سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

تهران ريلوي اسٽيشن ۽ ايران جو ريلوي نظام

تهران ريلوي اسٽيشن تي پهچي ائين لڳو ڄڻ اسان ڪنهن يورپي ملڪ ۾ آيا آهيون. اسٽيشن جي ٽه منزله عمارت اندران ڏاڍي سينگاريل هئي. هر شيءِ ڪمپيوٽرائزڊ هئي. اسٽيشن جي عمارت سکر ايئرپورٽ جي عمارت کان به وسيع ۽ عاليشان هئي. ريلن جا نالا، وقت ۽ اچ وڃ جي رستن جا تفصيل ڪمپيوٽر جي وڏي منهن تي هر هر لکجي پيا اچن، جنهن ڪري مسافرن کي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي پئي. وسيع انتظارگاهه ۾ شاندار لوهي ڪرسيون رکيل هيون. مزيدار ڳالهه هيءَ ته اسٽيشن تي ماڻهن جي پيهه هوندي به نه ته ڪنهن گھورڙئي جو آواز هو، نه ڪو ٻيو شور. هر ڪو خاموشيءَ سان پنهنجي ڪم ۾ جنبيل هو. ڪنهن به پڙهيل ماڻهوءَ کي هروڀرو پڇ پڇ ڪرڻي نه پئي پوي. پليٽ فارم نمبر به ڪمپيوٽر جي منهن تي لکيل هئا. مجموعي طور تي تهران ريلوي اسٽيشن ڏسڻ جهڙي آهي. مسافرن لاءِ ريلوي پليٽ فارم يا لائينون پار ڪرڻ لاءِ پيادل ڏاڪڻيون ۽ گڏوگڏ چُرندڙ ڏاڪڻيون به هيون. ريلوي جو عملو صاف سٿري لباس ۾ هيو. ايران جي ريلوي نظام جي تعريف ٻڌي ته هئي مگر گاڏيءَ جي دٻي ۾ اندر داخل ٿياسي ته اندر ماحول ئي مٽيل هو. هي گاڏي ڏسي اسان کي پاڪستاني ريلون ڄڻ مال گاڏيون لڳيون. دٻي ۾ ڄڻ گھر وارو ماحول هيو. ضرورت جي هر شيءِ موجود هئي. چئن جاين واريون دروازن سان ڪوٺيون هيون، جنهن ۾ چار جايون هيٺ ويهڻ لاءِ ۽ چار جايون هيٺ مٿي سمهڻ لاءِ هيون. هيٺ ويهڻ وارين ٻن جاين جي ڀرسان هڪ تمام ننڍڙي ميز به لڳل هئي، جنهن تي شيشن ۾ هر مسافر لاءِ الڳ پاڻيءَ جي ننڍي بوتل، ڪيڪ، بوهي مڱ، کنڊ جون پڙيون ۽ صاف سٿرا چانهن جا ڪوپ رکيل هئا. پاسي سان شيشن جون دريون هيون، جنهن مان ٻاهريون نظارو صاف نظر پيو اچي. مٿي سمهڻ خاطر چڙهڻ لاءِ ڀر ۾ ڏاڪڻيون به لڳل هيون. هڪ پاسي دروازي مٿان ٺهيل خانن ۾ چار ٿيلها پيل هئا جن ۾ هر مسافر لاءِ الڳ الڳ ڪمبل، وهاڻو رکيل هئا. روشنيءَ جو سٺو انتظام هيو. مٿين بسترن جي هيٺان ڏسڻ لاءِ الڳ الڳ شيشا يعني آئينا هئا ۽ گڏوگڏ ٽيليويزن به لڳيل هيون، جن تي فارسيءَ ۾ خبرون ۽ ايراني ڊراما هلي رهيا هئا. اسان وارو دٻو اي سي هيو ۽ هيءَ عام گاڏي هئي. گاڏي ڪٿي ٻن پهاڙن درميان به گذري پئي. جاڳندي اسان جيڪو ٻاهريون منظر ڏٺوسي ته اسان کي هر هر پري پري تائين گھر، ڳوٺ، باغات، ڀاڄيون، ٻيا فروٽ ۽ ننڍن وڏن ڪارخانن جي شڪل ۾ آبادي نظر آئي. ڪٿي ڪٿي اسٽيشن تي گاڏي بيهندي به آئي.
