سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

امام علي رضا رضه جي روضي جي زيارت

ڏهين وڳي امام علي رضارضه جي روضي جي زيارت لاءِ وڃڻو هو، ان ڪري پوڻين ڏهين وڳي استقباليه ۾ لهي آياسي. استقباليه کان قافلي جي صورت ۾ زيارت لاءِ نڪري شاهراهه امام رضا تي آياسي. قل ۽ صلوات پڙهندا هڪ چؤسول تي پهتاسي. هي چوسول اٽلس هوٽل جي ڀر سان آهي. چؤسول جي ٻئي پاسي کان امام رضا رضه جو روضو هيو. باب امام رضا رضه کان روضي ۾ داخل ٿياسي. تلاشيءَ جي عمل مان گذرڻ کانپوءِ سالار هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ڪجھه هدايتون ڏنيون ته هن روضي جي چوڌاري صحن تمام گھڻا ۽ وڏا آهن، ان ڪري نئون ماڻهو دروازي جو نالو ۽ آسپاس جون نشانيون ڏسي وٺي. دروازي جي نالي ياد هجڻ کانسواءِ گھمڻ ۽ موٽڻ ۾ تڪليف ٿيندي، ڇو ته روضي کي اٺ دروازا هڪجهڙا آهن، جي ٻئي دروازي مان نڪربو ته ڀلجي پئبو. رستي ۾ هڪ مقامي شاگرد امام رضا رضه جي حياتي، هتي اچڻ، رستي ۾ استقبال، زندگيءَ جي صعوبتن ۽ شهادت جو احوال بيان ڪري ٻڌايو. ان بعد اول دالان ۽ صحن سالار جي اڳواڻيءَ ۾ گھمياسي. روضي جي اولاهين ڪنڊ وٽ هڪ جاءِ تي قافلي سان شريڪ ڪراچيءَ جي هڪ ذاڪر چند منٽن جي مجلس پڙهي ۽ نوحه خوان هڪ نوحو پڙهيو. انهيءَ دوران مقامي ايراني اسان جا فوٽو ڇڪيندا رهيا. صحن نهايت ڪشادا هئا ۽ قالين وڇايل هئا. هڪ ڪنڊ ۾ ڪبوترن جون کُڏيون به هيون، جن ۾ ڪبوتر اچي وڃي رهيا هئا. گھمندي اچي ضريح جي مک دروازي تي پهتاسي. ڪي زيارتي چائنٺ چمي سجدا ريز ٿيا. ڪن سلام ڪيو. ضريح تي پيهه ڏسي مون کي حج دوران طواف مهل حجر اسود کي چُمي ڏيڻ وارو منظر ياد آيو. ماڻهو هڪٻئي تي ڳاهٽ ٿي پيڙي، پيهي ضريح مبارڪ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مون ان پيهه کي منهن ڏيڻ جي همٿ نه پئي ساري. نيٺ ساجد راز ۽ هڪ نوجوان فراز اڳيان ٿي همٿ ڪري ضريح کي هٿ لائڻ جيتري زيارت ڪرائي. زيارتين جي زور تي وري پوئتي ڌڪجي وياسي. ضريح کي هٿ لائڻ پهلوانيءَ جو ڪم هيو. ٻار، پوڙهي ۽ بيمار جو ضريح تائين پهچڻ نهايت مشڪل آهي. چوويهه ئي ڪلاڪ اها پيهه رهي ٿي. ماڻهو اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪي رهيا هئا. مون هڪ پاسي ڪنڊ ۾ ويهي نفل ادا ڪيا ۽ قل خواني ڪئي. روضي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اٺ دروازا آهن، جيڪي مختلف شاهراهن ڏي کلن ٿا. جيسين ساڳئي دروازي کان نه اچبو وڃبو ته