پنهنجي پاران
سفرنامو هر سفر ڪرڻ وارو ماڻهو نٿو لکي سگھي، جيڪڏهن هر مسافر پنهنجي سفر جي وارتا لکي ته سفرنامن جا انبار لڳي وڃن ۽ دنيا جا ملڪ ۽ ماڻهو هڪٻئي جي اڃا به قريب اچي وڃن ۽ هڪ مستند ۽ لاڀائتي تاريخ جُڙي پوي پر حقيقت ۾ ائين نٿو ٿئي، ڇو ته هر مسافر جون ترجيحات پنهنجون پنهنجون ٿين ٿيون. ٻيو ته هر سياح مسافر ٿي سگھي ٿو پر هر مسافر سياح نٿو ٿي سگھي. جيئن ڪو ڪاروباري مسافر هوندو آهي ته ڪو نوڪريءَ لاءِ مسافري ڪندو آهي، ڪو زيارتي سفر اختيار ڪندو آهي. ڪو وري سير لاءِ سياحت ڪندو آهي. ان ڪري هر مسافر پنهنجي پسند ۽ ضرورت جون شيون ثمر طور هٿ ڪندو آهي. جيڪو ماڻهو سياحت لاءِ مسافري اختيار ڪري ته ان لاءِ اهو بهتر آهي ته هو جنهن علائقي يا ملڪ جو سفر ڪرڻ چاهي ٿو ته اڳواٽ ان ملڪ يا علائقي جي آبهوا، زبان، جاگرافي، حدن، موسم، سفري وسيلن ۽ ٿورو گھڻو اتان جي رسم و رواج جي معلومات ضرور رکي. اڄڪلهه جديد دور ۾ اهڙي معلومات نيٽ تان هر ڪنهن کي آسانيءَ سان ملي سگھي ٿي. اهڙي ريت سفري معلومات آسانيءَ سان لکي ۽ پڙهي سگھجي ٿي. ڪنهن به ملڪ جي سير لاءِ اُسهڻ کانپوءِ سڀ کان اول ان ملڪ جي اجازت نامي جي ضرورت پوندي، جنهن کانپوءِ ان ملڪ جي سڪه رائج الوقت جي معلومات ۽ حاصلات، ان کانپوءِ سفر ڪرائڻ واري ڌُر (ڪمپنيءَ) جي چونڊ ڪرڻ، اهڙي چونڊ ڪرڻ مهل ان سياحتي ڌر جي اڳواٽ معلومات هجڻ ضروري آهي ته ان جي ماحول ۾ ساک ڪيتري سٺي آهي. ان جي مالي حيثيت، ان جو سياحتي تجربو، ان جي اهلڪارن جو سياحتي تجربو ۽ سهڪار ڪيترو پڪو ۽ پختو آهي. اهڙي معلومات هجڻ واري مسافر کي سفر دوران اهنجايون گھٽ ڏسڻ ۾ اينديون آهن. ان ملڪ جي سياحتي معلومات متعلق ڪو ڪتاب ملي ته اهو پڙهڻ ۽ ساڻ ڪرڻ گھرجي. سفر اڪيلي ڪرڻ بجاءِ ڪنهن قافلي يا ساٿيءَ سان گڏ ڪرڻ گھرجي، ڇو ته اهڙي طرح خرچ ۾ ڪي قدر بچت ۽ ڏک سک ۾ حصيداري ٿئي ٿي. سفري ادارا (ٽريول ايجنسيون) سنڌ جي بسن ۽ ويگنن وارن جيان مسافر کي سوار ٿيڻ کان اڳ ۾ ادا، ڀائو، بابا سائين، صاحب