سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

بيبي فاطمه معصومه رضه جي روضي جي زيارت

شام جو مغرب جي نماز کانپوءِ سڏ پنڌ تي بيبي فاطمه معصومه رضه جي روضي جي زيارت لاءِ روانا ٿياسي. گھٽيءَ جو موڙ مڙي سڌا ٿياسي ته منهن سامهون وڏي شاهراهه جي چؤسول تي روضي جو دروازو هيو. چؤسول تي ٽه طرفيون وڏيون شاهراهون هيون. ٻن شاهراهن درميان تيزيءَ سان هڪ واهه وهي رهيو هيو. ان جو پاڻي صاف هيو. ان واهه تي روضي سامهون پراڻي طرز تي سِرن جي ونگُن سان هڪ شاندار پل هئي. پل جي گول دروازن کي ڏسي سکر بئراج واري ڇاهٺ دروازن واري پل ياد اچي وئي. هي سموري پل پڪين سِرن جي ٺهيل آهي، جنهن کي سيمينٽ وغيره جو ڪو پلستر به لڳل ناهي. پل روضي ۽ روڊن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. پل وٽان پاڻي مٿانهينءَ کان هيٺانهينءَ تي ڪِري ڏاڍي سونهن ۽ آواز پيدا پيو ڪري. پل تي ننڍڙن آبشارن ۽ روشنين جي ڪري رونق هئي. ڪافي مقامي ماڻهو به پل تي گھمي ڦري رهيا هئا. صفائي جو تمام سٺو انتظام هيو. ماڻهو به صفائيءَ جو خاص خيال پيا ڪن. واهه جي روضي طرف واري ڪناري سان حد نظر تائين باغيچو آهي، جنهن ۾ گلن ٻوٽن سان گڏ شمع دان روشنيءَ لاءِ ۽ ويهڻ خاطر بينچون رکيل هيون، جتي گھورڙيا گھمي رهيا هئا. ڪو به ڪک پن يا گند گاهه وغيره ڪونه هيو. پل ٽپي ٻئي طرف وياسي ته ڪناري سان باغيچو ۽ ٻئي طرف دڪانداريءَ جي بازار هئي. جڳهه جڳهه تي گند جا ڊٻا رکيل هئا. هي واهه قم شهر جي وچ مان گذري رهيو آهي. منهنجي پٽ ساجد راز ٻڌايو ته واهه ڪنهن حد تائين جرمني جي وينس نديءَ جهڙو نظارو پيش ڪري رهيو آهي. واهه جو نظارو ڪري اچي روضي جي زيارت لاءِ دروازي تي تلاشي ڏئي اندر داخل ٿياسي. هن روضي سان گڏوگڏ ايران جي روحاني پيشوا ۽ ايراني انقلاب جي اڳواڻ آيت الله روح الله خمينيءَ جو گھر به آهي، جنهن کي هاڻي حرم جو حصو بڻايو ويو آهي. روضي جي تعمير ۽ هنر جي قدامت ڏسي ماڻهو حيرت ۾ ضرور پوي ٿو. روضي جي داخلي دروازي جي اندران ئي هڪ چوغان آهن، جنهن جي وچ ۾ پاڻيءَ جو ڦوهارو ۽ ڀر ۾ ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل لڳل آهي. ديوار تي هڪ ايل سي ڊيءَ ذريعي روضي ۽ بيبي معصومه متعلق معلومات چوويهه ڪلاڪ هلندي رهي ٿي. ٿورو اڳتي جُتين رکڻ جا دخل آهن، جتي جتيون پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ وجھي دخل تي جمع ڪرائي مفت ۾ ٽوڪن وٺبو آهي. پلاسٽڪ جون ٿيلهيون اتي انتظاميا پاران رکيل آهن. اتي ئي ڀرسان هڪ وڏو عاليشان ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي فارسي ۽ ڪجھه عربي ۽ انگريزي ڪتاب رکيل آهن. ٻاهرئين سي سي ٽي ويءَ وانگر هر صحن، دالان ۾ الڳ الڳ اسڪرينون لڳل هيون، جتي ساڳي معلومات فارسيءَ ۾ لکجي پئي اچي ۽ آواز ذريعي ٻڌائي به وڃي پئي. سواءِ مقبري ۽ مسجد جي باقي روضي جي حدن ۾ جتين سان گهمي سگھجي ٿو. هن روضي کي اسلامي انقلاب