تهران ۾ جڏهن اسان جي بس ريلوي لائن عبور ڪرڻ لاءِ پل مٿان گذري ته هيٺ ڪافي لائينون، مال گاڏا ۽ مسافر گاڏا ڏسي اسان کي پنهنجي روهڙي ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشنون ياد آيون ۽ گهورڙين، قولين ۽ مسافرن جو آواز ڪنن تي اچڻ لڳو، حالانڪه اهو صرف هڪ خيال هيو. موسم لڳ ڀڳ سنڌ واري هئي، مگر رات جو ٿڌڪار هئي. گاڏيءَ جي هر دٻي ۾ هڪ ننڍو بورچي خانو هيو ۽ ان سان ننڍڙو دڪان به هيو، جتان ريل جا خدمتگار هر مسافر کي سوار ٿيڻ وقت هڪ هڪ ڀيرو هر شيءِ مفت ڏئي پيا وڃن ۽ ان کانپوءِ جيڪا به شيءِ گھرجي پئي اها پيسن سان ڏين پيا. ايران ۾ جتي جتي به اسان وياسي اتي ڪونوڪارپيس جو وڻ تمام گھٽ آهي. جيڪڏهن ڪٿي هيو به ته ان کي ڪپي سونهن لاءِ مختلف نمونا ٺاهيا ويا هئا، باقي چيل جا وڏا ۽ جام وڻ هيا. انبن کان سواءِ هتي پاڪستان وارا سڀئي وڻ نظر آيا جيڪي ساوا چهچ هئا. سُڪل وڻ ڪٿي به نظر نه آيو. عام ريلوي اسٽيشنن جون عمارتون ۽ ڪرسيون سٺيون نظر آيون. ڪا به شيءِ ٽٽل نه ملي. هر سرڪاري عمارت جيان تهران ۽ مشهد ريلوي اسٽيشن تي علامه خميني ۽ علامه خامنائي جن جون تصويرون لڳل هيون. دڪانن يا ڪنهن چوڪ تي ڪنهن شيءِ جي مشهوريءَ لاءِ عورتن جا فوٽو لڳل ناهن. گھڻي ڀاڱي ريلوي ڦاٽڪ آهن ئي ڪونه. لائن پار ڪرڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن. بنا ريلوي ڦاٽڪ ريلوي لائنون ڏسي مون کي گمبٽ اسٽيشن تي فقيرآباد وارو ڦاٽڪ ۽ سنڌ جا ٻيا ڦاٽڪ ياد اچ ويا، جيڪي اڌ اڌ ڪلاڪ بند هجڻ ڪري مريض هنگامي حالتن ۾ رستي ۾ ئي مريو وڃن. ڪورٽ ۾ حاضريءَ تي وڃڻ وارن کي دير ٿيڻ جي ڪري ٽيپ اچيو وڃي، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ فلاءِ اوور جو رواج نه هجڻ جي برابر آهي. هيل تائين ريل ۽ بس جي سفر دوران مون کي ڳائو يا ماهيو مال نظر نه آيو.
ايران 1979ع واري علامه خميني جي اسلامي انقلاب کانپوءِ گھڻي ڀاڱي سياسي ۽ معاشي طور آمريڪا ۽ مغرب جي اثر کان آجو آهي. ان وقت کان وٺي هيل تائين واپار جي حوالي سان به ايران مغرب کان گھڻو ڪٽيل آهي، ڇو ته مغرب پاران ايران تي معاشي ۽ واپاري پابنديون لڳايون ويون آهن. ايران جا شاهه جي دور جا مغربي ملڪن جي بينڪن ۾ اربين ڊالر ضبط پيا آهن. ٻئي طرف آمريڪا ايران تي سخت ڏمريل آهي، ليڪن ايران سندس آڏو ناهي جھڪيو. شاهه رضا شاهه پهلويءَ جي دور ۾ ايران ڄڻ آمريڪا جو هڪ صوبو لڳندو هيو. اڻ سڌي طرح هينئر ايران ايٽمي قوت بڻجي چڪو آهي. ايراني نار ۾ سندس بندر عباس ۽ چاهه بهار جا بندر سندس ساهه واري رڳ جي برابر آهن. اٺن ڪروڙن کان ڪجھه وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ ايران کي آمريڪا جي ڄڻ پرواهه ئي ناهي. جڏهن ته ايران جي پاڙيسري ملڪن عراق، ڪويت، قطر، امارات ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪا پنهنجي فوجن سان عملي طور موجود به آهي. اهڙي حال ۾ ٽي چار ڏينهن اڳ ايران ريڊار تي به نظر نه ايندڙ جاسوسي ڊرون جنگي جهاز ڪيرائي دنيا کي حيران ۽ آمريڪا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اهو سمورو ايراني قوم ۽ قيادت جي حب الوطني ۽ جذبي واري همٿ جو نتيجو آهي، باقي هتي جمهوريت ۽ مخالف ڌر لاءِ حالتون سازگار ناهن.