ڪري سڏيندا آهن، مگر سوار ڪرڻ ۽ ڪِرائي وٺڻ کانپوءِ سندن اکيون ڪياڙيءَ ۾ ۽ رويو ۽ لهجو ئي بدلجي ويندو آهي. اهڙي ريت سفري ادارن جو به مسافر جو پاسپورٽ هٿ ۾ اچڻ ۽ سواريءَ تي ويهارڻ کانپوءِ ٻوٿ ٻئي پاسي ٿي ويندو آهي. سندن غلطي، زيادتي يا تڪليف بيان ڪرڻ تي ڳالهائڻ بس يا ويگن ڪنڊيڪٽر جهڙو ٿي ويندو آهي. پوءِ پرديس ۾ لڇڻ ۽ پڇڻ فائدي ۾ نه رهندو آهي. جيڪڏهن قافلي سالار يا گڏ ساٿيءَ سان تلخي ٿي وڃي ته گھمڻ جو مزو ئي هليو ٿو وڃي. سفر ۾ لباس ۽ سامان جي وزن جو خاص خيال رکڻو پوي ٿو. لباس ملڪ جي موسم آهر ۽ لاهڻ پائڻ ۾ آسان کڻڻ گھرجي. سامان جو وزن گھٽ هجڻ جو فائدو اهو هوندو آهي ته هڪ ته سواريءَ کان سواءِ کڻڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي ۽ سنڀالڻ به آسان ٿئي ٿو. سفر دوران ضرورت مطابق ۽ گھٽ کائڻ ۽ ميوي جي استعمال کي ترجيح ڏيڻ گھرجي. عام ضرورت جون دوائون ملڪ مان کڻي وڃڻ گھرجن، ڇو ته ٻاهرين ملڪن ۾ دوائون ۽ علاج مهانگو آهي. ٻيو ته اوهان جي اصل مقصد يعني سياحتي سفر ۾ خلل پوندو آهي. سفر دوران پنهنجي سنڀال پاڻ کي ڪرڻي پوندي آهي، ڇو ته سفر ۾ هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هوندو آهي. هر جاءِ تي خريداري ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي. اگر خريداري ضروري هجي ته سفر جي آخر ۾ ڪرڻ گھرجي، جنهن جو فائدو اهو آهي ته هڪ سفر دوران مالي ڪمزوري نه ٿيندي ۽ ٻيو ته سامان جي وزن جو مسئلو نه ٿيندو. خاص طور تي هوائي ڪمپنيون مقرر وزن کان وڌيڪ سامان لاءِ مسئلا پيدا ڪنديون آهن ۽ عين پرواز وقت اهڙي مسئلي تي پريشاني ٿيندي آهي. مسافر ڪمپنين وارا مختلف حيلن بهانن سان بچت ڪرڻ خاطر مسافرن لاءِ تڪليفون پيدا ڪندا آهن. مثال طور: سستيون سواريون، سستا هوٽل، غيرمعياري سستا کاڌا کارائڻ يا سفر دوران ويلا بچائڻ، اهي معاملا معاهدي وقت طئي ڪرڻ گهرجن. سياحت دوران معلومات کي مُيسر ڄاڻ سان ڀيٽڻ يا پرکڻ گھرجي جيئن اڳتي صحيح ڳالهه وڌائي سگھجي.
