي. زگروس (Zagros) جبلن جي قطار جيڪا ترڪيءَ کان شروع ٿي عراق ۽ ايران ۾ اچي ٿي، ان جا جبل ايران جي هن صوبي ايلام کي چڱي طرح گھيرين ٿا. ان ڪري هن صوبي ايلام کي پيار مان “عروس زگروس” يعني زگروس جبلن جي ڪنوار سڏين ٿا. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سڄي ايلام صوبي جي آدمشماري 6 لک کن مس آهي پر پڙهندڙ ايران ۾ تعليمي نظام جي بهتريءَ جو ان مان اندازو لڳائي سگھن ٿا ته فقط ايلام صوبي ۾ چار ته وڏيون يونيورسٽيون آهن:

• ايلام يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
• يونيورسٽي آف ايلام
• اسلام آزاد يونيورسٽي آف ايلام
• پيام نور يونيورسٽي آف ايلام

مهراڻ ايران جي هن صوبي ايلام جو هڪ ننڍڙو پر خوشحال شهر آهي جيڪو عراق جي بارڊر تي آهي، جنهن جي آدمشماري 15000 مس آهي، جنهن ۾ به گھڻائي ڪُردن جي آهي. ايران سڄي ۾ فارسي هلي ٿي پر ڪن ڪن صوبن ۾ مختلف قومن جا رهندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ٻولي به ڳالهائين ٿا، جيئن هن صوبي جا ڪرد ڪلهوري ۽ فيلي (Feyli) ٻوليون ڳالهائين ٿا ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي عراق جي به ڪجھه حصي ۾ اهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جيئن اسان جي ٿر پاسي ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان جي بارڊر وارن علائقن ۾ ساڳيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
ايران جي هن مهراڻ شهر وٽان ايران جو هاءِ وي نمبر 64 گذري عراق ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اتان شروع ٿيندڙ هي هاءِ وي نمبر 15 سڏجي ٿو جيڪو ڪجھه ڪلوميٽرن بعد عراق جي شهر بدره (Badra Spend) وٽان لنگھندڙ هاءِ وي 13 سان ملي ٿو، جيڪو عراق جي مختلف شهرن بغداد، ڪربلا ويندي موصل تائين پهچائي ٿو. هتان مهراڻ وٽان فقط ايران جا هر سال هڪ لک کان مٿي مسافر ڪارن، ٽيڪسين ۽ بسن ذريعي عراق وڃن ٿا. ان کان علاوه دنيا جا ٻيا زائرين جيڪي ايران کان عراق يا عراق کان ايران موٽن ٿا.
هن پاسي عراق توڙي ايران ۾ بهترين رستا ۽ آرامدهه ۽ تيز رفتار بسون آهن ۽ مهراڻ کان بغداد ٻن ڪلاڪن ۾ پهچائين ٿيون. ان ڪري اسان جهڙن ملڪن جا زائرين توڙي سياح عراق توڙي ايران جي وچ ۾ هوائي جهاز بدران باءِ روڊ سفر ڪن ٿا. افسوس جو پاڪستان کان ايران باءِ روڊ ويندي ايران پاسي ته روڊ رستا ۽ بسون بهترين آهن پر اسان واري پاسي حال ناهي ۽ وڏي عمر جي مسافرن لاءِ ڪوئيٽا کان پاڪستان جي آخري بارڊر واري شهر تفتان تائين 500 ڪلوميٽرن جو سفر سخت شڪست وارو ٿئي ٿو.
ڪوئيٽا کان تفتان تائين ريلوي لائن به آهي، جيڪا انگريزن ملٽريءَ جي چرپر لاءِ پنهنجي دور حڪومت ۾ 1905ع ۾ برٽش راڄ (اڄ واري پاڪستان) ۽ پرشيا ( اڄ واري ايران) جي وچ ۾ ڳنڍي، جيڪا پوءِ 1922ع ۾ زاهدان سان ملائي وئي. انهن ڏينهن ۾ زاهدان جو نالو دزداپ (Duzdap) هو. تفتان پاڪستان طرف وارو آخري شهر آهي ۽ ايران پاسي ميرجاوا (Murjawa) . اهڙي طرح انڊيا پاڪستان بارڊر پاسي لاهور کان امرتسر ويندي واگھا (Wagha) پاڪستان جو آخري شهر آهي، ان بعد بارڊر ڪراس ڪرڻ بعد ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي انڊيا جي بارڊر وارو شهر اٽاري آهي. واگھا کان لاهور 24 ڪلوميٽر آهي ۽ اٽاريءَ کان امرتسر 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. مهاراجا رنجيت سنگھه جي فوج جو هڪ مشهور جنرل سردار شام سنگهه اٽاري والا هن ڳوٺ اٽاريءَ جو رهاڪو هو.