24 جون 2019ع سومر جي ڏينهن تي صبح جو ننڊ مان جاڳ ٿي. دريءَ مان ٻاهر ديد پوڻ سان خوشگوار موسم ۾ ميداني علائقي تي نظر پئي. هلندڙ ريل سان ڊوڙندڙ نظارا ۽ وڻ سٺو منظر پيا ڏيکارين. ڪٿي آبادي ڪٿي غير آباديءَ سان گڏ زراعت به هئي. ٽيوب ويل به نظر آيا. نظارا ڏسندي ساڍي ڏهين وڳي گاڏي اچي مشهد ريلوي اسٽيشن تي بيٺي. ريل ذريعي تهران کان مشهد جو سفر ٻارهن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو. هتي قُلي به نظر آيا مگر اسان پنهنجو سامان پاڻ ريڙهي اچي ٻاهر بيٺل بسن ۾ رکيوسي. اسٽيشن جا پليٽ فارم، ٽڪيٽ گھر، انتظار گاهه هڪ شاندار عمارت ۾ هئا. بهرحال ٻاهر نڪري اسٽيشن جي ميدان ۾ آياسي ته هر پاسي وڻن، گلن، ٻوٽن جي ساوڪ کلي کيڪار ڪئي. جاميٽريءَ جيان ٽڪنڊن، چوڪنڊن، مسطتيل ۽ گول ٻارين ۾ گلڪاري ڏاڍي وڻندڙ هئي. انهن ٻارين جي درميان وري اچڻ وڃڻ لاءِ سنگ مرمر جي فرش وارا رستا هئا. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪنهن شاهي بازار ۾ اچي ويا هجون. اهو ڏسي دماغ ۾ سوچ آئي ته پاڪستاني ريلوي جي ڊاڙي وزير شيخ رشيد کي چئجي ته هڪ دفعو ايراني ريل ۾ سفر ڪري ۽ ريلوي اسٽيشنون گھمي ڏسي ۽ پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي ڏسي. بسن ۾ چڙهي هوٽل ڏي روانا ٿياسي. بسن وڏي روڊ تي هوٽل کان ڪجھه پرڀرو لاٿو، ڇو ته هوٽل واري گھٽي سوڙهي هئي. سامان کڻي ويجھو ئي موجود هوٽل زُمرد جي استقباليه تي اچي پهتاسين. اتي ڏينهن جا يارهن ٿي ويا. اتي ٻه ڪلاڪ ان ڪري انتظار ڪرڻو پيو جو اڳ ۾ رهيل مسافر هوٽل خالي ڪري رهيا هئا. نيٺ هڪ وڳي لفٽ ۾ سامان کڻي ڪمري نمبر 507 ۽ 506 ۾ پهتاسين، جنهن ۾ هڪ ڪمرو ٻن بسترن وارو ۽ ٻيو ٽن بسترن وارو هيو. ڪمري ۾ ننڍڙو بورچيخانو، فرج ۽ ضرورت جو ٻيو سامان موجود هيو. هٿ منهن ڌوئي مانجھاندي ڪرڻ لاءِ استقباليه جي ويجھو ئي موجود کاڌي هال ۾ اچي ويٺاسي. کاڌي وارو هال ڏاڍو ڪشادو هيو. ڪرسيون، ميزون صاف سٿريون ۽ نيون هيون. خدمتگاريءَ سان گڏ کاڌو به ڏاڍو سٺو ۽ ذائقيدار هيو. چار پنج طعام وافر مقدار ۾ موجود هئا. قدرتي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ سوڍا جون بوتلون جام هيون. جيترو به ڪو کائي پيئي، ڪا جھل پل نه هئي. مانجھاندي کانپوءِ آجهاپي لاءِ اچي ڪمرن م آهلياسي. سمهڻ سان ننڊ ڏورانهين ڏيهه کڻي وئي. رات جي مانيءَ تي جاڳ ٿي. تيار ٿي کاڌي لاءِ هال ۾ آياسي. کاڌي ۾ سلاد، ڏهي، مايونيز، نگيٽس، ڪڪڙ، دال ۽ چانور هئا. ڪنهن شيءِ جي ڪمي نه هئي. گھڻا مسافر گھڻو کاڌو کڻي بچائي زيان به ڪن پيا. اهو ڏسي ڏک پيو ٿئي ته هتي اوبرون ٿا ڪريون. ڪٿي ڪي انسان ڳڀي لاءِ پريشان آهن.