سفر ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ شوقيه ۽ زيارتي ۽ ٻيا معلوماتي ۽ سياحتي. بهرحال سوچڻ ۽ سمجھڻ واري لاءِ هر سفر ڪارائتو هوندو آهي. اسان جو سفر زيارتي سان گڏ معلوماتي به هيو. ان ڪري اسان پنهنجي وس آهر ٻئي مقصد ماڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ هي سفر نالي ۾ ٻن ملڪن جو سفر هيو. ليڪن ٻئي طرف ٻن تهذيبن ۽ زبانن جو سفر هيو. ڇو ته تاريخ ۾ ايران ۽ عراق جي تهذيب ۽ زبانن، عربي ۽ فارسيءَ جو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت تي وڏو اثر رهيو آهي ۽ آهي به. ڇو ته بغداد جي خلافت ۽ ايراني نادرشاهي صدين تائين اسان جي تهذيب ۽ ڌرتيءَ تي هسوار رهيون آهن. نواڙي کان گمبٽ، ڪراچي، دبئي ۽ اتان وري نجفِ اشرف جو سفر ڄڻ سنڀلڻ ۾ گذريو، ڇو ته سفر جو اصل مقصد ته نجف اشرف پهچي شروع ٿيو، جو کُلي گھمڻ، ڏسڻ ۽ ملڻ جي ابتدا اتان ٿي. ٻڌل دبئي ۽ ڏٺل دُبئي، ٻُڌل ۽ پڙهيل نجف کان ڏٺل نجف بلڪل مختلف هيا، ڇو ته تصوراتي عڪس ۽ حقيقي منظر الڳ الڳ اثر رکن ٿا. پراڻو ڪوفو هاڻي نجف ۾ گم ٿي ويو آهي. ابن زياد جي فرمان روائي نجف جي قبرستان وادي سلام ۾ غرق ٿي وئي. چوڏهن سؤ سال اڳ واري نجف يا ڪوفي جو ٻڌل منظر، ڏٺل نجف جي حقيقت کان بلڪل مختلف لڳو. نبين، اوليائن، امامن، عالمن جو هي شهر اهل نظر لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. دين ۽ دنيا جون وڏيون وڏيون حقيقتون هن شهر سان وابسته آهن. اڄڪلهه نجف کان 85 ڪلوميٽرن تي موجود جديد ڪربلا ايڏو پري ته ڪونهي، ليڪن چوڏهن صديون اڳ ۾ جڏهن ظالمن جي هٿ ۾ اگھاڙن پٺن جي اٺن جون واڳون هونديون هيون ۽ انهن اگھاڙن پٺن تي سوار مظلوم ٻارن ۽ عورتن اهو 85 ڪلوميٽرن جو سفر ڪيڏي اذيت سان طئي ڪيو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ انهن مظلومن کان سواءِ ٻئي جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪٿي حيدر ڪرار جو گھر، ڪٿي مسجد ڪوفه جي هيبت، محسوس ته ڪري سگھجي ٿي ليڪن بيان ڪرڻ وس ۾ ناهي. ڪربلا ۽ڪوفيٰ جو درمياني علائقو اڄ به گھڻي ڀاڱي اجاڙ آهي.
گلن لاءِ ڪالهه وڙهياسي ڪنڊن سان
انهن ئي گلن آ ڪئي سنگ باري.
مقدس زيارتن کان علاوه باقي ڪربلا بدلجي هڪ جديد شهر بڻجي چڪو آهي. چوڏهن صدين کان پوءِ اها تبديلي ته لازمي آهي، ليڪن ڪربلا جو بنياد وجھندڙن جي سيرت جو اثر هتي رهندڙ جديد دور جي ماڻهن تي تمام گھٽ آهي. تاريخ جي دَز انساني سينن تي جلدي ڄمي وڃي ٿي. نجف ۽ ڪربلا جي درميان ۽ انهن جي آس پاس، امام زادن، سيد زادن، معصومن ۽ امامن جون مزارون ڪربلا ۽ نجف کي اڄ به دوام بخشي رهيون آهن. نجف ۽ ڪربلا جي موسم ۽ ماڻهو اڄ به سخت مزاج آهن.