دڳ هٿ نه ايندو. هي روضو ايراضيءَ جي لحاظ کان امام علي رضه ۽ امام حسين رضه جي روضن کان وڏو وسيع آهي. ماڻهن جي حاضري ۽ پيهه به هتي گھڻي نظر آئي. پنڌ گھمڻ لاءِ ميلن جو فاصلو طئي ڪرڻو پيو پوي. دروازن کان روضي تائين پهچائڻ لاءِ مزار جون بيٽري واريون گاڏيون به هلي رهيون آهن. هڪ طرف ڪافي تعداد ۾ غسل خانا آهن، جيڪي تهه خانن تائين آهن. غسل خانن ڏي وڃڻ لاءِ هلندڙ ڏاڪڻيون آهن. روضي ۾ هر وقت نوافل ۽ تلاوت ڪلام پاڪ ٿيندي رهندي آهي. هي روضو بند نه ٿيندو آهي. قافلي وارن ۽ سالارن کان امام علي رضا جون جيڪي ڪرامتون ٻڌيون اهي صحيح هونديون، مگر ڪنهن مستند ڪتاب جي حوالي کان سواءِ هتي لکڻ مناسب نٿو لڳي. روضي اندر سهولتون تمام گھڻيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روضي ۾ ترسي ته سمهڻ يا کائڻ پيئڻ جي حوالي سان هن لاءِ مسئلو نه ٿيندو. ڪيئي مسافر رهندا به آهن، ڇو ته روضو چوويهه ڪلاڪ کليل هوندو آهي. ٻيو ته سمورا دالان ۽ روضو ايئرڪنڊيشنڊ آهي. ٽيون واش روم جو مسئلو ناهي. چوڻ وارا چون ٿا ۽ تاريخ بيان ڪن ٿا ته هن شهر مشهد جنهن کي هاڻي مشهد قدس به چون ٿا، جو اصل نالو ته تبديل ٿيندو رهيو آهي، ليڪن سندس اصل اوائلي نالو خراسان آهي. جڏهن ته هن علائقي ۽ آسپاس کي ايران جو خراسان صوبو چون ٿا، جنهن ڪري هن شهر جا ٻه حوالا آهن. صوبي طور هن جو نالو خراسان آهي، شهر طور کيس مشهد يا مشهد مقدس چيو وڃي ٿو. صوبي جو گادي جو هنڌ به آهي. اسان جي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ خراسان جي علائقي جي خراساني گڏهن کي خاص طور تي وڏي مشهوري ۽ مان آهي. خراساني گڏهه اسان جي مقامي گڏهن کان سگھا، قدآور ۽ مهانگا به ٿين ٿا مگر مون کي ايران جي سموري سفر دوران شهرن ۾ ڪٿي خراساني گڏهه ته ڇا پر گڏهه ئي نظر نه آيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ هجن، ڇو ته اسان جو رهڻ ۽ گھڻو گھمڻ شهري علائقن ۾ هيو. هن شهر کي رستن، بازارن، چوسولن، سوارين، صفائي، لباس ۾، هڪ ٻئي ۽ قانون جي احترام لاءِ ڪنهن به سٺي مشهور يورپي شهر سان ڀيٽي سگھجي ٿو. هتي جا مقامي ماڻهو گھڻي ڀاڱي پيدل هلڻ بجاءِ سواري گھڻي ٿا استعمال ڪن. ان ڪري رستن تي پيدل مقامي ماڻهن بجاءِ سياح ۽ گاڏيون گھڻي تعداد ۾ نظر اچن ٿيون. ايترين گاڏين هوندي به سواريون روان دوان آهن ۽ ڪٿي به گاڏين جي رستي روڪ بلڪل گھٽ آهي، شهر جي رستن تي ماڻهن جي سوارين کان سواءِ ٽرڪ، ٽرالر، ٽريڪٽر