بهرحال هتي پاڻ راز ڀٽو جي سفرنامي “نواڙي کان نيشاپور” جو ذڪر ڪري رهيا آهيون ته پاڻ زيارتن جي سلسلي ۾ پهرين عراق ويو، جتان پوءِ هو باءِ روڊ مهراڻ شهر وٽان بارڊر ڪراس ڪري ايران آيو. ايران ۾ پاڪ جايون ڏسڻ جي خيال کان اسان جي زائرين لاءِ ٻه جايون: مشهد ۽ قم وڃڻ ته ضروري آهن. وقت ملڻ تي هو اوسي پاسي جي شهرن طوس، نيشاپور، قدم گاهه به وڃن ٿا، جتي ڪيترن ئي امام زادن جون مزارون آهن.
ڪراچيءَ کان ايران وڃڻ لاءِ جيئن ته فلائيٽ تهران ۾ لاهي ٿي، ان ڪري ويندي يا موٽندي وقت هو تهران، خاص “ري” شهر جيڪو هاڻ تهران جو ئي حصو آهي، اتي ڪن پاڪ هنڌن تي به وڃن ٿا. جيئن ته بيبي شهربانو جو روضو، شاهه عبدالعظيم جو مقبرو، جنهن جي ڀرسان شيعن جي چوٿين امام، امام سجاد جي فرزند امام زادي طاهر جو ۽ اٺين امام، امام رضا جي ڀاءُ امام زاده حمزه جي ڀاءُ جي مزار آهي.
ايران جون ٻه جايون: مشهد ۽ قم جيڪي بيحد ضروري آهن انهن جي زيارت لاءِ اسان جا زائرين گھڻو ڪري پهرين مشهد ۾ اچن ٿا پوءِ قم ۾، پر ڪي ڪي سهولت موجب پهرين قم ۾ اچن ٿا. جيئن اسان جي ليکڪ راز ڀٽو کي عراق کان اچڻ ڪري پهرين قم وٽان لنگھڻو پيو، ان ڪري هو پهرين قم ۾ ٽي ڏينهن رهي پيو، ان کانپوءِ تهران کان ٿيندو مشهد پهتو. نقشي ۾ به توهان ڏسندؤ ته ايران جي ايلام صوبي بعد قم صوبو شروع ٿئي ٿو ۽ وچ ۾ فقط ٻه ننڍڙا صوبا: لورستان (Lorestan) ۽ مرڪزي (Markazi) آهن، جتي مهراڻ شهر کان زاهدان 1800 ڪلوميٽر آهي يا مهراڻ کان مشهد 1500 ڪلوميٽر آهي. اتي مهراڻ کان قم شهر ته بلڪل ويجھو ٿيو، فقط 450 ڪلوميٽر آهي ۽ قم صوبو ۽ تهران صوبو ائين مليا پيا آهن جيئن خيرپور ۽ سکر. قم شهر کان تهران شهر تائين فاصلو فقط 144 ڪلوميٽر آهي. سو اسان جو مسافر شهرن جي اهميت موجب نه پر شهرن جي ويجھڙائيءَ مطابق ايران ۾ داخل ٿيڻ وقت مهراڻ شهر کان پهرين قم، پوءِ تهران، ان بعد مشهد ۽ ان جي ڀر واري شهر نيشاپور ۾ زيارتن لاءِ اچي ٿو. هونئن ڏٺو وڃي ته ايران اهو تاريخي، سهڻو ۽ ٽوئرسٽ فرينڊلي ملڪ آهي جو ان جا شهر گھمڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مهينو کپي. هفتو کن ته قم، مشهد ۽ ان جي آسپاس جون جايون ڏسڻ ۾ ئي گذريو وڃي، بلڪه انهن ٻنهي شهرن ۽ پسگردائيءَ لاءِ هفتو ڪجھه ناهي ۽ اسان جا ماڻهو هفتي کان هڪ يا ٻه ڏينهن وڌيڪ نٿا رهيو سگھن. ان ڪري نه ته ڪو ويزا هڪ هفتي جي ٿي ملي، پر ان ڪري جو ڪراچيءَ لاءِ اڏام فقط هفتي ۾ هڪ دفعو اربع ڏينهن آهي. هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ معنيٰ وري سڄو هفتو ترسي اربع جو انتظار ڪرڻ، سو پڙهندڙن مان ڪو ايران جي مذهبي جاين کان علاوه ٻيا شهر به گھمڻ چاهي ٿو- ۽ گھمڻ کپي جو اصفهان جهڙا شهر ته نه رڳو اڳ ۾ پر هاڻي به “نصف جهان” آهن ته هو گھٽ ۾ گھٽ ايران ۾ ٻن هفتن لاءِ ٽڪي پوي.