صحتمند دل و دماغ لاءِ سير و سياحت ضروري آهي. جيڪڏهن وسائل ۽ وقت اجازت ڏين ته ان لاءِ پيسو پاسيرو ڪري رکجي. اهڙي طرح جيئن يورپ جا اڪثر ماڻهو ڇهه مهينا ڪمائيندا ۽ ڇهه مهينا سياحت ڪندا آهن. ضروري ناهي ته ٻاهرين ملڪن جي سياحت ڪجي. گھمڻ ڦرڻ، ڏسڻ لاءِ پنهنجي سنڌ ۾ به گھڻو ڪجھه موجود آهي، رڳو اک پٽڻ جي ضرورت آهي. جدت اچڻ کانپوءِ سنڌي لوڪ مان سياحت ائين ڇڏائي وئي آهي، جيئن سنڌ جي تعليمي نصاب مان سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
هونئن به سفر وسيلهءِ ظفر هوندو آهي، شرط اهو آهي ته سفر جو رخ صحيح هجي. ها ته، عراق جي بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۽ تمدن به ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهي به عراق جي سرحدن اندر ئي آهن. آل محمد ﷺ جي نالي ۾ خلافت حاصل ڪرڻ وارن عباسي خليفن به اڳتي هلي آل رسول ﷺ سان سٺو سلوڪ نه ڪيو هو. جيڪڏهن ماضيءَ ۾ چنگيز خان، هلاڪو خان، تاتاري، سلجوقي، ساساني عراق ۽ بغداد تي حملو ڪري قتلِ عام نه ڪن ۽ ڪتب خانا نه اجاڙين ها ته اڄ عراق ۽ ان جي تهذيب جو اوج ڪجهه ٻيو هجي ها. جيڪڏهن ماضيءَ جي تاريخ عراق جي چپي چپي ۾ دفن آهي ته ان جون سرحدون به وقت به وقت سُسنديون ۽ اينگھنديون رهيون آهن. جيڪڏهن تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو ڪبو ته عراق ڪربلا جي واقعي کانپوءِ گھڻو تڻو مصيبت زده رهيو آهي. ان ڪر ي مادي ترقيءَ ۾ هميشه پوئتي رهيو آهي. دجله ۽ فرات جو مالڪ ملڪ عراق اڄ به زرعي طور گھڻو پوئتي آهي. سامره، ڪاظمين، مدائن، بغداد، بصره، نجف ۾ تيل کان علاوه عراق جي گُم ٿيل تاريخ به دفن آهي. اسان لاءِ جيترو يورپ گھمڻ مهانگو آهي، اوترو ئي ايران، عراق جي سياحت سولي ۽ سستي آهي. هتي اسان لاءِ کائڻ، پيئڻ، لباس ۽ رهڻ جو به هروڀرو ڪو مسئلو نٿو ٿئي، نه ته وري ڪي ايڏا خاص انتظام ڪرڻا پون ٿا.
لکڻ ۽ پڙهڻ ڄڻ ته هڪٻئي جا جاڙا ڀائر آهن. پڙهڻ لکڻ جو بنياد آهي ته لکڻ پڙهڻ جو محافظ آهي. هڪٻئي سان اهڙو جڙيل هجڻ ڪري انهن جي مسلسل مشق ڪرڻ لازمي آهي. دنيا ۾ ڪي ڪم اهڙا هوندا آهن، جن ۾ ننڍي يا وڏي ساهي پٽڻ سان ان ڪم تي ڪو اثر نه پوندو آهي، مگر لکڻ ۽ پڙهڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو جيڪڏهن روزانو جاري نه رکيو وڃي ته ان ۾ گھاري يا سُستي اچي وڃي ٿي. اهڙي ريت ايران، عراق جي سفر تان موٽڻ کانپوءِ اهو سوچي سفر جي ساهي پٽي ته سفرنامي کي اتاري وٺندس مگر وقفي وارو آرس وڌندو ويو. اڄ سڀاڻي تي ٽرندڙ ڪم ڊگھو ٿيندو ويو. جولاءِ 