هلندي نظر نه آيا. بسن کي به خاص مقرر رستن کان علاوه اندرون شهر هلڻ جي اجازت ئي ناهي. ٻين شهرن کان جيڪي سياح ۽ زائرين جون بسون شهر ۾ اچن ٿيون اهي به وقت ڏسي ڊڄي ڊڄي هوٽلن جي آسپاس سواري لاهي کسڪڻ جي ڪن ٿيون. گھٽيون ۽ روڊ ويڪرا ۽ سڌا، ڪٿي به پيهه ۾ گھُتي هڻڻ جو رواج ڄڻ آهي ئي ڪونه. خاص چؤسولن تي ڏس پتي لاءِ رهنما چوڪيون ٺهيل آهن، جتي ملڪ ۽ شهر متعلق مسافر کي مڪمل معلومات ملي وڃي ٿي. رستا اڪثر ٻه طرفا ۽ شهر اندر ويندڙ روڊ به ويڪرا آهن. روڊن سان گڏ گڏ پيدل هلڻ وارن لاءِ به پڪا رستا آهن. انهن رستن سان اڪثر هٿ ۾ سامان کڻي کپائڻ وارا گھورڙيا ملي وڃن ٿا يا نظر اچن ٿا، جيڪي واٽ ويندڙن کي هڪ ڀيرو سامان آڇين ٿا، هروڀرو تنگ نٿا ڪن. ماڻهن جو آواز گھٽ ۽ خاموشي زياده آهي. گھڻي شور واريون گاڏيون روڊن تي هلندي گھٽ نظر آيون. جڏهن ته اسان جي رستن ۽ بازارن ۾ ماڻهن ۽ گاڏين جو ايترو گوڙ هوندو آهي جو گڏ هلڻ وارا به هڪٻئي جو آواز ٻڌي نه سگھندا آهن. رڳو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته او ڀائو، او رئيس، او مٺڙا، او حاجي، او لاهوتي، وٺيو وڃ، ڏاڍو سستو اٿئي، هر مال ڏهين رپئي، يا لاهوتيءَ جو اعلان آهي ٻِين رپئين گلاس آهي.
جنهن وقت پاڪستاني سڪو ايراني ڪرنسي ۾ تبديل ڪرائجي ٿو ته موٽ ۾ ملندڙ گھڻا پيسا ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، مگر خريداريءَ وقت دماغ ٺڪاڻي تي اچي ٿو ۽ خبر پوي ٿي ته وري به پاڪستان، ايران ۽ عراق کان سستو آهي. ايران ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڪا به شيءِ ايراني هزارين يا لکين تمن يا ايراني ريالن ۾ ملي ٿي، باقي گھڻو ڪجھه پاڪستان وانگر به آهي. هتي جا ماڻهو گھڻي ڀاڱي پير پرست ۽ شخصيت پرست به آهن. فرق اهو آهي ته ايران ۾ گھڻي ڀاڱي عالم يا بزرگ کي جيئري تڙپائي تڙپائي تنگ ڪري مارين ٿا، پوءِ شهيد ڪرڻ بعد مقبرا اڏي مٿن مجاور ٿي وارث بڻجي وڃن ٿا ۽ سندن نيڪي ۽ پرچار ڪن ٿا. جيئري کانئن معجزا ۽ ڪرامتون طلب ڪن ٿا ۽ مُئي پڄاڻا سندن ڪرامتن جا ڪتاب ڀري ٿا ڇڏين، جڏهن ته پاڪستان ۾ پير جيئرو به لک لهي ته مرڻ کانپوءِ وري لکين لال لهي. کوڙ واندا، ٽوٽي، سست، مجاور بڻجي خوابن ۾ ساڻن ملاقاتون، حضور ۾ حاضريون ڏيئي بشارتون ٻڌائي ماڻهن خاص ڪري عورتن جو عقيدو ۽ مٿو خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسر نٿا ڇڏين. حقيقي، نيڪ ۽ سچي ماڻهوءَ کي ڪو کنگھي ئي ڪونه ٿو.