هونئن به ايران اهو ملڪ آهي جتي اسان جهڙي ملڪ جو غريب ماڻهو سک سان رهي سگھي ٿو. رهائش سستي آهي. کاڌو پيتو سستو آهي، لوڪل ماڻهو غريب توڙي امير ٽوئرسٽ جي عزت ڪن ٿا. امن امان ۽ انصاف آهي. امن امان ته سعودي عرب ۽ ڪويت ۾ به آهي پر اتي انصاف فقط مقامي عربن لاءِ آهي. اسان ڌارين کي ڪو عرب گارگند ڪري وڃي ته به ڏوهه اسان جو ڳڻيو ويندو. ان ڪري ته مٿي لکي آيو آهيان ته ايران ٽوئرسٽ فرينڊلي آهي. ايتري قدر جو اسان جي پاسي جون عورتون به ايران ۾ اڪيلي سر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي گهمي سگھن ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪي ماڻهو، يعني ايراني توهان جي رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا، توهان جي عزت ڪن ٿا. توهان هتي جي اعليٰ آفيسرن يا ملان مولويءَ سان فري ٿي ڳالهائي سگھو ٿا. دڪاندار توهان جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي ڦرين نٿا بلڪه توهان کي فائدو رسائين ٿا. پوليس توهان جي ڪڍ نٿي لڳي ۽ نه بار بار توهان جو پاسپورٽ چيڪ ڪري تنگ ڪري ٿي. ان ڪري ايران اهو ملڪ آهي جتي اسان سک سان گھمي ڦري سگھون ٿا ۽ ٿوري بجيٽ ۾ گھڻو ڪجھه ڏسي سگھون ٿا.
اسان جي ليکڪ جو قم ۾ ٽي ڏينهن کن رهڻ ٿيو. آئون به جڏهن پهريون دفعو ايران قافلي سان گڏ ويو هوس ته هنن طرفان قم ۾ ٽي ڏينهن رهڻ جو پروگرام ٿيو هو، جنهن ۾ ڪجھه جايون قافلي وارن ڏيکاريون جنهن لاءِ هنن ڀاڙي تي بس ڪئي هئي ۽ ڪي جايون خاص ڪري قم ۽ اوس پاس جا مدرسا، وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي آئون پاڻ مرادو ٽئڪسي ڪري نڪري پيس ٿي. ڪٿي ته ٻين سان شيئر ڪرڻ واري ٽيڪسيءَ ۾ سواري ڪيم ٿي. انڊيا وانگر ايران ۾ به هر سواري سستي آهي. ان جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽيڪسيءَ جو سفر ڏاڍو مهانگو آهي ۽ مدي خارج منڊين ٽنڊين بسن جو سفر نهايت خطرناڪ آهي.
قم بيبي فاطمه معصومه جي روضي کان ايران جو هڪ اهم ۽ مقدس شهر سمجھيو وڃي ٿو. بيبي فاطمه بنت موسيٰ رضا، جيڪا عام طرح فاطمه معصومه سڏجي ٿي، امام موسيٰ ڪاظم جي ڌيءَ ۽ اٺين امام علي رضا جي ڀيڻ آهي. قم شهر مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن کان به مشهور آهي، جيڪا حيثيت ڪنهن زماني ۾ بغداد کي هئي. هونئن قم سوهن حلوي کان به مشهور آهي. جتي ڪٿي سوهن حلوو وڪڻڻ وارن جا مٺائيءَ جا دڪان آهن. چون ٿا ته قم ۾ ٻه کان اڍائي هزار اهڙا دڪان آهن.