کانپوءِ وڏي مدرسي يعني يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، جتي ديني ۽ دنيوي اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. هر سبيل وٽ هڪ دفعو پِي ضايع ڪرڻ واريون پلاسٽڪ جون ڪُپيون پيل آهن، جنهن کي هڪ ڀيرو استعمال ڪري گند جي دٻي ۾ اڇلائبو آهي. صحت جو هتي ايترو خيال رکيو وڃي ٿو. روضي ۾ هر قوم، هر ملڪ ۽ مذهب جا ماڻهو گھمي رهيا هئا، ليڪن گھڻي ڀاڱي فارسي ۽ عربي ڳالهائين پيا. روضي ۾ بي بي فاطمه معصومه رضه جي ضريح مبارڪ آهي، جنهن کي سونهري رنگ ڏنو ويو آهي. ضريح جي زيارت لاءِ ماڻهن جي حد کان وڌيڪ پيهه هئي. ڀرپاسي ۾ ڪي نفل پڙهي رهيا هئا، ڪي قل خواني ڪري رهيا هئا ته ڪي وري تلاوتِ قرآنِ مجيد ڪري رهيا هئا. ضريح مبارڪ جي زيارت ڪري نڪري رستي سان هڪ اهڙي جاءِ تي پهتاسي، جتي علمي ڊاڪٽرن جا ڪمرا هئا، جنهن کي مشوري گاهه چيو پيو وڃي، اتي ماڻهن جي قطار لڳل هئي، جيڪي واري سان اندر ويٺل عالمن کان پنهنجي مسئلن جو حل ۽ جواب پڇي رهيا هئا. علمي مسئلن جا جواب سائنسي ۽ شرعي علم جي روشنيءَ ۾ ڏنا پئي ويا. اتي ئي ڀر ۾ هڪ ڪتب خانو هيو. اتي معلوم ٿيو ته بيبي معصومه عالمه ۽ شاعره به هئي. علم جي روشنيءَ ۾ عورتن جي ديني تربيت به ڪندي هئي. معذورن جي عبادت لاءِ جڳهه جڳهه تي ڪرسيون به رکيل هيون. بهرحال اسان گھمي ٿڪجي پياسي، مگر حرم جا شعبا نه کُٽا. ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ اسان ڪا جديد ۽ قديم سنگم واري درسگاهه گھمي رهيا آهيون. روضي اندر، مسجد، ورانڊن جي ڇتين ۽ ڀتين تي اعليٰ قسم جي هنر سان شيشي جي پچڪاري ۽ گلڪاري ڪئي وئي آهي. شيشاگرن جي هنر کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون. حرم جي پوئين پاسي غير ملڪي پيسا مٽائڻ جي بازار آهي. ان کان علاوه آس پاس ٻيون به بازارون آهن مگر ڪٿي به رستن سان والار واري کيچل ناهي. قافلي مان جن به قم مان خريداري ڪئي، اهي دانهون پيا ڪن ته قم ۾ عراق کان وڌيڪ مهانگائي آهي. ايران جي پنهنجي سڪن ريال ۽ تُمن جي درميان عجيب قسم جو ڏهوڻ تي فرق آهي. سندن پيسي جي مٽاسٽا واري اها جدول اسان کي سمجھه ۾ نه آئي. ايراني تمن ايراني ريال کان مهانگو آهي. جيڪڏهن ڏهه هزار ايراني تمن ڏيو ته هڪ لک ريال پيا ملن. ايران ۽ عراق جي سڪي ۾ هڪ اڌ سيڪڙي جو فرق آهي، پاڪستاني سڪو ايران جي سڪي کان اٺوڻ تي مهانگو آهي. ايراني شيون ايراني سڪي ۾ ايتريون مهانگيون آهن جو انهن کي رپئي ۾ اگھه معلوم ڪريو ته شيون پاڪستان کان هتي مهانگيون آهن. ان ڪري هروڀرو ايران مان خريداري ڪري مهانگائي ۽ وزني بار نه کڻجي. ايران مان صرف اها شيءِ خريد ڪجي جيڪا يا ته هتي نه ملندي هجي يا وري ايران ۾ پاڪستان کان سستي ملي. هتي جي اصل سوکڙي کارڪون، ڀڳڙا، حلوو ۽ سون وڙو آهي، باقي تسبيحون، ٽوپيون، رومال، ڪپڙو يا مصّلا هتان جا ٺاهيل ناهن، باقي اهو سامان چين، ترڪي يا ٻين ملڪن مان اچي ٿو.