مشهد کي گُلن ۽ باغيچن جو شهر به چوندا آهن. رستن سان ٻنهي پاسي چيل، ٻير، سرنهن، ڪچنار، اخروٽ، بادام، زردالو، آلو بخارن ۽ صوفن جا وڻ پوکيل آهن. انهن کي شهرن ۾ وڏو ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي، انهن جي ڇانگ ڪري خوبصورت بنايو ٿو وڃي. هتي اسان به سليقي سان قطار ۾ بيهڻ سکي ويا آهيون. رستن تي گند ڪچرو اڇلائڻ بجاءِ دٻا ڳولي انهن ۾ اڇليون ٿا. جيڪڏهن اهو عمل پنهنجي ڳوٺ، شهر يا ملڪ ۾ ڪريون ته صفائي جو گھڻو مسئلو حل ٿي وڃي.
مشهد ۾ اعليٰ کان اعليٰ هوٽلن سان گڏ ساديون هوٽلون ۽ مسافرخانه به موجود آهن. ماڻهو آمدني وڌائڻ لاءِ گھر جو ڪجھه حصو ڪرائي جي مهمان خاني طور به ڪتب آڻين ٿا.
اعليٰ قسم جي مرسڊيز، هينو، ڪيا، ڊائيوو جهڙين شاندار ۽ سنهنجن بسن سان گڏ ساديون بسون به آهن. بس مال تي مُلهه آهي. هتي پِيلي ٽيڪسي به جام آهن عام خانگي ۽ قيمتي گاڏيون به ڀاڙي تي هلن ٿيون. رڪشا ورلي ۽ موٽر سائيڪل عام ڏسڻ ۾ اچي ٿي، مگر اسان جي ملڪ کان گھٽ آهن. ننڍين گاڏين ۾ مهراڻ، ڪوري، يا ٻيون گاڏيون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. هتي سورهن سؤ سي سي کان ٻاويهه سؤ سي سيءَ تائين گاڏي عام آهي. شايد ان جو سبب تيل جو سستو هجڻ به هوندو. پاڪستاني رُپئي سوا ۾ ليٽر ملي ٿو. هتي ڪٿي به سياسي نعرن يا مذهبي نعرن جا بئنر يا پوسٽر نظر نه آيا. انهن نعرن کان ديوارون به پاڪ هيون. باقي ڪٿي ڪٿي چوسول، سرڪاري عمارت يا روضي اندر مذهبي قيادت يا خاص شهيد عالمن جا ڦوٽو لڳل نظر آيا. دڪانن تي گھورڙيا امام پاڪن جون خيالي تصويرون وڪڻي رهيا هئا.
هتي به پاڪستان وانگر ڪافي ٽي وي چينل آهن، مگر انهن ۾ گھڻي ڀاڱي فارسي، ٿورو ٿڪو انگريزي ۽ عربيءَ ۾ پروگرام ڏيکاريا وڃن ٿا. فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري انگريزي ۽ هندستاني فلمون به ٽي وي تي ڏيکاريون وڃن ٿيون. ايراني زبان ۽ ملڪ جي باري ۾ ڏاڍا قومپرست آهن. هروڀرو فارسيءَ کان سواءِ انگريزي يا عربي ڳالهائڻ پسند نٿا ڪن. هتي انگريزن يا عربن کي دل سان پسند نٿو ڪيو وڃي، ڇو ته هو انهن ٻنهي قومن کي پنهنجي لاءِ غلامي ۽ برباديءَ جو نشان سمجھن ٿا. ها باقي شايد ڪاروباري مجبوريءَ جي ڪري روڊن، هوٽلن ۽ ٻين ڪجھه سرڪاري عمارتن تي فارسيءَ کان سواءِ انگريزي لکت به موجود ڏسڻ ۾ آئي، پر اُها انگريزي به پڙهڻ وقت فارسي لهجو ظاهر پئي ڪري. سياسي ۽ داخلي حالتن جو حقيقي اندازو چٽيءَ ريت ان ڪري نٿو ڪري سگھان ڇو ته آئون نه فارسي ايتري ڳالهائي سگھان ٿو، نه وري سمجھي ڪنهن دانشور، سياسي يا مذهبي ڪارڪن سان ڳالهائي حالتون معلوم ڪري سگھان ٿو.