قم ايران جو ستون نمبر وڏو شهر ۽ قم صوبي جي گاديءَ وارو هنڌ آهي. قم جي 13 لک کن آدمشماري آهي ۽ هي شهر قم ندي (رودِ قم ) جي ڪناري تي آهي، جيڪا زگروس جبلن ۽ نمڪ ڍنڍ مان نڪري ٿي ۽ ايران جي ڊگھي ۾ ڊگھِي ندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 400 ڪلوميٽر ٿيندي. هن نديءَ کي ٽپڻ لاءِ بي بي فاطمه معصومه جي مقبري جي ٻاهران ئي هڪ پل آهي. قم شهر ۾ رهائش جون گھڻيون تڻيون هوٽلون درياهه جي ٻئي پار هجڻ ڪري اسان جو هر وقت هن پل تان اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي ۽ ان جي اردگرد دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل زائرين کي سندن قومي لباس ۾ ڏسي بين الاقوامي ميلي ۾ هجڻ جو احساس ٿئي ٿو. هن پل تان قم نديءَ ۾ سج لهڻ جو نظارو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.
بيبي فاطمه معصومه جي مزار کان علاوه قم اوسي پاسي جي جاين کان پڻ مشهور آهي، خاص ڪري جمعڪران مسجد کان. هن مسجد کان علاوه قم جون ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون مشهور ۽ ڏسڻ وٽان آهن، جيئن مسجد امام حسن العسڪري، مسجد القادر، اعظم مسجد، عتيق مسجد وغيره.
قم کان مشهد ويندي تهران 144 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي هن سفرنامي جو ليکڪ هڪ ڏينهن رهڻ بعد ريل گاڏيءَ ذريعي مشهد روانو ٿئي ٿو. تهران کان مشهد وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي سواري به آسانيءَ سان ۽ سستي اگھه تي مليو ٿي وڃي. ڪيترائي زائرين تهران کان مشهد وڏو فاصلو (اٽڪل 900 ڪلوميٽر ) هجڻ ڪري هوائي جهاز کي ترجيح ڏين ٿا پر آئون پڙهندڙڻ کي اهائي صلاح ڏيندس ته هو راز ڀٽو وانگر ريل گاڏيءَ جي سفر جي چونڊ ڪن يا بس جي. ايران ۾ هر هنڌ روڊ رستا بهترين آهن ۽ اهڙي ئي هنن جي ٽرين سروس ۽ آرامده بسون آهن. جيڪا فرحت ۽ مزو باءِ روڊ تهران کان مشهد آهي، ان جو جواب ناهي. خاص اسان نيم بيابان (Semi Desert) سنڌ جا رهاڪو تهران کان مشهد، ڪوالالمپور کان پينانگ يا ڍاڪا کان چٽاگانگ ٽرين ۾ سفر دوران ٻاهر جا هرا ڀرا کيت، گل گلڪاريون ۽ نالا نديون ڏسي وائڙا ٿيو وڃون. توهان کي هميشه هن قسم جا باءِ روڊ سفر ياد رهندا.