2019ع ۾ مون کي “نواڙي کان نيشاپور تائين” جي عنوان وارو سفرنامو پورو ڪرڻو هيو. سو ڪم جولاءِ کان جنوري 2020ع تائين طويل ٿي ويو. بهرحال اندر ۾ هر وقت اهو کٽڪو رهيو ته هڪ اهم ڪم ڪرڻ کان رهيل آهي. خاص سٽون ۽ ياد ڳالهيون ته ڪيترن ئي سفرن جون لکيون آهن مگر مڪمل سفرنامو ڇپائڻ جي خيال سان منهنجي هيءَ پهرين تحرير آهي. سفرناما لکڻ لاءِ جتي سفر ڪرڻ ضروري آهي اتي سفرناما پڙهڻ به اوترو ئي لازمي آهي. مون به پنهنجي زندگيءَ ۾ واسڪوڊيگاما، مارڪو پولو، سندباد سيلانيءَ جا سفرناما ته پڙهيا آهن مگر هاڻوڪي سنڌ جي مشهور سياح ۽ سفرناما ليکاري محترم الطاف شيخ جا به ڪافي سفرناما مطالعي هيٺ آندا آهن، جن ذهن ۾ سفرناما لکڻ ۽ پڙهڻ جو ذوق پيدا ڪيو. هي ننڍڙو سفرنامو ان ذوق جو ظهور آهي. اسان جي سونهاري سنڌ ۾ سفر ملڪي يا غير ملڪي تمام گھڻا ئي ڏاها ماڻهو ڪن ٿا، مگر انهن سفري حالات ۽ واقعات کي قلم سان قيد ڪرڻ وارو عمل ڪو ڪو ڪري ٿو. ٿي سگھي ٿو فني لحاظ کان منهنجي هن تحرير ۾ ڪيئي جهول هجن، مگر مون ايمانداراڻي ڪوشش ڪندي جيڪو جيئن ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ ٻڌو سو جيئن جو تيئن پني تي پلٽيو آهي. منهنجي هر دوست کي اها ادنيٰ التماس آهي ته هو جيڪو به سفر ڪن، ان جون وارتائون ۽ مشاهدا قلمبند ڪن. اها پڙهڻ واري قاريءَ لاءِ معلومات ۽ تاريخ ٿئي ٿي. اهڙيون تحريرون نَون مسافرن لاءِ راهنما ٿين ٿيون.
هونئن ته انسان جي پوري زندگي هڪ اڻ ڏٺي منزل جو سفر آهي، جيڪڏهن سموري ڪٿا کي ڪٺو ڪجي ته علم جي هر شعبي جو هڪ وڏو ذخيرو گڏ ٿي وڃي، جيڪو اچڻ وارن نسلن لاءِ پُر پيچ پيچرن جو پارکو بڻجي پوي مگر هي ڪم ڏسڻ ۾ جيترو سولو نظر اچي ٿو، لکڻ ۽ ڪرڻ ۾ اوترو ئي ڏکيو آهي، ڇو ته لکڻ لاءِ اٽل ارادو، وقت جي پابندي، يادگيرو ۽ سچ ڳالهائڻ جي همت هجڻ نهايت ضروري آهي. اهي گڻ وري ڪنهن ڪنهن ۾ ٿين ٿا. لکڻ پڙهڻ شوق جو محتاج آهي ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ وري ڪنهن هُنر جي ضرورت آهي. ضروري ناهي ته اهو هنر هر ڪنهن کي اچي. بهرحال حسبِ توفيق سفري لاهن چاڙهن، ڏکن سورن، ڏيک ويک، موسم، ماحول، رهڻي ڪهڻي، تاريخ، جاگرافي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي متعلق ٿورو گھڻو لکڻ ضرور گھرجي جيڪي ذوقين پنهنجو رونامچو لکڻ جا هيراڪ آهن، انهن لاءِ ته سفرنامو لکڻ نهايت ئي آسان آهي. ان ڪري اڄ سوڌو اسان تائين جيڪو علم ۽ ايجادات استعمال هيٺ آهن، ان سموري عمل ۾ لکارين جو دخل آهي. قصا، ڪهاڻيون، ذڪر اذڪار به خود سفرنامي جو حصو آهن.