هتي خمينيءَ جي انقلاب کانپوءِ شاهه ايران رضا شاهه پهلويءَ جي دور جا سمورا نشان گھڻي ڀاڱي ختم ڪري ڇڏيا ويا آهن. مون هتي ڪنهن به اخبار واري کي ڪٿي به اخبار وڪڻندي نه ڏٺو. لازمي طور هتي عالمي ۽ مقامي اخبارون ۽ رسالار ڇپبا هوندا، جڏهن ته اسان شاگرديءَ واري زماني ۾ ايراني مشهور اخبار “ڪيهان انٽرنيشنل” جو نالو پڙهندا ۽ ٻڌندا آيا آهيون، جيڪا تهران مان نڪرندي هئي ۽ شايد هاڻي به نڪرندي آهي.
هينئر ايران جي مردن جو عام لباس سوٽ ڪوٽ آهي. جينس جون پينٽُون ۽ شرٽُون به عام پايون وڃن ٿيون. ايراني ٽاءِ اصل ڪونه ٻڌن. مردن جي وارن جو اڄڪلهه پاڪستان جهڙو رواج آهي. ايران جي زراعت ۽ زميني ڪم ڪار ۾ ڪوڏر جو ڪو عمل دخل ڪونهي. ان جي جاءِ تي بيلچو استعمال ٿئي ٿو. ايران جي سرحدي عملي جو لباس ڏهه وال کن وڏي شلوار ڪاري رنگ مليشيا جي ۽ مٿان شرٽ آهي، جيڪا شلوار جي اندارن به ڪري ڇڏيندا آهن.

ڪالهه زمرد هوٽل کان امام رضا رضه جي روضي جي زيارت لاءِ ويندي شاهراهه رضا جي فوٽ پاٿ سان هڪ دڪاندار نوجوان ڇوڪري هلندي قافلي کان پڇيو ته “انڊين” يعني هندستاني آهيو. اسان جواب ۾ چيو ته نه، پاڪستاني. موٽ ۾ فورن ڪاروباري ذهن استعمال ڪندي چيائين“ پاڪستان، هندستان زنده باد، آمريڪا مرده آباد” اهو نعرو ٻڌي مون کي پاڪستان جي اڪثر ديوارن تي يارن دوستن جو لکيل هي نعرو ياد اچي ويو “علي رضه معاويه ڀائي ڀائي.” اهڙا نعرا حقيقت معلوم هوندي به ذاتي مفاد ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ هنيا ويندا آهن. اهڙا نعرا سياسي گھٽ، مفاد پرستاڻا ۽ مطلبي گھڻا هوندا آهن.