هتي ۽ عراق ۾ هن موسم ۾ ڏينهن تمام وڏو ۽ رات تمام ننڍي ٿيندي آهي. هتي جون ۾ اٺين ۽ نائين وڳي مغربين (مغرب ۽ سومهڻيءَ) جون اذانون اچن ٿيون، وري صبح جو ٽين وڳي صبح جي اذان اچي ٿي. هتي اسان اذانن جو آواز گھٽ ٻڌو آهي. شايد هوٽلن ۾ بند هجڻ يا سفر ۾ هجڻ جي ڪري اذان ٻڌڻ ۾ نه ايندي هجي. رات جو ساڍي ڏهين وڳي بيبي معصومه جي حرم جي زيارت تان موٽي اچي هوٽل تي رات جي ماني کاڌي سي. عورتن کي بازارن ۾ گھمڻ جو شوق هوندو آهي، سو ٽولا ٺاهي نڪري پيون پون. گھمي ڦري پوءِ هوٽل تي موٽي پيون اچن. گڏ رهڻ، سفر ڪرڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي ڪري هڪ ٻئي جون ساهيڙيون ۽ واقف ڪار ٿي ويون هيون. هونئن به قافلي ۾ اڪثريت سنڌين جي هئي، تنهن ڪري هڪ ٻئي سان رلي ملي وڃڻ فطري عمل هيو. ڪچهري ڪندي رات جا ٽي ٿي ويا ۽ پوءِ آهستي آهستي هرڪو بسترن ڀيڙو ٿيندو ويو. دير سان سمهڻ جي ڪري اسان زائرين جي صبح جي نماز قضا ٿي وڃي پئي. پوءِ اها نماز قضا ڪري پيا پڙهون. هتي به هر ڪنهن کي سالارن کان لاتعلقي ۽ عدم توجهي جي شڪايت هئي. زيارتين جي رهنمائي ۽ سنڀال ڪرڻ بجاءِ پري پري پيا رهن.
اڄ 22 جون ڇنڇر جو ڏينهن آهي. رات جو دير سان سمهڻ جي ڪري عابد راز جي فون تي دير سان سجاڳي ٿي. انهيءَ کانپوءِ جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿي وڃي نيرن لاءِ ميز تي ويٺاسي. آنو ۽ ايراني ماني آسانيءَ سان آجيان لاءِ ميز تي اچي ويا. وات ۾ آنو ۽ مانيءَ جو گرهه پاڻ م ليٽ پيٽ هئا. مانيءَ جو سُڪو گرهه ڏندن سان ڏاڍائيءَ تي لهي آيو، نه چٻاڙجي نه ڳيت سان ڳاري سگھجي. حالت اها هئي ڄڻ ڪڪڙ کي ڪوڏي ڦاٿل هجي.
نيرن مهل سالار اعلان ڪيو ته شام چئين وڳي ٻين زيارتن تي هلبو. مقرر وقت تي بسن ۾ سوار ٿي بيبي معصومه جي روضي ويجھو ئي بيت النور جي مقام تي آياسي. هتي معلوماتي بورڊ تي لکيل هيو ته هيءَ جاءِ بيبي معصومه جو گھر، عبادتگاهه ۽ حجرو هيو. هن ئي گھر ۾ سندن وفات ٿي. روايت بيان ڪندي ٻڌايو ويو ته پاڻ امام موسيٰ ڪاظم جي نياڻي ۽ امام علي رضا رضه جي ڀيڻ هئي. امام موسيٰ ڪاظم جي شهادت کانپوءِ جڏهن امام علي رضا رضه جن هجرت ڪري ايران جي شهر مشهد ۾ زمين خريد ڪري سڪونت اختيار ڪئي ۽ عقيدت مندن کي معرفت جو درس ڏيڻ شروع ڪيو.
بيبي معصومه رضه جي امام علي رضا رضه سان ڏاڍي دل هوندي هئي. جڏهن ڪافي عرصي تائين امام علي رضا رضه مدينه منوره نه موٽيو ته بيبي صاحبه ڪجھه خادم۽ خادمائون وٺي ايران جو سفر اختيار ڪيو. سفر مديني کان شروع ٿي شام، ڪوفي، ڪربلا کان ٿيندو اچي قم ۾ ختم ٿيو، جتي معلوم ڪرڻ کانپوءِ کين آگاهه ڪيو ويوته اوهان جي ڀاءُ کي بغداد جي خليفه مامون الرشيد زهر ڏياري شهيد ڪري ڇڏيو آهي، امام جي شهادت کي ٻه ڏينهن ٿيا آهن. اها خبر ٻڌندي ئي ان ڏک ۾ بيبيءَ جو وصال ٿي ويو، جتي ڀر واري باغ ۾ سندن تدفين ڪئي ويئي ۽ ان ئي حالت ۾ سندن موجود روضو آهي.