ايران، عراق جو هر مسافر مختلف سببن جا سفر ڪري ٿو. ڪو عقيدي جي ڪري عازمِ سفر ٿئي ٿو. ڪو سياحت جو سعيو رکي ٿو. منهنجو سفر ٻنهي مقصدن تي ٻڌل هيو. منهنجي خيال ۾ هن سفرنامي ۾ ڪافي ڪَميون ڪوتاهيون رهجي ويون آهن. وقت جي ڪميءَ جي ڪري ڪافي ماڳ مڪان ڇڏڻا پيا. ٻيو قافلي سان گڏ هجڻ ڪري انهن جي حال تي هلڻو پيو پوي، هو ته منهنجي حال تي هلي نه پيا سگھن. ڇو ته قافلي ۾ ڀانت ڀانت جا همسفر هئا، ان ڪري هر ڪنهن جو ذوق ۽ خيال پنهنجو هيو. مثال طور ٻلهڙيجيءَ جا چار دوست به گڏ هئا. جڏهن بغداد ۾ حضرت غوثِ اعظم جي زيارت لاءِ بس مان لهون پيا ته اهي مون کي چون پيا ته ڪاڏي ٿا وڃو. ڇا رکيو آهي ايڏانهن ۽ پاڻ سمورو وقت بس ۾ ويٺا رهيا. ان ڪري چوندا آهن ته پسند پنهنجي پنهنجي، خيال پنهنجو پنهنجو. ڪن سياڻن جو اهو به چوڻ آهي ته گھڻي کاڌي کان گھڻو ڏٺو ڀلو آهي. کائجي جيترو جيئڻ لاءِ ضروري آهي ۽ ڏسجي ايترو جيترو ڏسي سگھجي يا موقعو ملي. ان مشق ڪرڻ سان علم ۽ عقل ۾ اضافو ٿئي ٿو. اهو به تجربو ٿيو ته قافلي سان گڏ سفر ڪرڻ سستو ۽ اڪيلو سفر ڪرڻ مهانگو پوي ٿو. قافلي سان اڪيلائيءَ جو احساس نٿو رهي. اڪيلي سفر ڪرڻ سان اوهان پنهنجي مرضيءَ سان گھمي ۽ رهي سگھو ٿا.
عراق جو سفر پورو ڪري جڏهن شام جو عراق ايران جي مهراڻ سرحد تي پهتاسي ته سرحد پار ڪرڻ مسئلو ٿي ويو. عراقي سرحدي عملدارن روڪي ورتو. روڪڻ جا اسباب اڳتي لکي چڪو آهيان. عراقي سرحد مون کي پاڪستان جو تفتان وارو علائقو لڳي رهي هئي، رڳو ويراني ئي ويراني هئي. دفتري ڪيبنن کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه هيو. ٽن کان چئن ڪلاڪن جي ڪوفت واري انتظار کانپوءِ ڏيتي ليتيءَ بعد سرحد اُڪرڻ ڏني وئي. انتظامي سلوڪ پاڪستاني انتظاميا جهڙو لڳي رهيو هيو. بهرحال سرحد اُڪرڻ بعد اطمينان ٿيو. بسن مهراڻ سرحد کان قم تائين جو سفر ٻارهن ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. قم جو جمال الدين دروازو اسان جي بسن جي آخري منزل هو. صاف سٿري شهر کي ڏسي دل خوش ٿي. قم ايراني انقلاب جي رهنما علامه آيت الله خمينيءَ جو اباڻو شهر آهي. قم شهر سان گڏ صوبو به آهي. هتي تمام گھڻا مذهبي ۽ سياحتي ماڳ آهن، جنهن لاءِ گھمڻ خاطر وافر وقت گھرجي. هن تاريخي شهر جي هڪ الڳ قدامت آهي. ايران ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ زبان کان سواءِ باقي ٻي اجنبيت وارو احساس ختم ٿي ويو. گھڻيون شيون پاڪستان سان ملن جلن ٿيون. قم ۾ رهڻ دوران اسان پاڻ کي گھڻو هلڪو ڦلڪو محسوس ڪيو. قم کان تهران جو بس ذريعي ڏيڍ کان ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. جڏهن ته قم ۾ ريل ۽ هوائي جهاز جي سهولت به آهي. قم جيان تهران به پهاڙن جي جھول ۾ آهي. تهران جديد ۽ قديم روايتن جو امين آهي. هي ايران جو دارالخلافه آهي. هن شهر پهلوي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ جو دور ايران ۽ تهران جي ترقيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