ايران جو شهر مشهد شاهراهه ريشم (Silk Route) تي هجڻ ڪري شروع کان اهم شهر رهيو آهي. اڄ جي ايران ۾ مشهد تهران بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. اڄ جي ايران مان منهنجو مطلب آهي هاڻوڪو ايران، جنهن تي 1935ع ۾ نوروز (نئين سال) واري ڏينهن جي موقعي تي وقت جي حاڪم رضا شاهه پهلويءَ دعوت ۾ موجود سڀني فارين ڊپلوميٽ اڳيان اعلان ڪيو ته هن ملڪ لاءِ “ايران” نالو استعمال ڪيو وڃي، نه ته ڇهين صدي قبل مسيح کان دنيا هن ملڪ کي “پرشيا” جي نالي سان سڃاتو ٿي، جيئن ڪراچي صدر ۽ ايران جي هڪ جھوني بيڪريءَ جو نالو “پرشين بيڪري” آهي. ايران جو اهو نالو پرشيا 6 صدي ق. م کان يعني ڪوروش اعظم (Cyrus the Great) جنهن مخامنشي سلطنت جو بنياد رکيو، هلندو آيو، جيڪو پوءِ ساسانين، صفوي، افشار ۽ آخر ۾ قاچار دور حڪومت تائين هلندو رهيو. ان وقت جي پرشيا اڄ جي ايران تائين محدود نه هئي، پر هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن پرشيا جون بلقان ۽ اوڀر يورپ کان سنڌو ماٿريءَ تائين حدون هيون. هن ۾ اڄ وارو افغانستان، ترڪمانستان، پاڪستان جو اتريون حصو، ازبڪستان ۽ مصر به اچي ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ تهران فقط ان جي هڪ حصي ري (Rey) تائين هو. اڄ جي ايراني شهرن شيراز، تبريز، نيشاپور، مشهد، اصفهان کان علاوه بابل (Babylon) بغداد، مصر (مصر)، بخارا ۽ ثمرقند (ازبڪستان) هرات (افغانستان) نيسا (ترڪمانستان) وغيره جهڙا تاريخي شهر پرشيا ۾ آيا ٿي.
ائين ته ڪو وقت هو جو اصفهان دنيا جو خوبصورت شهر هو، جنهن جا روڊ ۽ رستا ۽ باغ بستان ڏسڻ لاءِ انگلينڊ جا حاڪم آيا ٿي. بهرحال اڄ جي دور ۾ تهران ايران جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ ٻئي نمبر تي مشهد آهي. مشهد جي لفظي معنيٰ “شهيدن جي جاءِ” آهن. مشهد شيعن جي اٺين امام علي رضا جي روضي شريف کان مشهور آهي. امام علي رضا جو جتي مقبرو آهي اهو “حرم رضوي” سڏجي ٿو، جيڪو سمجھو ته شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ڇهه لک چورس ميٽرن تي مشتمل آهي. هونئن ته فقط هي ڪامپليڪس گھمڻ لاءِ هڪ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ کپي جو منجھس ڪيترائي ميوزيم آهن، جن ۾ پوسٽ جي ٽڪلين کان وٺي غاليچن جي ڪليڪشن نظر اچي ٿي.
هونئن مشهد ۾ جيڪڏهن توهان ڪافي ڏينهن رهو ٿا ته پوءِ امام رضا جي روضي جي زيارت کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي جايون گھمي سگھو ٿا جيئن ڪوهه سانگي پارڪ، مشهد بازار، جتي توهان کي بهتر اگھه تي بهترين زعفران ملي سگھي ٿي، اهڙي هاءِ ڪلاس زعفران دنيا ۾ ايران کان علاوه اسپين ۾ ٿئي ٿي. توهان مشهد جي ٻهراڙِيءَ ۾ وڃي ان جا پوکيل گل به ڏسي سگھو ٿا، خاص ڪري مشهد کان نيشاپور يا قدمگاهه ڏي ويندي. مشهد کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هتي جو مشهور قبرستان مزار Boqeh Khajeh Rabi Mausoleum آهي، جنهن جي ديوارن ۽ گنبذ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي.
سڀ کان وڌيڪ ۽ مزار امام رضا جي ويجھو ڏسڻ جهڙي جاءِ مسجد گوهر شاد آهي، جيڪا تميوريا سلطنت جي بادشاهه شاهه رخ جي راڻي گوهر شاد 1395ع ۾ ٺهرائي. 2003ع ۾ ڪابل ۾ جيڪا عورتن جي يونيورسٽي ٺهي اها گوهر شاد نالي آهي.
هن مسجد جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي نادر شاهه افشار جو مقبور آهي. سندس اصل سائيز کان وڏو ڌاتوءَ جو گھوڙي تي سوار مجسمو پري کان نظر اچي ٿو. هن دهليءَ کي ساڙيو ٻاريو ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪيو هو. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ وڏو ظالم سمجھيو وڃي ٿو پر ايران ۾ ته هو هيرو سمجھيو وڃي ٿو جو هو هِتان هُتان ڦرلٽ ڪري دولت ايران کڻي آيو ٿي.