اڄ 25 جون 2019ع آهي ۽ قافلي لاءِ آرام جو ڏينهن آهي. ان ڪري مان تيار ٿي نيرن ڪري هوٽل جي ڪمري ۾ ئي رهيس، جتان سنڌ ۽ پاڪستان جي دوستن سان فون تي رابطا ڪري حال احوال ڪيا ۽ ٽي ويءَ تي ڪجھه فارسي پروگرام ڏسندي ۽ آرام ڪندي وقت گذاريو. منهنجون نياڻيون، گھر واري ۽ پٽ ساجد حسين “راز” ذوق سان بازار جو چڪر هڻي، خريداري ڪندا رهيا. مون ٿڪاوٽ هجڻ ڪري ڪمري ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ماني کاڌي واري هال ۾ مقرر وقت تي لڳي پئي وڃي. نيرن اٺين کان ڏهين وڳي، مانجھاندو هڪ کان ٽين وڳي ۽ رات جي ماني اٺين کان ڏهين وڳي تائين هلي پئي. وڏي قافلي جي ڪري هتي به گھٽ مصالحي سان سنڌيءَ کاڌا ملي وڃن پيا. ايران جي ٽي وي چينلن تي گھٽ اشتهار هلن پيا، مگر انهن ۾ عورتن جو ڪردار گھٽ، سي به مهذب ۽ سنجيده لباس ۾ هيون، اهي به خبرن، ٽي وي ڊرامن، مذاڪرن تائين محدود آهن. ٽي ويءَ تي خبرون پڙهڻ يا ٻيو ڪم ڪرڻ واريون عورتون مٿي کان پيرن تائين ڍڪيل آهن، صرف چهرو ظاهر اٿن. هتي ٻاهر نڪرڻ واري هر عورت جورابا پائي ٿي. هتي هوٽلن، دفترن ۽ دڪانن جي استقباله تي ڪافي عورتون ڪم ڪن ٿيون. هتي نوجوان عورت کي بانو (وڏي ڀيڻ) ۽ وڏي عمر واري عورت کي “خانم” امڙ چئو ته خوش ٿين ٿيون.
اڄ 26 جون 2019ع اربع جو ڏينهن آهي. اڃا مشهد مقدس ۾ پڙاءُ آهي. مشهد ۾ به معتدل موسم هجڻ ڪري پاڻي گھٽ ٿو پيئجي. درجه حرات 26 کان 30 جي درميان رهي ٿو. هوا هلندي رهي ٿي. هوٽل، گاڏيون ۽ زيارتون اي سي هجڻ ڪري پاڻي جي طلب گھٽ رهي ٿي. پيئڻ جو منرل پاڻي بوتلن ۾ ملي ٿو. کليل پاڻي پيئڻ وارو ڪٿي به نظر نه آيو. گرمي گھٽ هجڻ ڪري پگھر به نه پيو اچي. هتي جابلو ماحول ڪري هوا ۾ مٽي ۽ رستن تي به ڌوڙ تمام گھٽ آهي. ان ڪري شهر جي آبهوا، موافق، وڻندڙ ۽ خالص آهي. اڄ شهر جي هڪ مشهور باغيچي گھمڻ جو سٽاءُ هيو، جنهن ڏي هلڻ لاءِ سالار طرفان ٽِين وڳي جو وقت رکيو ويو هيو، مگر قافلي کي ڪمرن مان نڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. نيٺ چئين وڳي هوٽل مان نڪري شاهراهه رضا تي بيٺل بسن ۾ اچي ويٺاسي. بسون مشهد جا روڊ چؤسول، عمارتون، باغيچن جون گلڪاريون گھمائينديون اچي اڌ ڪلاڪ ۾ “ڪوههِ سنگي” باغيچي کان ٿورو پرڀرو بيٺيون. ٿورو پيدل هلي باغيچي ۾ داخل ٿياسي، رستي ۾ هر منظر من موهيندڙ هيو. زمين جو ڪو به ٽڪرو خالي نه هيو، گلن، ڇٻر ۽ وڻراهه ماحول کي معتدل بڻائي ڇڏيو هيو. مشهد شهر به نئين ۽ پراڻي تعميراتي هنر جو سنگم آهي. ڪو به رستو ٽيڏو يا والار هيٺ نظر نه آيو. هتي سائيڪل ۽ موٽرسائيڪل جو استعمال به عام آهي. وڻراهه رستن ۽ گهرن کي ڍڪي ڇڏيو آهي. باغيچي ۾ گھمڻ لاءِ سالار ڪجھه هدايتون ڏنيون. هڪٻئي سان گڏجي گھمڻ جو مشورو ڏنو. جيئن اڪيلائيءَ ۾ ڀلجي نه پئجي.