ايران جي مذهبي، هنري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ الڳ اهميت آهي. ايران جا پنهنجا مُلڪي سرحدي علائقا گھڻي ڀاڱي سر سبز ۽ آباد آهن. ايران کي پنهنجو ريلوي، فضائي ۽ مضبوط بحري نظام آهي. عام خبرون آهن ته ايران جوهري طاقت ٿيڻ جي بلڪل ويجھو آهي. ايران جي ملڪي معيشت ۾ سياحت جو به اهم حصو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين سياح هر سال ايران اچن ٿا. ايران جي هر وڏي شهر جي بازار نئين ۽ پراڻي تهذيب جو امتزاج نظر اچي ٿي. جتي ايراني آباديءَ جي اڪثريت مسلمان آهي، اتي ٻين مذهبن جا ماڻهو به آزاديءَ سان رهن ٿا. ايران ۾ اعليٰ تعليم جا جديد ۽ قديم تعليمي ادارا موجود آهن، جن ۾ خاص طور تي پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد تعليم پرائي رهيو آهي. ايران جي معيشت کي ڇهه ساله ايران عراق جنگ ۽ آمريڪي معاشي پابندين وڏو ڌڪ رسايو آهي.
تادم تحرير دنيا ۾ پکڙيل وبا ڪرونا وائرس به ايران جي عوام جون هڪ هزار کان به وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي. ايران جتي صنعتي ترقيءَ ۾ ڀڙ آهي، اتي زرعي حوالي سان به ڪافي اڳڀرو آهي. هونئن ته سمورو ايران ڏسڻ جهڙو آهي ليڪن خاص طور تي تهران، قم، نيشاپور، مشهد، زاهدان، ايراني آذربائيجان، مروند، شيراز، طوس، تبريز ضرور گھمڻ گھرجن. اصفهان ايران جوا يترو خوبصورت شهر آهي جو تاريخدانن ۽ سياحن ان کي “نصف جهان” يعني “اڌ جهان” سڏيو آهي. هي باغن ۽ خوبصورت عمارتن جو شهر آهي.
بهرحال وس ۽ وِت آهر سير و تفريح، صحت ۽ علم لاءِ نهايت ضروري آهي. سياحت جي حوالي سان ايران نهايت ئي سڻائو ۽ سولو ملڪ آهي، رڳو آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي معاشي پابندين کان مجبور آهي، ورنه ايران جي سياحت تمام سستي آهي، ڇو ته اسان جو رپيو ايراني دينار کان مٿانهون آهي. باقي قارئين، هن سفرنامي جي مطالعي کانپوءِ راءِ جو اختيار اوهان کي آهي، جيڪا جهڙي به هوندي، آئون ان کي رهنمائي سمجھي اکين تي رکندس.
آئون ٿورائتو آهيان پنهنجي ڪٽنب ۽ ساٿي مسافرن جو، خاص طور تي عابد حسين راز، ساجده راز جو جن هن سفر کي ممڪن بنايو ۽ سفرنامي لکڻ ۾ سهڪار ڪيو. احسان مند آهيان سائين الطاف شيخ جو جنهن قرب ڪري مهاڳ لکڻ جي مهرباني ڪئي. ان سان گڏ لک لائق سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جا جنهن هن عمر ۾ چار قيمتي گھڙيون ٻه اکر لکڻ ۾ سيڙايون. خاص احسان منهنجي ربّ سائين جا جنهن سفر جي توفيق ڏني، صحت عطا ڪئي ۽ مون کي هي سفرنامو لکڻ جي سگھه ڏني.
چڱو، موڪلاڻي ناهي. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
“راز” علي گل ڀٽو
“راز” گھراڻو،
اسٽيشن روڊ، باءِ پاس گمبٽ
03008314805