مشهد شهر ۾ اندر کان علاوه ٻاهر آس پاس به ڪيتريون ئي جايون آهن جيئن طوس ۾ فردوسيءَ جومقبرو. مشهد کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي طوس شهر آهي، جتي ايران جي قومي شاعر فردوسي (سڄو نالو: ابوالقاسم فردوسي طوسي) جو مقبرو آهي. فردوسي 940ع ۾ طوس ۾ ڄائو ۽ 1020ع م اتي ئي وفات ڪيائين. فردوسي دنيا جو طويل ترين نظم “شاهنامه” (يعني بادشاهن جي ڪهاڻي) لکڻ کان مشهور آهي. سندس هي ڪتاب ادب جي تاريخ ۾ خاص ڪري فارسي ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شعرن جي هن مجموعي ۾ اٽڪل سٺ هزار شعر شامل آهن. هي شاعريءَ جو ڪتاب اصل ٻولي فارسيءَ ۾ پڙهڻ جي ته ڳالهه ئي ٻِي آهي پر فارسي نه اچڻ ڪري انگريزيءَ ۾ به پڙهي سگھجي ٿو. عمر خيام جي رباعين وانگر فردوسيءَ جي هن ڊگھي نظم شاهنامي جا به ڪيترائي انگريزي ترجما موجود آهن.
سفرنامي “نواڙي کان نيشاپور” جو ليکڪ راز ڀٽو مشهد ۾ ٽي ڏينهن کن هجڻ دوران مشهد جي ڀر واري شهر نيشاپور پڻ ويو. مشهد ايندڙ کي نيشاپور ضرور اچڻ کپي جو هي شهر پرشيا جي شروعاتي سلطنت ۾ اوائلي گاديءَ جو شهر رهي چڪو آهي ۽ 1221ع ۾ منگولن (چنگيز خان) جي حملي ۽ تباهي آڻڻ تائين هي شهر دنيا جو بلي بلي شهر هو. جنهن لاءِ فردوسيءَ لکيو آهي ته:

اي پايتخت اول ايراني من
اي آسمانت فرصتِ باراني من
فيروزه “ات نقش نگين مهرباني”
انديشه هاي مرد مانت آسماني.


O my Iranian first capital
O your sky my rainy time
your Turquoise, pattern of kindness ring
your People’s thoughts Heavenly

هن شهر لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن شهر ۾ ايران جي مشهور صوفي شاعر عطار ۽ ڪمال الملڪ کان علاوه عمر خيام جو مقبرو به آهي. عمر خيام ٻارهين صديءَ جو مشهور شاعر ۽ ماهر فلڪيات (Astronomer) ٿي گذريو آهي، جنهن کي سندس فارسي رباعين ڪري دنيا ۾ مشهوري ملي.
هن جون رباعيون (چار سٽا) ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن. انگريزيءَ ۾ به ٻه ٽي ترجما آهن، جن مان ايڊورڊ فٽزگرڊ جو سڀ کان مشهور آهي، جيڪو اسان جي ڏينهن ۾ ميٽرڪ يا فرسٽ ايئر جي انگريزي ڪتاب ۾ پڙهايو ويو ٿي. عمر خيام جو هي مقبرو 1963ع ۾ قائم ٿيو.
منهنجي خيال ۾ مهاڳ يا پيش لفظ جي خيال کان منهنجو هي مضمون ڪجھه ڊگهو ئي ٿي ويو آهي. آخري سٽ اها ئي آهي ته ايران يا عراق تي نڪرندڙ زائرين لاءِ ضروري آهي ته معلومات ۽ رهنمائيءَ لاءِ هو راز ڀٽو جو لکيل سفرنامو “نواڙي کان نيشاپور” ضرور پڙهي نڪرن، بلڪه سفر ۾ پاڻ سان رکن ته هنن جي فائدي جي ڳالهه آهي.
راز ڀٽو صاحب جي هن عراق ايران سفر ۾ اسڪارڊن ليڊر عابد حسين راز کان علاوه سڀ ٻار گڏ هئا. اميد آهي ته هاڻ هو هڪ سفر شام ملڪ يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو پنهنجي گمبٽ، راڻيپور، خيرپور جي دوستن سان ڪري ان بابت پڻ سفرنامو لکندو.


ڪراچي
13 مارچ 2020ع